Home / ڪور افيئر / !پ پ: پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب
above article banner

!پ پ: پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب

ايم ڪيو ايم جي سرڪار ۾ واپسي ٿي وئي. سنڌ جي گورنر جي واپسيءَ سان ئي اندازو ٿي ويو هُو ته ايم ڪيو ايم سرڪار ۾ واپس ايندي. پر راءِ عامه پنهنجي حق ۾ ڪرڻ لاءِ آهستي آهستي قدم کنيا ويا. پر ايم ڪيو ايم جي سرڪار ۾ هن ڀيري شموليت اهڙي ماحول ۾ ٿي رهي آهي جڏهن ڪمشنري نظام ٻيهر بحال ٿيو. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي پراڻي حيثيت بحال ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر ٻنهي شهرن کي آمراڻي نظام جي حيثيت ۾ واپس اماڻيو ويو. ايم ڪيو ايم جي سرڪار ۾ اچڻ کان اڳ هن ڀيري سنڌ ۾ وڏي زبرست هلچل مچيل آهي. ڪمشنري نظام جي خاتمي خلاف ڪراچي کان ڪشمور تائين قومپرستن جي اتحاد سنڌ بچايو ڪميٽي جي سڏ تي هڪ زبرست هڙتال ڪري سڄي سنڌ هڪ ٿيڻ جو ثبوت ڏنو آهي.

سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ پاڻ لاءِ “زوال” کي پاڻ دعوت ڏني ۽ ايم ڪيو ايم پڻ سنڌي عوام جي آڏو کُلي سامهون آئي. پيپلز پارٽيءَ اندر پڻ اختلافن جي هوا گُهلي چُڪي آهي. ايم پي ايز قيادت کي سنڌ اسيمبليءَ ۾ گورنر جي آرڊيننس کي ايڪٽ جي صورت ۾ منظور ڪرڻ کان جواب ڏنو. پيپلز پارٽيءَ جو سنڌي ووٽر جذباتي آهي. سنڌي ميڊيا، سنڌ جو مڊل ڪلاس ۽ اهو سڄو لڏو جيڪو خداڪارڻ پيپلز پارٽيءَ جو حامي هوندو آهي اُهي سڀ جو سڀ خلاف ٿي بيٺا آهن. پيپلز پارٽيءَ جا “هيرو” هڪ رات ۾ “زيرو” ٿي ويا. سمورا “بادشاهه” گولن هٿان شڪست کائي ويا. هڪڙا عوام کان لڪي ويا ته ٻيا وضاحتون ڪري جان ڇڏائڻ ۾ پورا رهيا. پر بدين ۾ سم نالن کان آيل ٻوڏ ۾ ڄڻ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻڻ جون سڀ وضاحتون ۽ سڀ ڀَڀَڪيون لڙهي ويون.

قومپرستن تي تنقيد گهٽ ۾ گهٽ هن ڀيري ڏاڍي ڪمزور رهي ۽ ايم ڪيو ايم کي سرڪار ۾ شامل ڪرڻ جو جواز کان به ڪمزور ثابت ٿيو. ڇو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي منٿ ميڙ ڪري يا سازشن جو شڪار ٿي سرڪار ۾ شامل ڪرڻ جو مطلب امن قائم ڪرڻ آهي ته پوءِ اهڙو فارمولو “فراڊ” ثابت ٿيو. اڄ ڪراچيءَ اندر پيپلز پارٽيءَ جي اهم اڳواڻن ۾شديد مايوسي آهي. پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري سعيد غني ڪجهه عرصو اڳ استعيفا ڏئي ڇڏي هُئي بعد ۾ کيس سمجهائي واپس آندو ويو. پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر کليل لفظن ۾ ڪمشنري نظام جي خاتمي ۽ مشرف جي مڪاني نظام جي بحاليءَ کي “ڪارو فيصلو” سڏيو. پيپلز پارٽيءَ جي اهم اڳواڻن 18 هين ترميم جي خالق سينيٽر رضا رباني پڻ رات جي پيٽ ۾ آرڊيننس جاري ٿيڻ کي مشرف دور جو تسلسل سڏيو. هن سڄي وايو منڊل مان صاف ظاهر آهي ته پيپلزپارٽي پنهنجي گرائونڊ تي پنهنجي راند هارائي رهي آهي. سنڌي ماڻهو هاڻي شايد وڌيڪ تماشائي بڻجڻ لاءِ تيار ناهي. ايندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جو ڪوبه متبادل نه هوندو اها ڳالهه سو سيڪڙو سچ آهي. ممڪن آهي ته ماڻهو “ووٽ” ڪنهن مجبوريءَ جي بنياد تي ڏئي جيئن ڪراچيءَ جو ووٽر مجبور آهي پر سنڌ جي مامري تي سنڌي ماڻهو پيپلز پارٽيءَ جو ووٽر هوندي به جذباتي آهي. جيئن ته پيپلز پارٽيءَ هميشھ انهن جذبن کي “سنڌ ڪارڊ” جي صورت ۾ پنهنجي کيسي ۾ رکيو آهي پر حالتون تيزيءِ سان تبديل ٿي رهيون آهن. عوام اندر قوم پرستي يا سنڌ پرستيءَ جو رجحان حالتن سبب وڌي رهيو آهي. ممڪن آهي ته عوام سنڌي قومپرستن کي ووٽ نه ڏئي پر سنڌ خلاف به ووٽ برداشت نه ڪندو.

ڪراچي ۾ مُهاجر صوبي جي مطالبي ۽ ان کانپوءِ وري ڪمشنري نظام جي خاتمي ماڻهن کي وڌيڪ “سنڌ پرست” بڻايو آهي. ڇو ته ڪراچي جي ديوارن تي مهاجر صوبي جا نعرا ڪمشنري نظام جي بحاليءَ کان ٻئي ڏينهن لکيا ويا. نعرا لکندڙن پيغام اهو ڏنو ته ڪمشنري نظام جي عيوض “مهاجر صوبو” مهاجر صوبو معنيٰ ڪراچي ۾ ٻين قومن جو قتل عام. پيپلز پارٽي هن صورتحال ۾ ڊڄي وئي. شهري سرڪار جي خاتمي عيوض سنڌ ورهائڻ جا آواز بلند ٿيا. اها هُئي اردو ڳالهائيندڙن جي سنڌ ڌرتيءَ سان وفا. “مهاجر صوبه ضروري هي” جي نعري سالن کان گهٽ ٿيندڙ ويڇن کي ٻيهر وڌائي ڇڏيو آهي. سنڌي ماڻهو هاڻي اهو سمجهي رهيو آهي ته اڳي پوءِ اردو ڳالهائيندڙن کي ڪراچي الڳ ڪرڻ يا سنڌ جي ورهاست واري مطالبي تي اچڻو آهي.

1992 ۾ ايم ڪيو ايم خلاف شروع ٿيل فوجي آپريشن ۾ جناح پور جا نقشا فوج منظر عام تي آندا هُئا. بعد ۾ وري 1994 ڌاري اڳوڻي وفاقي گهرو وزير نصير الله بابر پڻ اهڙا انڪشاف ڪيا هئا ته ڀارت ۾ تربيتي ڪئمپون آهن ۽ اتان کان سنڌ جي ورهاڱي جي رٿا تي عمل ٿي رهيو آهي. اهوئي سبب هُئو جو ڪراچي ۾ تڏهن دهشتگردن خلاف آپريشن ڪرڻ وقت ڪراچي جو سڄو مواصلاتي نظام بلاڪ ڪيو ويو هُئو. پر هاڻوڪي سرڪار پنهنجي سڄي عرصي ۾ ڪراچي اندر دهشتگردن خلاف ڪا موثر ڪاروائي نه ڪري سگهي آهي. اِهو خود هڪ وڏو مثال آهي ته ڪراچي ۾ دهشتگرديءَ پٺيان سياسي مفاد ۽ سياسي پارٽيون آهن. انساني حقن جي عالمي ڪميشن جي رپورٽ ۾ چيو ويوآهي ته ڪراچي ۾ هاڻي زون بڻجي ويا آهن. هڪ زون وارا ٻئي زون واري کي داخل ٿيڻ نه ٿا ڏين. پران جو شڪار عام ماڻهو ٿئي ٿو. لياري مان نوجوانن کي اغوا ڪري ٻين هنڌن تي کين قتل ڪري لاش اڇلايا وڃن ٿا. تازو پ پ جو اڳوڻو ايم اين اي واجا احمد ڪريم داد به لياري ۾ قتل ڪري ويو. لياري مان پيپلز پارٽيءَجون سياسي پاڙون اکيڙي سندس ڏوهاري رنگ کي اڀاريو پيو وڃي. محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو سان سڀ کان وڏو اختلاف اِهو هُئو ته ڏوهاري عنصر سياست مان اڳ ڪيو. هٿياربند سياست عوامي طاقت کي ڪمزور ڪندي آهي. اڄ ڪراچي ۾ هٿياربند سياست ٿي رهي آهي. عسڪريت مضبوط ٿيڻ انهن ٻين قوتن لاءِ ڏاڍي فائديمند ثابت ٿيندي جيڪي سياست هٿيارن جي زور تي ڪنديون آهن. پر ڪراچي ۾ هاڻي هر قوم پنهنجي بقا ۽ سلامتيءَ لاءِ هٿيار خريد ڪرڻ کي اوليت ڏئي رهي آهي. اها راءِ سچ آهي ته ڪراچي بيروت بڻجي رهي آهي يا هتي فلسطين جهڙي صورتحال پئدا ٿي رهي آهي.

ڪراچي ۾ پٺاڻ، پنجابي، سڀ جو سڀ هٿيار خريد ڪري رهيا آهن. سنڌي سڄي صورتحال ۾ ويڳاڻا آهن ته ڇاڪن. ڪراچيءَ جو سنڌي گهڻو ڪري نوڪري ڪندڙ آهي يا پورهيت آهي. وٽس سياسي سُڌٻڌ هوندي به وٽس ليڊرشپ ناهي. هُو ڪنهن جي پٺيان هلي. سنڌي قومپرست جيڪڏهن همت ڪن ته اُهي ڪراچي جي سنڌين جي مالڪي ڪري سگهن ٿا. جيئن پٺاڻن جي مالڪي عوامي نيشنل پارٽي ڪئي آهي. ڪراچي جا سنڌي ۽ بلوچ پيپلز پارٽيءَ جا ووٽر آهن پر هاڻي کين اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي “مفاهمت” سندن مالڪيءَ آڏو سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻجي وئي آهي ان ڪري کين پنهنجي وجود جي بقا لاءِاڳيان وڌڻو پوندو.

 


 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو