Home / ڪور افيئر / !پ پ، پناهگير ۽ توا ٽنگيل سنڌ جي ڪاوڙ
above article banner

!پ پ، پناهگير ۽ توا ٽنگيل سنڌ جي ڪاوڙ

گهڻو پراڻي نه، ٻه ڏهاڪا اڳ جي ڳالهه آهي. امان سياڻيءَ جو پُٽ، منهنجو لکاري دوست، گهر ڀاتي وٺي ڪراچي گهمڻ آيو. ايم اي جناح روڊ تي، سَيون ڊيز اسٽاپ وٽ، شاهراهه تي هلندڙ سوين گاڏيون ڏسي عورتن ۽ ٻارن سڙڪ پار ڪرڻ کان نابري واري. همراهه امتحان ۾ پئجي ويو. سَمَڪَ آيس ۽ رڪشا ڀاڙي تي وٺي، ماڻهو ٻئي طرف ٽپايائين. هي سٽون چوڏهين آگسٽ ٻه هزار يارهن جي باکاٽي لکيون پيون وڃن. ڪالهوڪي احتجاج دوران روڊ جي ساڳئي سيون ڊيز واري هنڌ جو منظر سڌو سنئون ٽيليوزن تي خلق ڏٺو. امان سياڻيءَ جون نياڻيون. ڏهه ٻارهن کن ۽ ڪجهه ٻَارَ، ڇوڪرا. بئنر کڻي، نعرا هڻندي شهرن جي سڀ کان مصروف رستي تي، پُراڻا ٽائر ساڙي شاهراهه بند ڪري ڇڏيائون. چوڌاري، پوليس ۽ رينجرز جي اٽالن جي موجودگيءَ ۾. تبديلي ٻيو وري ڇا کي چئجي؟

پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾، پرڳڻي جو مصروف ترين رُوٽ W-11 آهي. نيو ڪراچي جي اُترين ڪنڊ الله والي کان ڏکڻ پاسي سمنڊ تائين. ساڍيون چار سو مني بسون چوويهه ڪلاڪ هلن ٿيون. منٽ منٽ تي گاڏي. گهڻي ڀاڱي پناهگير اڪثريت وارن علائقن مان گذرندڙ. گوڌرا، واٽر پمپ، لالوکيت، ٽي هٽي، ايم اي جناح روڊ…. سڀ جو سڀ ايم ڪيو ايم جي چُست عهديدارن جي ملڪيت. ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر پڻ نيو ڪراچي ۽ لالوکيت جا رانگڙ ۽ تيلي. ٻيو نمبر وڏو روٽ D7 جو آهي. لانڍي قائدآباد کان سُپر هاءِ وي تائين. تنهن راهه وري پٺاڻ مالڪن جون بسون. عملو پڻ آهي. گرمي سردي، رات ڏينهن، مينهوڳي توڙي وڳوڙ وارين گهڙين ۾، بيگاهه وقتن تي راويءَ کي ٻنهي گاڏين ۾ سفر ڪرڻ جو موچارو تجربو آهي. D7 تي مقرر همراهه نسوار کائڻ جا هيراڪ ته W11 تي ڪم ڪندڙ پان ۽ گُٽڪو واپرائيندڙ. D7 جي روٽ تي جيترو پناهگيرن جو علائقو اچي ٿو، W11 جي رستي ۾ اوترو وري پٺاڻ جو. شهر جي ٽرانسپورٽ ۾ مُهاجرن جو ڀاڱو W11 جي صورت ۾ ڏسڻ اچي ٿو. ڪيتريون به هڙتالون ٿين. گاڏيون سڙن. اهو روٽ بند نه ٿئي. D7 اڃا به بيهي وڃي. ڪراچيءَ جي هڪ وڏي ڪميونٽي جي بي حسي تڏهن نهارڻ وٽان هجي جڏهن شهر جي ڪنهن حصي ۾ بم ڦاٽي، ريءَ گناهه انسان مرن. رتوڇاڻ جاري هوندي به W11 جي گاڏين ۾ انڊين گانن جي ڌُم هوندي. مُني بدنام… ڪندا رستن تي پيا ڪُڏندا. ويندي سندن همراهه به_ هتي يا ولايت ۾_ هلي پون. ڏوڪڙ پيا ڪمائيندا.

ٽرانسپورٽ اتحاد جا به ايترا پابند نه آهن. ان تنظيم ۾ پٺاڻن جي گهڻائي آهي. فيصلو ٿيو ته فلاڻي ڏيهاڙي گاڏيون بند ڪبيون پر W11 پئي هلندي. سواءِ ‘قائد’ جي حڪم جي. ڦيٿا روڪ جو اشارو ٿيو ته سڀ بسون بيٺل. فارغ ٿيل هزار کن همراهه شهر۾ پکڙجي ويندا. پٺاڻن جي گاڏين کي تيلي پيا ڏيندا. تيرهين آگسٽ تي احتجاج جي سڏ تي اي اين پي به ڪنڌ نمايو. پناهگيرن وٽان مزاحمت اوس هئي. W11 روٽ هلندو رهي ها. ڪُپت ڀريل اردو ميڊيا سدائين وانگر انهن بسن جا فوٽيج ڏيکاري لوڪ کي تاثر ڏئي ها ته ڪراچيءَ ۾ مڙيوئي خير هئو. ايم اي جناح روڊ تي مسافرن سان سٿيل ساڍيون چار سو بسون گهمنديون رهن ته ڇا سمجهبو؟ يقين سان ٿو چئجي ته ڪنهن سنڌيءَ جي عقل کان سرس پختون بدلي جي باهه هئي جڏهن ٻارهين تاريخ جي شامڙيءَ ڪياماڙي منجهه W11 گاڏيءَ کي ساڙيو ويو. ساڳيو ڪيميائي مادو اُڇلائي جيڪو 12 مئي 2007 ع تي ايم ڪيو ايم وارن وڪيلن جي بلڊنگ رک ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو هئو. افسوس جو هڪ ماڻهو باهه جو بک ٿي ٿڏي تي مري ويو ۽ ٻيا الاهي ٻارڻ ٿي اسپتال ڀيڙا ٿيا. واقعي جي نندا ڪندي ٿو لکجي ته اهو ڪئي جو ڪيتو هئو. پناهگيرن جي کوهه جي ڏيڏر مثل ٽان ٽان سڀني آڏو آهي.

ايم ڪيو ايم وارا سياسي ۽ نظرياتي هجڻ جو ڏيک ٿا ڏين. جمهوريت پسند ۽ سيڪيولر مڊل ڪلاس جي جماعت ٿا ڪوٺائين. وڏيرن ۽ جاگيردارن جي خلاف ٿا ڳالهائين. رونشي ڪوڏيا، لُوسي ۽ ويڪائو کوڙ سنڌي، پٺاڻ، پنجابي ۽ بلوچ پڻ سندن ڪوٺ تي هنبوڇيون پيا هڻن. کين ضرور معلوم هوندو ته ڪراچيءَ جي عام پناهگير سان ئي سندن ڪيترو ٻاجهه ڀريو رويو آهي. زميندارن جي ڏاڍ مخالف ڄاڙي هڻندڙ سُوٽيل ٻُوٽيل حق پرستن جو ناحق نئين ڪراچي ۽ لالوکيت، ناظم آباد اچي ڏسجي. خلق هيانءُ ڏاريندڙ خوف جي ڇَانوَ ۾ رهي ٿي. انتظار آهي ته اها اهڙي ڊِڄَ کان پاڻ ٻاهر ڪڏهن ٿي نڪري. باقي رياستي ادارن کان واهر جي آشا ئي اجائي آهي. کين سياسي محاذ تي ايم ڪيو ايم جهڙي ڌُر جي وڌيڪ گُهر آهي.

سائين جي ايم سيد جي ٿڌي گهڙي مان پيالو پيئڻ باوجود اسان سڀني وٽ پيپلز پارٽيءَ لاءِ نرم گوشو رهيو آهي. قومپرستن جي اليڪشني سياست کان پاسائتو هئڻ ڪارڻي پ پ کي ووٽ ڪندا رهيا آهيون. هر دفعي ڪجهه نه حاصل ٿيڻ ۽ سنڌ سان غدارين کي ڏسڻ کانپوءِ به. ڪراچي جي پناهگيرن جي اُبتڙ پاڻ وٽ اهو حق الاهي سارو رضا جو سودو آهي. ڀلا ڪنهن کي ڏجي؟ جاڳ پنجابي جاڳ وارن کي؟ نه ڏيڻ وڃجي ته به ٺپا لڳي ويندا_ اها سوچ رهي آهي جنهن مان ڀرپور منافعو پيپلز پارٽي وارا وٺندا رهيا آهن. وقت ثابت ڪيو آهي ته مٿيان ويچار دوست نه آهن. هر ڀيري ڪنهن نه ڪنهن شهيد جو معاملو پڻ آڏو اچي ٿو. سنڌ جو اولاد ڄاڻائي، ڀُٽا شهيد سامهون آڻي، پاڻ کان ووٽ ته ڌرتيءَ جي نالي ۾ وٺي ٿا وڃن پر سرڪار ٿيڻ بعد وفاق جي تسبيح پڙهڻ شروع ڪيو ڏين.سنڌي لوڪ جي مفادن خلاف ڪو به فيصلو ڪندي دير نه ٿا لڳائين. هاڻ ته وطن جي ورهاڱي لاءِ تيار بيٺا آهن. چٽي ڳالهه آهي ته صدر زرداريءَ جي سرچاءَ واري پاليسي، اقتدار بچائڻ ۽ ڏوڪڙ ميڙڻ خاطر آهي. سنڌ جا سپوت ڪوٺي مرزا، دُراني، قائم علي شاهه، خورشيد شاهه جهڙن واگهن کي بچائڻ لاءِ ڪاڻ آهي. هڪ هڪ وزير، ايم پي اي يا ايم اين اي ڇا نه ڪيو آهي؟ صوبي جي رڳو مڪاني ادارن واري لاٽ صاحب ۽ سندس ڍولوءَ جو کرڙو پڌرو ٿئي ته کوڙ روڊ رستا، پاڻيءَ جون اسڪيمون، ناليون، گٽر بنا چٻاڙڻ جي نڙيءَ کان لٿل ملندا. ورڪس ڊيولپمينٽ کاتو. گهرو وزارت… عَالُوءَ جي آڪهه!

هن دفعي صورتحال هيئن به مختلف آهي. پ پ جي رُسوخ رکندڙ ليڊر صاحبان وٽ ڪرائي جا قاتل اچي ويا آهن. اها روش هنن ايم ڪيو ايم وارن کي ڏسي اپنائي آهي. اڳ ڪراچيءَ جي وڳوڙن ۾ هٿيار پناهگير ۽ پٺاڻ ڌرين پئي استعمال ڪيو.هاڻ رڳو ايئن نه آهي. رتوڇاڻ ۾ پيپلز پارٽي به پَتي ڳنڍي چڪي آهي. شروع ۾ رحمان ڊڪيت ۽ خالد شهنشاهه مارجي ويا. امن ڪاميٽي ٺهي ۽ پوءِ اها پ پ ۾ ضم ڪئي وئي. هر وزير، ڪارندي ۽ دادلي ڪاموري وٽ ماڻهو، آهن. ڪلفٽن، ڊفينس ۽ گلشن جي مهانگن بنگلن ۽ فليٽن ۾ ورهايل. ڪيترن کي ته پوليس جو ايڪسارٽ مليل آهي. وٽن اڻ کٽ هٿيار ۽ واٺن جا هشام آهن. سرڪار جا نمائندا کين وقت اچڻ تي اشارو ڪن ٿا. اهي ٻاهر نڪرن ٿا ۽ گولين جي بوڇاڙ ڪيو، عياش گهرن ڏانهن موٽيو وڃن. شراب جا ڪريٽ، خوبصورت بُت ۽ روپين جا ڍڳ_ سڀ ڪجهه مُيسر اٿن. ڏک جهڙي ڳالهه ته سندن ان طرح جون ڪارروايون سنڌين پاران تشدد ڄاڻائي، رستي ويندڙ اسانجي ماڻهوءَ جي خون جي شڪل ۾ موٽ ڏني پئي وڃي. اها مافيا جي ٻولي آهي. هڪٻئي سان خبرون چارون معصوم شهرين جي رت ٽمائڻ جي زبان ۾ ڪيون وينديون آهن. ايم ڪيو ايم وارن کي به پتو آهي ته عام سنڌي منش جو مرزا جي ماڻهن سان ڏيڻ نه وٺڻ. پر ڊاڪٽر ذوالفقار جي گهٽ وڌ ڳالهائڻ جو جواب چوويهه ڪلاڪن تائين موت جي راڪاس جي رسي کولي ڏنو ويو. ڏوهاري مافيا ۽ ان جا سياسي جُبا. الطاف حسين سنڌي قوم کي گار گند ڪيو. مرزا ۽ حڪومت لاءِ ڪو به تڪڙو انديشو نه ثابت ٿيو. مرزا جا ويهاريل ڪو نه نڪتا. قومپرستن سنڌ کي ورهائڻ خلاف احتجاج جو سڏ ڏنو. پ پ وارن کي شرمسار ڪرڻ لاءِ توا ڪڍي آيا. تڪڙوئي دُرانيءَ ڳالهايو_ اسان کي موٽ ڏيڻ اچي ٿي. شڪارپور جو پٺاڻ جواب۾ تغاري کڻي ايندو؟ اوهان ڇا ٿا سمجهو؟

ٻارهين آگسٽ جي سانجهيءَ W11 کي ساڙڻ کانپوءِ پٺاڻن ٻئي صبح اردو ميڊيا وٽ اهڙي فوٽيج نه ڇڏي جنهن وسيلي هو ايم اي جناح روڊ تي ٽرئفڪ روان دوان ’ ڏيکاري سگهن. پناهگيرن ڏي پيغام ويو ته_ بس هاڻي وڌيڪ نه! پ پ وارن جا ڀاڙيتا هٿيار کڻي ٻاهر نڪتا. هر هنڌ فائرنگ ڪري اهو تاثر ڏنائون ته سندن ڏونئرن ۾ سگهه آهي جو هو صدر جا دوڪان کولرائي سگهن. قوم پرستن جا رانديڪا ڪنهن کان ڳجها آهن؟ پر اهو پٺاڻ واپاري هئو جنهن پناهگير دُشمنيءَ ۾ ڪاروبار بند رکڻ جو پَههُ ڪري ڇڏيو. تيرهن آگسٽ جي ڏينهن قوم پرستن مٿان مرزا جي ماڻهن کي مينهن وسائڻو هئو. ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي وارن کي اها ڄاڻ هُئي. روزو رکي سمهي پيا۽ منجهند جو پير صاحب جي حاضريءَ ۾ ڪنگري هائوس اچي رسيا. سندن ابابيل مٿي گهڻو مٿي پئي گهميا. مخلتف جُلوسن مٿان فائرنگ جا واقعا سول وار پئدا ڪرڻ جا جتن هئا جنهن کي روڪرائڻ جي پناهگيرن ۽ پٺاڻن کي ڪهڙي ضرورت هئي؟

تيرهين تاريخ وارو رد عمل هن ريت به يگانو هئو جو اهو خالص هڪ ٽيڪنيڪل ۽ انتظامي قدم خلاف هئو. جذباتي پاسو سنڌ کي ورهاڱي کان بچائڻ هئو. اڳ نه ته اسان جو ماڻهو ڀٽن جي شهادت ۽ قادر مگسي جي گرفتاريءَ ۾ مخالف ڪروڌ سانڍي ٻاهر نڪتو هئو. پاڻ وارو وچولو طبقو اڳي کان سگهارو نظر ٿو اچي. پناهگيرن وانگر خوف ورتل نه آهي. شرارتن باوجود سول وار جي واٽ نه ورتائين. پيپلز پارٽيءَ جي قيادت وٽ ڪڌائپ جي گنجائش گهٽائي ڇڏي اٿائين. هاڻ ڪارا تَوَا کنيا اٿائين پر جي ڌرتي ماتا جي وجود ۾ چڪ پائڻ جي ٻيهر ڪوشش ٿي ته مٿس مَيارَ نه هوندي. تڏهن پَڪَ سان، مرزا ۽ دُرانيءَ جا ويهاريل به ڪم نه ايندن. گهٽ ۾ گهٽ هفتو ٿيو آهي جو متحده جا سانول ڪا ٻولي نه پيا ٻولين. پ پ ۽ قومپرستن جي ڇڪتاڻ کي چپ ڪري ڏسڻ کان وڌيڪ ششدر هئڻ کپن. عام سنڌي ٻاهر نڪري آيو آهي. ڏوهاري ڪيترو به طاقتور هجي اخلاقي سگهه رکندڙ نه هوندو. ڌرتي ڌڻي قانوني وارث آهي. جنهن ٻار جي ماءُ جا ٽوٽا ٽڪرا ٿيندا هجن سو ڪاڳر کي تيلي به نه هڻندو ڇا؟ اڳتي گهڻو اڳتي هليو ايندو_ کانئس ڪا به توقعرکي سگهجي ٿي

 


 


below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو