Home / افيئر / !نيورو وارڊ، جتي ڪوئا مريضن جون آڱريون کائي وڃن ٿا
above article banner

!نيورو وارڊ، جتي ڪوئا مريضن جون آڱريون کائي وڃن ٿا

اسان جي سرڪاري اسپتالن جو اهو الميو آهي ته اُتي مريضن جي اُها واهر نه ٿي ٿئي جيڪا ٿيڻ گهرجي خاص ڪري ڪراچي جي ٻن وڏين اسپتالن جناح ۽ سول اسپتال ۾، ۽ وري جيڪڏهن موڪلون ٿي وڃن يا عيد هجي ته پوءِ سمورا پروفيسر، ايسوسئيٽ پروفيسر، اسسٽنٽ پروفيسر ۽ باقي ڊاڪٽر سڀ جو سڀ موڪل ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهن ٿا. هونئن ئي ماهر ڊاڪٽرن جي وڏي اسپتالن ۾ جيڪا دلچسپي آهي اها هاڻي ڪنهن کان ڳُجهي نه رهي آهي. نالي ماتر فرضن جو پورائو ڪندڙ ڊاڪٽرن جو اصلي ڌيان انهي خانگي اسپتالن ڏانهن رهي ٿو جتي هو روزانو من پسند فيون وٺي رهيا آهن.

ڪراچي جي سول اسپتال جي وري اها بدقسمتي آهي جو عيد جي موڪلن توڙي ٻين موڪلن ۾ سمورا ڊاڪٽر ۽ ان جي ماتحت ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر موڪلن تي هليا وڃن ٿا ۽ داخل ٿيل هزارين مريض پوءِ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي حوالي آهن ۽ نتيجي ۾ موڪلن جي ڏينهن ۾ ڪيترائي مريض صحيح نموني علاج ۽ پر گهور نه ٿيڻ سبب فوت ٿي وڃن ٿا يا تڙپندا رهن ٿا. جنهن جو هڪ مثال ڪراچي جو نيورو وارڊ جي آهي جنهن جي زناني وارڊ ۾ عيد کان ٻي رات جو ڪوئن ڊاڪٽر ۽اسٽاف جي غير موجوگيءَ جو فائدو وٺندي ٽن عورتن قزبانو ابڙو، مهر بيبي ۽ مهر النساءَ جي پيرن جون آڱريون ۽ گوشت پَٽي کائي ڇڏيو.ڪوئن ان ڪري موقعي جو فائدو ورتو جو اُهي ٽئي عورتون اسپائنل ڪارڊ يعني ڪرنگهي جي هڏي متاثر ٿيڻ ڪري جسم جي هيٺئين حصي جي چرپر کان محروم هيون. ان بيماري ۾ ڌڙ کان هيٺيون جسم ڪم ڪرڻ ڇڏي ويندو آهي. جنهن ڪري جسم جي هيٺئين حصي بابت ڪا خبر نه پوندي آهي. بلوچستان جي ڊيرا جمالي جي علائقي کان آيل قزبانو ابڙو جو مڙس واحد ڏنو جڏهن صبح جو وارڊ ۾ پنهنجي گهر واري لاءِ ناشتو کڻي ويو ته هن کي پيرن واري حصي ۾ چادر کي رت لڳل نظر آيو ۽ هن جڏهن چادر مٿي ڪري ڏٺو ته ٻنهي پيرن جون 5 آڱريون ڪوئا کائي چڪا هيا ۽ رت ٽِمي رهيو هيو. واحد ڏنو ابڙو جڏهن اهڙي واردات ڏٺي ته هن رڙيون ڪيون پر ڪوبه ڊاڪٽر يا اسٽاف وارو موجود نه هيو ۽ ڀر ۾ ٻن عورتن مهر بيبي جيڪا پڻ بلوچستان جي لسٻيلي واري علائقي کان آئي هئي ان جي پيرن جون 2 آڱريون چٽ هيون ۽ وري ڪراچي جي مهرالنساءَ جون 3 آڱريون پڻ چٽ ٿي ويون هيون. انهن جي پيرن مان وهندڙ رت جا نشان ڪوئن جي ٻرن ڏانهن مليا. ٽنهي عورتن جي وارثن ڪوئن جي اهڙي واردات ڪرڻ تي احتجاج ڪيو پر ڪير به ٻڌڻ وارو نه هيو بعد ۾ متاثر ٿيل عورتن جا وارث سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ويا ۽ ڊاڪٽرن کي ٻڌايو ته وارڊ ۾ ڪير به نه آهي ۽ ڪوئن جي کائڻ ڪري ٽن عورتن جي پيرن مان رت وهي رهي آهي توهان هلي مرهم پٽي ڪريو جنهن تي ايمرجنسي ۾ موجود ڊاڪٽرن کين اهو جواب ڏئي واپس ڪري ڇڏيو ته هو ڪنهن به وارڊ ۾ هلڻ لاءِ پابند ناهن ۽ جيڪڏهن مريضن کي هتي کڻي اچو ته پوءِ مرهم پٽي ڪئي ويندي. ڊاڪٽرن جي اهڙي جواب تي عورتن جا وارث مايوس ٿي پنهنجي وارڊ واپس ويا جتي چوڪيدار رحم کائيندي ٽنهي متاثر عورتن جي مرهم پٽي ڪئي ۽ وهندڙ رت بند ڪيو.

سول اسپتال ڪراچي جي نيورو وارڊ ۾ علاج لاءِ آيل ٽن عورتن جي علاج جي شروعات ڪوئن کان ڪرائي وئي آهي خبر ناهي ته ان کان اڳي ان وارڊ جي هيراڪ ڪوئن الائي ڪيترن اهڙن اهڙن ڪيسن ۾ آيل مريضن جو حشر ڪيو هوندو. افسوس ان انتظاميه جو آهي جنهن جي حوالي ڪراچي جي سڀ کان وڏي اسپتال آهي ۽ ان اسپتال ۾ صفائي جي انتها اِها آهي جو ڪوئا ۽ جيت ماڪوڙا ايترا وڌي ويا آهن جو انهن مان داخل مريضن کي نقصان ٿي رهيو آهي پر پوءِ به انتظاميه ايڏي لاپرواهه بڻيل آهي جو ان معاملي جو ايتري عرصي کان نوٽيس نه ورتو آهي جو هڪ رات ۾ ٽن عورتن جون پيرن جون آڱريون کاڄي وڃن ٿيون.

ڪراچي جي سول اسپتال ۾ ئي هڪ وارڊ ڊاڪٽر اديب رضوي حوالي آهي جنهن جو نالو SIUT آهي جتي ڪڏهن ايئن نه ٿيو آهي جو عيد يا ٻين موڪلن تي ڊاڪٽر اڻلڀ هجن ۽ مريض الله جي حوالي هجن. ايس آءِ يو ٽي ۾ توهان کي هر وقت، هر موڪل ۽ ايمرجنسي ۾ ماهر ڊاڪٽر توڙي انهن جي ماتحت چوڪس عملو ملندو. ڇا ايس آءِ يو ٽي ۾ ڊاڪٽر عيد يا ٻين موڪل وارن ڏينهن تي موڪل نه ڪندا هوندا؟ ايئن ممڪن ڪونهي ڇاڪاڻ ته سڀ ڊاڪٽر واري واري سان موڪلون ڪندا آهن پر ڊيوٽيون به ڪندا آهن. پر بدقسمتي سول اسپتال جي ٻين وارڊن جي آهي جتي ڪو سسٽم نظر نه ٿو اچي.

سنڌحڪومت ڪروڙين روپيا ڪراچي جي سول اسپتال کي ڏئي ٿي پر اُتي اڃا تائين ڪو اديب رضوي ناهي جو پنهنجي پنهنجي وارڊ کي ٺاهي ۽ مريضن کي مشڪلاتون ڏسڻيون نه پون. سنڌ حڪومت ۽ ٻين اختيارين کي سول اسپتال نيورو وارڊ ۾ پيش آيل واقعي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي نه صرف صفائي سٿرائي کي بهتر ڪيو وڃي پر ڊاڪٽرن کي به پابند ڪيو وڃي ته اهي عام توڙي موڪل وارن ڏينهن تي ضرور هجن ته جيئن هڪ طرف هن قسم جا واقعا نه ٿي سگهن ۽ مشڪل حالتن ۾ مريضن جي پر گهور به ٿي سگهي.

 

منصور مغيري

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو