Home / ڪور افيئر / !سڄڻ جيئرا جاڳندا
above article banner

!سڄڻ جيئرا جاڳندا

 

مانواري شاهاڻي جا هي ٻه ويچار به ڌيان طلب آهن. هڪ ته، پاڻ سرد جنگ جي زماني کان اڃا ٻاهر نه نڪتا آهيون. جڳ جهان ۾ طاقت جو توازن ٻيءَ ريت ٿي چڪو. آمريڪي ۽ روسي بلاڪ ڪڏهوڪو ختم ٿي ويا. نظرياتي لحاظ کان صف بندي باقي نه رهي. اسين هن مهل تائين آمريڪا مخالف سوچ جي انداز کان آجا نه ٿي سگهيا آهيون. سوشلزم ۽ سرمائيداراڻي نظام جون وڇوٽيون اندر ۾ جو پيهي ويون سي هيئرن به سايون آهن.

ڇاڪاڻ ته هو گهڻي قدر معروضي پهچ رکندڙ آهن. تنهن ڪري هتان جي قومي تحريڪ ۾ ڇڙواڳيءَ جا ڪارڻ منجهس اندر گهٽ ۽ ٻاهران گـُديل وڌيڪ ٿو ڀانئي. سندس چواڻي- آجپي پسند قافلي کي بنهه اڻ محسوس طريقي سان مقصد کان ٻئي پاسي ڌڪيو ويو. ڏوڪڙن جي چِلڪَ ۽ ٺٺ ٺانگر جي مستيءَ جهڙا ٽول ڪتب آڻي قيادت کي هٿ وٺي ڪرپٽ ڪيو ويو. مٿانئن ليڪ ڪڍي چٽو ڪيو ويو ته هو ڪهڙا ڪم ڪري سگهن ٿا ۽ ڪنهن طرح جي خفي ۾ پوڻ جي ڪوشش ئي نه ڪن. ڀتو وٺن، ڀنگ لاءِ ماڻهو اغوا، قبضا، چوريون، ڌاڙا، رياست هنن ڏانهن اک کڻي نه نهاريندي. ريل جي پٽڙي جو نٽ کوليندا_ اها حرڪت ۾ اچي ويندي، تحريڪ منجهه تنظيم سازي جي راهه پڻ ايئن روڪي وئي.

ٻن مهينن ۾ طارق عالم ۽ حسن درس جي وڇوڙي، راويءَ کي موڙيو آهي ته مئي پڄاڻان پروفائيل لکجن پر جيئري هوندي پڻ انسان جا گڻ ۽ اوگڻ گفتگوءَ جو ڀاڱو ڪرڻ ۾ نه ڪيٻائجي. ايئن نه ڪرڻ به ته اسان جي سرد جنگ واري مزاج جو اولڙو آهي. تنهن کان جي جان آجي ڪجي ته هاڃو ڪهڙو. سياسي ۽ ساڃاهه وند لڏي کي بحث ۾ آڻڻ جو هڪ ٻيو سبب آهي_ ڪراچي. شروع کان سنڌ جي بيچينيءَ جو محور حيدرآباد رهي آهي. قومي ڪارڪنن توڻي ليکڪ ان شهر جي چوڌاري گهمندا رهيا. اتي ئي سندن تربيت ٿي ۽ اوڏانهن ئي هنن جي سرگرميءَ جو ڪلو کتل رهيو. هوريان هوريان اهو مرڪز ڪراچيءَ منتقل ٿيڻ لڳو. ڪارڻ پڌرا آهن. مکيه ته سنڌ جي راڄڌانيءَ جي هٿن مان نڪري وڃڻ جو خوف، سموري سنڌ نهايت توجهه سان نهاري رهي آهي ته هر ڏهاري اتي اٿندڙ واچوڙن ڏانهن قومي تحريڪ جو رد عمل ڇا آهي. ان ڳڻتيءَ جو حصو جيڪڏهن ڪا ڌر ناهي سا آهي پيپلزپارٽي. ڪرڀ ڏياريندڙ مفاهمتي پاليسي ۽ ڏوڪڙ ميڙ کين واپس اسان جي ووٽروٽ ڪنڌ مٿي کڻڻ جهڙو نه ڇڏيو آهي. پوءِ به کٽي اچن، مڙئي خيرآ!.

لڳي ٿو ڄڻ ته معاملا نئين سرجوڙجڪ ۾ آهن. نوي جي ڏهاڪي کان نراسائيءَ جو شڪار ٿيل يا اين جي اوز طرف کسڪي ويل اڳوڻا قومي ورڪر ٻيهر سياست ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن. ايترو سو فرق آهي ته هاڻ اهي اُڃيا، بکيا، سـُڃا، بـُڪي ٺوڪ نه آهن. پئسو ڪيئن آين، اهو وري جدا بحث آهي. اڳواڻن کي منجهائن اهڙي چونڊ ڪندي ڏکيائي پيش ايندي ته ڪهڙو ڀتي خور چڱو آهي ته ڪير اغوا جي وارداتن کي ڪارائتي انداز ۾ سرانجام ڏئي سگهندو. ڊيولپمينٽ سيڪٽر جو هڪ اهم نالو نصير ميمڻ آهي. “سياست سڀ کان اتم ڪم آهي” سندس واتان ٻڌم ته ننهن کان چوٽيءَ تائين سرشار ٿي ويس. وضاحت ته فڪشن جي دنيا جو مون پارو قنوطي رهواسي سياسي عمل کي موچاري ڪرت ناهي سمجهندو. پر اهو اعتراف ضرور ته عوامي هلچل کانسواءِ اسان جي قومي، ثقافتي جيئدان لاءِ موجود خطرا نه گهٽائي سگهبا. هتي اقتصاديات بلڪل به نه ٿي وسارجي.

ٿنڪ ٽئنڪ جي مختصر ماڻهن جي غيررسمي گڏجاڻي هئي. نهايت عزت لائق صحافي جي اين مغل جي موجودگيءَ ۾. سرگرم سياسي ڪارڪنن ۾ بشير قريشي وٽ ميرٽ ته پاڻ سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ رسي ووڙ ڏني اٿائين. اها کيڙي اجائي نه ويندي. اوس ڪوئي گونچ،سلو، گل منجهانئس ڦٽي نڪرندو. قريشيءَ سان اختلاف هجي سگهن ٿا. مون وٽ به آهن. صرف هو نه پر سموري قومي تحريڪ کي ڪراچي مٿان اٿندڙ ڪارونڀار سان منهن سامهون ٿيڻ ڪاڻ نئين سر ترتيب مان گذرڻو پوندو. هر طرح جي ڇنڊڇاڻ جي آجيان ڪرڻي پوندي. ڪراچي کي ڌار ٿيڻ کان نه بچائي سگهڻ ڌرتي ماتا جي برباديءَ کي اکين آڏو ڏسڻ آهي. جسقم جو جنرل سيڪريٽري آصف بالادي، اسان جي ڏاهپ ۽ سياسي جـُهد وچ ۾ مضبوط پل آهي. ته بشير قريشي عوام ۽ ساڃاهه وندن درميان پختو رشتو قائم ڪري سگهي ٿو. ٻنهي ۾ اڻ ڳڻيون صلاحيتون آهن. عام انساني ڪمزوريون پڻ. اوڻايون جيڪي پاڻ سڀني ۾ آهن ۽ شايد اڃا وڏي اڀار سان. قريشي ۽ بالاديءَ جي سنگ ۽ اوجاڳن جو ڦل، آرس ڀڃي اٿندڙ وطن کي وڏي سگهه ڏيندو. وري ٿو لکجي ته ڪردار جي اڻهوند جو ڏوراپو جڏهن سياست وارن کي ٿو ڏجي ته اسان مان هرهڪ کي سـَندي ڇاتيءَ منجهه به نهارڻو پوندو. تن کي به جيڪي نالي ۾ نهال ڊيولپمينٽ سيڪٽر ڏانهن هليا ويا ۽ مون پارن کي پڻ جي گهر ويٺي ٺڪاءَ پيا ڇڏين.

ڄاڻايل ويهڪ دوران گفتگو ريڪارڊ ڪرڻ جهڙي هئي. سامهون بشير قريشي، آصف، حميد سبزوئي، همسفر گاڏهي، محمد خان شيخ ۽ ٻيا هئا. ڪراچيءَ ۾ روان رت جي راند، پناهگير صوبي جي ڳالهه، جنگ وارن سميت اردو ميڊيا جا سنڌ مٿان ٻيهر نروار ٿيندڙ ڪرم، بحث هيٺ ايندا رهيا. اسان جي مزاحمتي حڪمت عملي، اهنسا پڻ، اصلاح جي واٽ هلندڙ نصير ميمڻ جي واتان سياسي عمل جي اهميت بابت جملا هر سمجهو ماڻهوءَڪاڻ آٿت وارا هجن_ عجب نه لڳي. اها ڊيولپمينٽ سڪيٽر ڏانهن رسي ويل قومي ورڪرز جي واپسيءَ جي شروعات چئبي؟. وقت جواب ڏيندو، پاڻ ۽ سندس وانگر ٻيا کوڙ جهر جنگ رلي، سروي ۽ ڊيٽا وسيلي، خالص غير جذباتي انداز ۾ نئين سنڌ جي ڳولها ڪندي ڪيترائي مکيه نتيجا کڻي آيا آهن. مون جهڙن وائڙن جي نسبت وٽن ڌيرج آهي. اثرائتي ٽيبل ٽاڪ جي ترتيب ۽ سڀ کان قيمتي وٿ ته قومي ڪاز ۾ ڪنهن به لوڀ کان آجا آهن. ڌرتي ڌڻي ۽ ڪاهي آيل ڌرين منجهه طاقت جي توازن جي ڊائنامڪس ڄاڻيندڙ عملي طور لاڀائتا مشورا آڇيندڙ دنيا جهان گهمي تقابلي تجزيا سانڍي ايندڙ، ڪجهه ڏيهاڙا بعد جسقم جنگ سميت تعصبي اردو ميڊيا خلاف گمبٽ وٽ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو. محمد خان جي راءِ سان هائو ڪرڻي پوندي ته بشير قريشيءَ جو اهو فيصلو تنهن سانجهيءَ، دوستن جي گفتگو جي اثر کان خالي نه هئو. ڏَيـَا رڳو پوڙهن ۾ نه پر جوانن ۾ به هجي سگهي ٿي!

ويجهڙ ۾ جيڪب آباد ۾ هڪ سماجي تنظيم سنڀاليندڙ جاويد کوسي جا ٻوڏ وارن ڏينهن متعلق نهايت ويچار لائق تجربا ٻڌڻ جو موقعو مليو. چڱو ٿيندو ته تن بابت اڳيون مضمون لکي سگهجي. هتي ذوالفقار هاليپوٽي ۽ مظهر لغاريءَ کي سندن هاڻوڪين تحريرن تي سلام عرض ٿو رکجي. سنڌ جي وحدت تي ضرب لڳائڻ جون تياريون، پناهگير پنجابي پٺاڻ جوڙ ۽ ڪراچي کي جدل جو ميدان بڻائڻ وارا ترڪتال، رياستي ادارن جون مهربانيون، گهڻي قدر بحث هيٺ آنديون اٿن. اهي مڙئي جيئرا جاڳندا ڏاها آهن. ساڻن ڪلهي ڪلهو ملائي بيهڻ کپي. اسان جي ڪيس جا وڪيل. نه وسارڻ گهرجي ته انٽليڪچوئل محاذ تي هاڻوڪي تيزيءَ ۾ جتي حالتن منجهه آيل اُڀار جو هٿ آهي ته اتي رڳو هڪ شخص جي اڻٿڪ رابطي سازي کي به نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. مٿي لکي چڪا آهيون ته آصف بالادي، قومي سياسي لڏي ۽ سنڌ جي ساڃاهه وچ ۾ ٻن ڏهاڪن کان پئدا ٿيل وٿي کي ڀرڻ ۾ الاهي ڪارگر ثابت ٿيو آهي. ٽيهر ٿو چئجي ته هڪ منش آهي. ذات جي ڪيترن ئي ڏٻرن پاسن هوندي هو ڪانئر نه آهي. هر طرح جي ڏکاين سان منهن ڏيندو رهيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ ٽيهن سالن جي شاهدي ته راويءَ وٽ آهي. جسقم ۽ بشير قريشي کي ڏاهپ جي ڀِڪ آڻڻ سندس تازي ڪاميابي آهي. خوشي ٿي جڏهن بشير هن ڌرتيءَ جي ايڪانت کي ٽوڙڻ وارين ڪوششن مخالف مهم تي نڪتو ته جي اين مغل ۽ ٻين ساڃاهه وندن سان ويهڪ ڪيائين. هفتو پوءِ موٽ کائي ڪراچي آيو. پاڻ کي پابند سمجهيائين ته ٿنڪ ٽينڪ جي روبروڪارڪردگي رپورٽ ڏئي. جيئي سنڌ وارن ۾ اهڙي هاڪاري تبديلي آصف کانسواءِ ممڪن نه هئي. فرد پنهنجو رول ائين ئي ادا ٿا ڪري سگهن. سوچيندڙ ذهنن لاءِ چڱي مهل ته کين بشير قريشي وسيلي سڌو سنئون لوڪ سرگرمي تي اثرانداز ٿيڻ جي راهه پئي ملي.

ٿنڪ ٽينڪ جي ٻي غيررسمي گڏجاڻيءَ ۾ نصير ۽ مغل صاحب نه هوندي به ڄڻ موجود هئا. اڳين محفل ۾ هو حاضر ويٺلن جي مغز جا جيڪي تاڪ کولي ويا تن مان تازي وَاءَ جا جهوٽا جاري هئا. اعجاز منگي پڻ شريڪ ٿيو. الطاف ميمڻ پراڻو قومي ورڪر آهي. پاڻ به آيو، ان رات پڪ ٿيم ته ڪراچي اسان جو مکيه محاذ آهي. سڀ ويچار ۽ هڙئي فيصلا هتي ويهي ڪرڻا پوندا. اهي ساٿي جيڪي لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ رهن ٿا تن کي پڻ هيڏانهن اچڻو پوندو. ٻرندڙ باهه کي اکين سان ڏسندا ۽ پوءِ صلاحون ڏيندا. ائين ئي بهتر ٿيندو، ڪراچي کي ڌار ڪرڻ واري شيطاني منصوبي تي سڀ غيرسنڌي ٽولا ڄڻ ته اتفاق ۾ آهن. پيپلزپارٽي وارا ائين مال ڦٻائڻ پٺيان آهن ۽ هنن جا ڀڀ ڀرڻا ئي ناهن. سندن ڪٽڻپو ڏسڻ وٽان آهي. حيرت نه ٿئي ته هو ڪنهن مانجهاندي ڌرتي ماءُ جي پيٽ ۾ ڇرو وهائي ڪڍن. ڪراچيءَ کان ٻاهر رهائشي سنڌين کي شايد ئي معلوم هجي ته ايم ڪيو ايم ۽ ساڻن لاڳاپيل پناهگير آباديءَ جو انداز ڪيترو وحشتناڪ آهي. پٺاڻن جي رت جي پياس ۽ پنجابيءَ جي دلالي. رياستي ادارن بابت ڇا لکجي؟. سڀ ڄاڻو ٿا. هن گهڙيءَ ضرورت آهي ته پاڻ ۾ ايڪو هجي. جناب خالق جوڻيجي، مير عالم مري، رياض چانڊيي، نورالدين جمالي سميت سڀني دوستن کي گڏ ڪجي. گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي وحدت جي هڪ نڪاتي ايجنڊا تي ويچار ونڊجن. حڪمت عملي جوڙجي. ننڍيون ننڍيون رنجشون ۽ هڪٻئي ۾ نظر ايندڙ اوڻاين کي پاسي تي رکجي. بيمار انائون پالڻ مان ڪو فائدو ناهي.

آخري پئرا ته مٿين پٽار نراسائيءَ جي شڪار مون پاري قنوطي انسان جي آهي. عطا محمد شاهاڻي جي هدايتن تي عمل ڪندي جيڪو سرد جنگ واري مزاج کان پاند ڇڏائڻ ۾ پورو آهي. خود کي ويساهه ڏيارڻ جي سئي ۾ پڻ ته اسان جي قومي قيادت کي هٿ وٺي غلط راهه تي هلائڻ جي منصوبابندي عمل هيٺ آهي. سياست کان پاسيرو هوندي به سمجهي ٿو ته سنڌ جي هيڪڙائيءَ خلاف سازشن جو ٽوڙ قومي اڳواڻن ۽ ساڃاهه وند ساٿين وسيلي ئي ممڪن آهي. اهي ئي خلق کي بهتر طور جاڳائي سگهن ٿا. شال هيءَ ڌرتي سدا آباد ۽ خوشحال رهي!

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو