Home / شوبز / !پيرس ڀارت ۾
above article banner

!پيرس ڀارت ۾

پيرس هلٽن کي ڪير نه سڃاڻي؟ پاڻ وٽ سنڌ ۾ به سندس ڪيئي ديوانا ويٺا آهن، پر جي کانئن پڇبو ته “پيرس هلٽن جي ڪنهن هڪ فلم جو نالو ته ٻڌايو؟” ته همراهن کي فلم جو نالو ئي نه ايندو. سندن ڏوهه ناهي، اصل ۾ آمريڪا جي ارب پتي واپاريءَ جي هيءَ کريل ڌيءَ پنهنجين فلم سبب نه، پر “ڪِريل” حرڪتن سبب ڏيهان ڏيهه مشهور آهي. هيءَ اداڪاره، ڳائڻي ۽ ڊزائنر کُلم کُلا اهو ڪري ڏيکاريندي آهي، جيڪو ڪجهه آمريڪا ۽ يورپ جهڙن معاشرن ۾ به اخلاق جي دائري کان تمام گهڻو پرڀرو هوندو آهي. خير، هن اداڪاره جا ڀارت ۾ ته ايترا چاهيندڙ آهن، جيترا شايد ڪٿي نه هجن. سو پيرسن هلٽن پنهنجن چاهيندڙن جون دليون ٺارڻ لاءِ ممبئي جو منهن ڪيو آهي. هن مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ هوءَ ممبئي جي 3 ڏينهن جي دوري تي پهچندي، جنهن دوران هوءَ پنهنجي ڊزائن ڪيل بيگز ۽ ٻين آئٽمز جي مشهوريءَ واسطي مختلف شوز ڪندي. پيرس هلٽن پاران ڀارت جو هي پهريون دورو هوندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيرس هلٽن پنهنجن آئٽمز جي مشهوريءَ سان گڏوگڏ پنهنجن چاهيندڙن جو من پڻ موهڻ جو ارادو رکي ٿي. خبرون اهي به آهن ته پيرس هلٽن ڀارت ياترا دوران ڪرن جوهر جي شو ۾ پڻ مهمان طور شرڪت ڪندي. ڏسجي ته پيرس هلٽن ڀارتي دوري دوران ڪهڙا ٿي گُل کلائي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو