Home / افيئر / !نيپال: موبائل ۽ مني اسڪرٽس تي پابندي
above article banner

!نيپال: موبائل ۽ مني اسڪرٽس تي پابندي

نيپال جي ڳوٺڙي پوکارا جي اختيارين شاگردن ۾ نظم ۽ ضبط پئدا ڪرڻ لاءِ مٿن سخت پابنديون مڙهي ڇڏيون آهن. انهن پابندين تحت هاڻي ڪلاس روم ۾ موبائيل جي استعمال، ننڍيون اسڪرٽس پائڻ ۽ موٽر سائيڪل جي سواري تي پابندي آهي. اهڙين پابندين سبب اڪثر والدين ۽ شاگرد خوش آهن سواءِ انهن جي جيڪي موٽر سائيڪل سواري ڪن ٿا يا وڌيڪ فيشن ڪن ٿا. مذڪوره پابندين کانپوءِ 16 کان 18 سالن جي شاگردن کي ڪلاس ۾ موبائيل کڻي اچڻ جي اجازت نه هوندي ۽ کين موٽر سائيڪل تي به ويهڻ جي اجازت نه هوندي. اهي پابنديون پوکارا جي استادن، والدين ۽ اختيارين وچ ۾ صلاح مصلحت کانپوءِ لاڳو ڪيون ويون آهن. نيپال جي گارڊينز ايسوسيئشن جي ميمبر همراج پرل جو چوڻ آهي ته موٽر سائيڪل سواري تي پابندي ان ڪري لاڳو ڪئي وئي آهي ته جيئن شاگرد حادثي جو شڪار ٿيڻ کان بچي سگهن. پوکارا اختيارين جو چوڻ آهي ته اهي اخلاقي قدرن ۾ بهتري آڻڻ چاهين ٿا. ڇو ته ڪجهه شاگردياڻيون فيشن طور تمام ننڍيون اسڪرٽس پائين ٿيون. ان ڪري فيصلو ڪيو ويو آهي ته اڳتي لاءِ شاگردياڻيون پتلون پائينديون يا وري گوڏن کان هيٺ تائين اسڪرٽس پائينديون.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو