Home / افيئر / !سيڪيولر سنڌ ۽ سائنس جرنلزم
above article banner

!سيڪيولر سنڌ ۽ سائنس جرنلزم

سنڌ جي ساڃاهه خلاف ڪيترائي محاذ عمل پيرا آهن. اهڙن محاذن جا عملي روپ علاج لائق ذهني ناچاڪ ۽ شُگر ۽ بُڪين جا مريض ڪنهن الهامي ڪرشمي ۽ آپريشن جي انتظار ۾ درگاهن تي انتظار ڪندي ملندا. ٻي طرف، ذهني دٻاءُ هيٺ آيل مرد ۽ عورتون سُرندن ۽ نگارن تي نازيبا ناچ نچي رهيا آهن. پر اِنهيءَ کان وڌيڪ، ڳڻتيءَ جي ڳالهه هيءَ آهي ته اهڙي پُراڻ پسند ۽ ذهني ڌٻڻ ڏانهن وڌندڙن خلقِ خدا کي ڪلچر ۽ فراريت جي نالي ۾ خاطري ڪرائي وڃي ٿي ته توهان جو رُخ ۽ منزل دُرست آهي.

مون کي ڊپ آهي ته ذهني طرح شاهوڪار ۽ مزاج ۾ سيڪيولر سنڌ ڪٿي فڪري محاذ تي شڪست نه کائي وڃي! اُنڪري لازمي آهي ته اسان منظم ٿي ميدان جنگ ۾ لهون.هِن جهالت جي جنگ ۾، اسانجو هٿيار سائنس ئي ٿي سگهي ٿي، پر سائنس ۾ به اسان سائنس جرنلزم کان شروعات ڪنداسين.

سائنس جرنلزم، جرنلزم جي هڪ شاخ آهي، جنهن جو ڪم آهي، سائنس جي ايجادن، تحقيق ۽ عام فطرتي لقائن بابت عوام کي سادي ٻوليءَ ۾ آگاهه ڪرڻ ته جيئن سماج ۾ عقلي بُنيادن تي تعميري بحث مباحثا ٿي سگهن. ڇو ته امڪان آهي اُن گفتگوءَ جي نتيجي ۾ هڪ ساڃاهه وند حلقو پيدا ٿيندو. اُهو حلقو معاملن ۽ لقائن کي سائنسي نقطئه نظر سان نه رُڳو ڏسندو ، پر ڇيد ڪندي، ڪي مُمِڪِن حل به پيش ڪندو. هتي هڪ ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهُرجي ته سائنس جرنلزم، جو خاطو به بُنيادي طرح هڪ صحافي ئي هوندو آهي.هِن جو ڪم سائنس جي موضوعن بابت عوام کي باخبر ڪرڻ، صحتمند بحث شروع ڪرائڻ ۽ سڄي معاملي تي صحافتي پر، ڪرڙي نظر رکڻ هوندو آهي. هتي هڪ ڳالهه پڪي ڪري پلوَ سان ٻڌي ڇڏڻ گهُرجي ته سائنس جرنلسٽ نه سائنسدان آهي ۽ نه ئي اُستاد آهي. جيڪڏهن ڪنهن به طرف هُن سائنسدان ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ سندس رپورٽ، خبر گهٽ پر سائنسي مقالو وڌيڪ لڳندي. پر جيڪڏهن، اُستاد ٿيڻ جي ڪوشش ڪيائين ته پوءِ صحافت جي نالي ۾ خُطبا ڏيڻ شروع ڪندو. اُن ڪري هڪ سائنس جرنلسٽ کي هرحال ۾ صحافي ٿي رهڻ گهُرجي. سائنس جرنلسٽ کي ڪابه اسٽوري فائيل ڪرڻ کان اڳ ۾ هيٺين نقطن جو خيال رکڻ گهُرجي ته هو ڪهڙي ٽي وي چينل يا نيوز پيپر لاءِ اسٽوري ڪرڻ گهُري ٿو. ڇو ته هر چينل يا اخبار جي هڪ بُنيادي پاليسي هوندي آهي، جنهن جي دائري ۾ هو خبرون، مضمون ۽ فيچر هلائيندا آهن. انکانسواءِ، هو باخبر رهي ته جنهن اسٽوريءَ تي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو، ڇا اهڙي نوعيت جو مواد اخبار ۾ ڇپجي رهيو آهي؟ مثال طور، هِن وقت برسات تي تمام گهڻيون خبرون اچي رهيون آهن. اُن ڪري امڪان آهي ته موسمياتي، برساتي ٻوڏ ۽ ماحولياتي تبديلين تي سائنسي نقطئه نظر پيش ڪندڙ اسٽوري ايڊيٽر جي دلچسپيءَ جو سبب بنجي. پر ڪنهن به اسٽوريءَ تي ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ هيءَ ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهُرجي ته هيءَ اسٽوري ڪنهن لاءِ آهي، يعني هِن جا پڙهندڙ ڪير هوندا. هونئن به اِها ڳالهه طئي آهي ته هڪ جرنلسٽ جي اسٽوري سائنسدانن لاءِ نه هوندي آهي، انکانسواءِ، هڪ سائنس جرنلسٽ کي ڪڏهن به گهمنڊ ۾ نه اچڻ گهُرجي ته هو ڪنهن به سائنس جي شاخ جو ماهر آهي. پر هُن ۾ ايتري قابليت ضرور هجي ته هو جنهن سائنسي کوجنا تي خبر لکي رهيو آهي يا اسٽوري ڪري رهيو اِنهيءَ ۾ ڪهڙا سائنسدان، ڪهڙا سائنسي ادارا ۽ پئسو ڏوڪڙ ڪنهن جو سيڙايل آهي. انکاسواءِ، ساڳي خبر جا هڪ کان وڌيڪ حوالا ۽ بُنياد ڳوليا وڃن. پر اُن وقت، هڪ سائنس جرنلسٽ کي فيصلو ڪرڻ گهرجي ته اسٽوريءَ جو جهڪاءُ ”نيوز“ ڏانهن هوندو يا ”پس منظر“ ڏانهن هوندو.

اهڙو فيصلو هِن ڳالهه تي ٿيندو آهي ته اسٽوريءَ جو بُنيادي سوال ڇا آهي؟ ڪنهن به سائنسي اسٽوريءَ جو بُنيادي سوال هِن ريت ٿي سگهي ٿو: ”ڪوئلي تي پيدا ٿيندڙ توانائي، پاڪستان ۾ بجليءَ جو بُحران ختم ڪري سگهي ٿي، پر ماحولياتي گدلاڻ رنڊڪ آهي.“ اِهڙو هڪ ٻيو مثال:”ٿر ۾ سورج مُکيءَ جو فصل شمسي توانائيءَ تي ٿئي ٿو، اِهو توانائيءَ جي استعمال جو هڪ تخليقي پهلو آهي“ هتي هڪ نقطي کي واضح ڪجي ته سائنس جرنلسٽ لاءِ بُنيادِي سوال جو هُجڻ اهم آهي. ڇو ته اِهو ئي هن جي اسٽوريءَ کي ڀٽڪڻ نه ڏيندو. پر ڪڏهن ڪڏهن بنيادي سوال سبب صحافي وٽ تمام گهڻو مواد گڏ ٿي ويندو آهي. اُن وقت هُن کي فيصلو ڪرڻو پوندو آهي ته هو بُنيادي سوال جي پس منظر ۾ ڪهڙا انگ اکر ڏيڻ چاهي ٿو ۽ اِنهن جي پيش ڪش هو ڪئين ڪرڻ گهُري ٿو.پر سڀ کان وڌيڪ ڏکيو مرحلو هوندو آهي ته اسٽوريءَ جي شروعات ڪيئن ڪجي!؟

ڪنهن به صحافيءَ جيان، سائنس جرنلسٽ وٽ به خبر مختلف ذريعن کان پهچندي آهي يا ٻي صورت ۾ هُن کي خبر يا اسٽوريءَ ڳولڻي پوندي آهي. ڪنهن به خبر يا اسٽوريءَ جا ذريعا پرائمري ] سائنسدان، صحافي ۽ پريس ڪانفرنس [ ۽ ثانوي ]پريس رليز، ويب سائيٽس ۽ ڪتاب[ هوندا آهن. پرڪُجهه حالتن ۾ اسٽوريءَ جو سبب اخبار ۾ ڇپيل خبر يا خط به ٿي سگهي ٿو. مثال طور اخبار ۾ خط شايع ٿئي ٿوته ”تلهار شگر ملز جي دونهين سبب شهر ۾ اکين ۽ ساهه جو بيماريون وڌيون آهن.“يا ڪا خبر شايع ٿئي ٿي ته ”ٿرمل پاور پلانٽ ڄام شوري جي گندي پاڻيءَ سبب علائقي ۾پيٽ ۽ چمڙيءَ جون بيماريون وڌي ويون آهن. اهڙين خبرن تي هڪ کوجنائي سائنس اسٽوري لکي سگهجي ٿي. هونءَ به هڪ سائنس جرنلسٽ جو ڪم مختلف معاملن جي سائنسي پس منظر بابت عوام کي آگاهه ڪرڻ آهي.

هاڻي اهم سوال هيءَ به آهي ته ڇا هر صحافي، سائنس جرنلسٽ ٿي سگهي ٿو؟ يا سائنس جرنلسٽ ٿيڻ لاءِ سائنس ۾ ڊگري گهُرجي؟ پهرئين سوال جو جواب هيءَ آهي ته هر صحافي، سائنس جرنلسٽ ٿي سگهي ٿو ۽ سائنس ۾ ڊگري هجڻ سب هو سائنس جي بُنيادي اصولن ۽ وصفن کان واقف هوندو، جيڪا سندس اضافي اهليت هوندي.پر جيڪڏهن هُن کي سائنس جي ڊگري نه آهي ته پوءِ هُن کي ڄاڻڻو پوندو ته ”سائنس ڇا آهي؟“ ۽ ”سائنس ڇا نه آهي!“ سائنس جي مختلف مضمونن ۾ ڪهڙا نامور سائنسدان ٿي گذُريا آهن، ۽ اِنهن ڪهڙيون کوجنائون ۽ تجربا ڪيا، جن سبب دُنيا ۾ تبديليون آيون. سائنس جي حد ڇا آهي؟ سائنس وٽ ڪهڙن سوالن جا جواب ڪونهن. پر اِنهن سڀني سوالن جا جواب شروع ٿيندا هِن اِراِدي سان ته ”مان ڄاڻڻ گهران ٿو “ هاڻي هڪ سائنس جرنلسٽ کي ڄاڻڻ لاءِ سڀ پهريان ته عقليت پسند ٿيڻ پوندو. ٻين لفظن ۾، هُن کي هر وقت لقائن جي ٿيڻ جي سببن تي نظر رکڻي پوندي. پراُهي موضوع جيڪو وهم پرستيءَ، مافوق الفطرت،توهم پرستي، جنن ڀوتن، مذهبي معاملن بابت ۽ ثابتيءَ جي دائري کان ٻاهر آهي. اُهي سائنس جرنلزمجي دائري ۾ نٿا اچن. هاڻي سوال آهي ته پوءِ سائنس جرنلسٽ جا ٻيا ڪهڙا موضوع ٿي سگهن ٿا؟ هڪ سائنس جرنلسٽ جا موضوع هي به ٿي سگهن ٿا: مختلف سائنسي نقطئه نظر هيٺ ڪنهن تڪرار کي رپورٽ ڪرڻ، جيئن هِن وقت هي تڪرار هلي رهيو آهي ته هوميوپيٿيءَ دوا مان ڪوبه فائدو ڪونهي. ٻي طرف، عوام جو هڪ وڏو انگ هوميوپيٿي علاج ۾ يقين به رکي ٿو. انکاسواءِ، هڪ سائنس جرنلسٽ جڏهن به ڪنهن سائنسي رٿا، سائنسي تحقيق ۽ سائنسي اداري تي اسٽوري ڪري ٿو ته هُن کي مُلڪ يا اداري جي سائنسي پاليسيءَ تي به نظر رکڻ گهُرجي، مثال طور پاڪستان جي نيوڪليئر پاور ۽ پاڪستان جي سائنسي پاليسيءَ جو ڪيئن ۽ ڪهڙو ڳانڍاپو آهي يا خانگي شعبي ۾ ميڊيڪل يونيورسٽين کي چارٽر ملڻ جو واسطو مُلڪ جي پاليسيءَ سان ڪهڙو آهي؟ ڇو ته ڪابه تحقيق يا سائنسي رٿا هوا ۾ نه جُڙندي آهي. اُها ڪنهن نه ڪنهن پاليسيءَ جو حصو هوندي آهي۽ اُن لاءِ حڪومت فنڊن جو بندوبست مختلف ذريعن سان ڪندي آهي، ڪوبه سائنس جرنلسٽ جڏهن ڪنهن به سائنس پاليسيءَ تي اسٽوري ڪري ته هِن کي هميشه ٽي ڳالهيون ذهن ۾ رکڻ گهُرجن: هڪ ته اسٽوريءَ جا هڪ کان وڌيڪ پهلو ٿي سگهن ٿا. ٻيو هر اسٽوريءَ جو پس منظر هوندو آهي. ۽ ٽيون ڪنهن به سائنسي پاليسي جو بُنياد سائنسي نقطا هوندا آهن. اُن سبب سائنس پاليسيءَ کي رد ڪرڻ يا قبول ڪرڻ لاءِ سگهارا سائنسي دليل ۽ انگ اکر کپن. هاڻي جيئن ته انگن اکرن جي ڳالهه نڪتي آهي ته هڪ سائنس جرنلسٽ کي گراف پڙهڻ، سيڪڙو سمجهڻ، سراسري بابت ڄاڻڻ گهرجي. مطلب ته هڪ سائنس جرنلسٽ کي شماريات سبجيڪٽ جي بُنيادي ڄاڻ هُجڻ گهُرجي ته جيئن هو سائنسي رپورٽون پڙهي۽ سمجهي سگهي.

سائنس جرنلزم بابت هيءُ هڪ تعارفي مضمون آهي. پر جيڪڏهن ڪو سائنس جرنلسٽ بابت وڌيڪ ڄاڻڻ گهُري ٿو ته هُن کي ”ايڪ ڊاڪٽر ڪي موت“ فلم ضرور ڏسڻ گهرجي. هيءَ فلم 1990ع ۾ ٺهي ۽ ڪيترائي انعام کٽيائين. هِن فلم ۾ هڪ ڊاڪٽر کوجنا ڪندي ڪوڙهه جي بيماريءَ جي ويڪسين ٺاهي ٿو. پر سندس تحقيق کي ساڙ ۽ حسد جي بُنياد تي رد ڪندي تذليل ڪئي وڃي ٿي. فلم ۾ ڊاڪٽر جو ڪردار پنڪج ڪپور ۽ ڊاڪٽر جي زال جو ڪردار شبانه اعظِمي ادا ڪيو. هِن فلم ۾ سائنس جرنلسٽ جو پارٽ عرفان ادا ڪيو آهي. هيءَ فلم رفيق منگي، سرتاج عباسيءَ ۽ مون پروفيسر امتياز پيرزادي جي گهر ۾ ڏٺي هُئي. هِن فلم جو ڊائريڪٽرمسٽر تئپن سنها آهي. مسٽر سنها انڊيا ۾ ”متبادل فلم“ جو وڏو نالو آهي.هن هڪ ڀيري، هن فلم جي پس منظر بابت ٻُڌايو ته ”مون هيءَ فلم هڪ نوجوان سائنسدان جي خودڪشيءَ جو پس منظر ڄاڻڻ کانپوءِ ٺاهي هُئي ته ڪيئن ذهانت ۽ اهليت جي بنياد تي هُن کي ذليل ۽ خوار ڪيو ويو هو.“ هيءَ هڪ ڏسڻ جهڙي فلم آهي. هِن فلم ۾ ڏسندڙ سائنس جرنلسٽ جي ڪم کان ڪي قدر ته ضرور واقف ٿيندو. پر فلم ۾ جا ڪيترائي منظر ۽ ڊائلاگ ڪنهن به ساڃاوند ماڻهوءَ لاءِ اُتساهه جو سبب بنجي سگهن ٿا.شايد ڪي با اختيار سنڌي اخبارن جا ايڊيٽر، پنهنجي اخبار ۾ ”سائنس بيٽ“ شروع ڪن. هونءَ به ڀلا سنڌي سماج سائنس کان سواءِ ڪيئن اڳتي وڌي سگهندو!؟

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو