Home / افيئر / !رفيق حريري قتل ۾ حزب الله ملوث قرار
above article banner

!رفيق حريري قتل ۾ حزب الله ملوث قرار

گڏيل قومن جي تحقيقاتي ٽربيونل 2005 ۾ بيروت جي هڪ شاهراهه تي بم ڌماڪي ۾ لبنان جي اڳوڻي وزير اعظم رفيق حريري جي مارجي وڃڻ واري ڪيس ۾ شيعا ويڙهاڪ تنظيم حزب الله کي ملوث قرار ڏنو آهي. ٽربيونل پنهنجي جاري ڪيل رپورٽ ۾ ان حوالي سان چئن ڄڻن تي فرد جرم لاڳو ڪيو آهي، انهن جو تعلق حزب الله سان آهي. انهن تي رفيق حريري کي قتل ڪرڻ سميت 22 ماڻهن کي بم ڌماڪي ۾ مارڻ جي حوالي سان فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. ٽربيونل جو چوڻ آهي ته انهن ملزمن تي رفيق حريري قتل ڪيس هلائڻ جي سلسلي ۾ ڪافي ثبوت موجود آهن. اهو ڪيس مذڪوره ملزمن جي غير موجوگي ۾ هلايو ويندو ڇو ته ٽربيونل جي بار بار درخواستن باوجود لبناني حڪومت انهن ملزمن مان ڪنهن هڪ کي به گرفتار نه ڪيو آهي. لبنان تي هن وقت حزب الله جي حمايت يافته حڪومت آهي. جاچ ڪندڙ جج ڊينئل فرينزن 20 هزار صفحن تي ٻڌل فرد جرم جا 47 صفحا شايع ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ان موجب انهي عمل جي نگراني حزب الله جو اهم اڳواڻ مصطفيٰ بدرالدين ڪري رهيو هو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو