Home / افيئر / شوڪت خواجائي جو خون لڙهي ويندو؟
above article banner

شوڪت خواجائي جو خون لڙهي ويندو؟

10 مئي تي تيزابي حملي ۾ سخت زخمي ٿيڻ کانپوءِ 24 جون تي ڪراچي جي اسپتال جي برنس وارڊ ۾ لاڏاڻو ڪري ويل اديب ۽ محقق شوڪت خواجائي جو چاليهو به گذري چڪو آهي پر سندس قاتلن کي ڪا جوڳي سزا ملڻ بدران پوليس شڪ جو فائدو ڏئي ضمانت تي آزاد گهمڻ جا جواز فراهم ڪري ڏنا آهن. الزام هيٺ آيل ٽن مان فقط هڪڙو ماڻهو عزيز الله ڪٽپر گرفتار ٿيو هو جيڪو به هاڻ آزاد آهي. هن ڪيس جي حقيقت به گهڻو تڻو درگاهن جي گادي نشيني جهڙي آهي. سکر ۾ ستين جي آستان تان شروع ٿيل ان تڪرار هڪ اديب کان ان جي حياتي ڦري آهي. شوڪت خواجائي جي وڇوڙي کانپوءِ سندس فريادي پٽ نزاڪت کي هيسائڻ جون ڪوششون به ٿيون آهن قاتلاڻي حملي جا به اطلاع آهن ۽ سندس گهر جي دري مان ڪنهن تيزاب واري پاڻي هارڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي. شوڪت خواجائي جو گهر اهڙي هنڌ تي آهي جو ان جو مارڪيٽ ويليو وڏي اهميت وارو آهي هن فقير درويش ليکڪ کي ان جي زندگي ۾ ڪيترائي ڀيرا سندس گهر جي وڪري لاءِ پڻ ذهني دٻاءَ جو شڪار بڻايو ويو. ليکڪ پنهنجي طبيعت ۽ من موجي هئڻ ڪري به ڪيترن جي اک جو ڪنڊو هو. ڪجهه عرصو اڳ هن سنڌو درياءَ جي ڪپ تي ستين جي آستاني لڳ ثقافت کاتي پاران جوڙيل ريسٽ هائوس ۾ ٿيندڙ صنفي سرگرمين تان لٽو لاٿو هو ۽ ستين جي آستاني جي حوالي سان جيڪي مروج ڏند ڪٿائي قصا آهن تن بابت هن جا کرا تبصرا به ڪن ماڻهن جي لاءِ تڪليف ۽ پريشاني جو ڪارڻ بڻيا هئا. سوين هزارين عقيدتمندن جي اچ وڃ ۽ ڌاڳي ڦيڻي جو جهان ڪيترن لاءِ روزگار جو سبب بڻبو آيو آهي.

هن ڦڏي جي شروعات اتي پيري مريدي واري جهان ۾ ڦيٽهاڙي کان ٿي آهي. بيگم شوڪت خواجائي جو چوڻ آهي ته ان درگاهه جا حقيقي وارث اهي خود پاڻ هئا. شوڪت خواجائي جي والد جي ڪراچي بدلي جي ڪري اهو وهنوار شوڪت جي پڦي پئي هلائيندي آئي ان جي وفات کان پوءِ سندس ڀيڻ ان سلسلي کي تسلسل بخشيو جڏهن اها به وفات ڪري وئي ته پوءِ ان تي حق سندس هو جنهن کي نه مڃڻ تان درازن جي فاروقين ۽ سندن وچ ۾ ٽڪراءُ واري صورتحال پيدا ٿي. هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته کيس شڪ آهي ته جوابدارن جو نشانو هوءَ پاڻ هئي پر شڪار شوڪت خواجائي ٿي ويو.

بيگم شوڪت خواجائي مڙس جي قاتلن جي گرفتاري ۽ عبرتناڪ سزا جو مطالبو ڪندي ڪيس جي اڳتي وڌڻ ۽ هلڻ جي اميد ڪري ٿي. هوءَ سکر جي اديبن جي ڌڙابندي سبب شوڪت خواجائي قتل ڪيس کي پهتل نقصان تي ڏکاري آهي. هن جو چوڻ آهي ته پهريائين جوابدار ڌر پاران ساک پت جي ڳالهه ٻڌڻ ۾ آئي پر هاڻ ڪنهن به حساب ڪتاب جي موڊ ۾ ناهي. هوءَ گذريل ڪيتري عرصي کان بند پيل درگاهه سنڀالڻ چاهي ٿي. شوڪت خواجائي واري واقعي کان اڳ به اها گادي سنڀاليندي هئي شروع شروع ۾ شوڪت جي ماءُ اتي ويهي تعويز وغيره ڏيندي هئي هاڻ به هوءَ پنهنجو اُهو آستانو آباد ڪرڻ چاهي ٿي پر امڪاني خطري جو گهنڊ کيس ڇرڪائي ڇڏي ٿو.

شوڪت خواجائي جو ويجهو دوست امتياز ڀٽي چوي ٿو ان ۾ ڪي ٻه رايا ناهن ته شوڪت جو موت دل جي دوري سبب ٿيو آهي پر سوال اهو آهي ته ان جا محرڪ ڪهڙا هئا؟ جيڪڏهن دل جي دوري جا سبب سامهون رکجن ته اها ڳالهه سو سيڪڙو سچ ثابت ٿيندي ته ان سان پيش آيل المناڪ واقعي جي اثر سندس ساهه جو سڳو ٽوڙيو. هو وڌيڪ چوي ٿو ته ڪيس کي شاهدن جي ڪمزور بيانن به نقصان پهچايو آهي انسپيڪٽر عبداللٰھ سانگري جڏهن ڪراچي جناح اسپتال ۾ شوڪت خواجائي جو بيان رڪارڊ ڪيو ته خود ان به ڪنهن جوابدار کي سڃاڻڻ جي ڳالهه نه ڪئي.

شوڪت خواجائي جي قتل ڪيس بابت نامور وڪيل هادي ڀٽ جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن ان باري ۾ جڏهن هادي ڀٽ سان رابطو ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ته مرحوم جي زندگي توڙي وڇوڙي کانپوءِ ڪيس جي صحيح پيروي ٿي ئي ناهي ۽ متاثر خاندان قانوني گهرجن ۽ پيچيدگين کان واقف نه هئڻ ڪري وقت سر گهربل ڪردار ادا نه ڪري سگهيو آهي. هو وڌيڪ چوي ٿو ته پوليس ڪيس لوڙهيو آهي. هن معاملي ۾ پوليس انتهائي غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي اها جوابدارن سان ٻڌل آهي جوابدار ڌر نه رڳو بااثر آهي پر ان جا پوليس ۾ به پنهنجا ماڻهو ويٺل آهن. هو وڌيڪ اهو به چوي ٿو ته شوڪت کي پنهنجي اصول پرست هئڻ ڪري ۽ سچ چئي ڏيڻ جي ڪري هميشھ امڪاني خطري جو خوف رهندو هو پر هن کي نقصان جو ايترو انديشو به نه هو جيڪو جڳ ڏٺو آهي. متاثر خاندان رابطو ڪيو آهي ڪيس جا سمورا پهلو ڏسڻ کان پوءِ ان جي تياري ڪبي ۽ مظلومن کي انصاف ڏياربو.

شوڪت خواجائي قتل ڪيس جي باري ۾ سنڌي ٻولي جي نامور شاعر ۽ ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ادل سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعو خانداني اختلافن ۽ اڻبڻت تان پيش آيو پر اختلافن جو ڪنهن به صورت ۾ ۽ قطعي طور اهڙي رخ تائين يا ان انتها تائين پهچڻ انتهائي المناڪ آهي. کانئس جڏهن اهو سوال ڪيو ويو ته آخر ڇا سبب آهي ته هڪ محقق ۽ اديب جي قتل تي سول سوسائٽي ته پنهنجي جاءِ تي پر خود ادبي لڏي ۾ ڪو تحرڪ ناهي ته هن ٻڌايو ته اصل ۾ ماڻهو ڪورٽن ٿاڻن وارن معاملن کان لنوائن ٿا.

سنڌ جي ايڊوڪيٽ جنرل، نامياري شاعر ۽ اديب فتاح ملڪ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته شوڪت خواجائي فقير ماڻهو ۽ درويش صفت انسان هو ان سان اهڙو واقعو پيش اچڻ ظلم، ناانصافي ۽ بي واجبي جي انتها آهي، سندس خون لڙهڻ نه ڏبو متاثر خاندان کي اڪيلو نه ڇڏبو. هن معاملي تي هو پنهنجي وس آهر هر ممڪن ڪوشش ڪري مقتول سان ٿيل ڏاڍائي جي ازالي جي ڪوشش ڪندو ۽ قاتلن کي منطقي انجام تي رسائبو. هن وڌيڪ چيو ته سکر جي اديبن پاران ڪنهن فورم ۽ تنظيم توڙي ادبي سنگت پاران هن معاملي تي کيس فوري طور تي يا ان کان پوءِ باقاعده نه ته بريفنگ ڏني وئي آهي نه ئي باضابطه طور سندس خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن، معاملي جي مڪمل ڄاڻ ناهي ان هوندي به هو گهربل ڪردار ادا ڪندو. اُتر سنڌ جي مشهور آرٽسٽ ۽ اديب هارون چنا شوڪت خواجائي جي چاليهي واري تقريب جي صدارت دوران جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن سي به ڌيان طلب آهن. هن چيو ته اسان جي اديبن ۾ سنجيدگي ناهي. صلاحون ته لٺ باٺي واريون هر ڪو ڏئي رهيو آهي پر مسڪين ڪٽنب جي مناسب پرگهور ۽ قانوني مدد لاءِ هن وقت تائين ڪنهن به ڌر ڪا به ڪاميٽي ٺاهي ناهي. جيستائين ڪيس ۾ طاقت نه ايندي اهو مضبوط ڪونه ٿيندو تيستائين جوابدار ڌر جي صحت تي ڪو به فرق نه پوندو ۽ نتيجو اهو نروار ٿيو آهي ته مک جوابدار ٽن ڏينهن ۾ آزاد ٿي ويو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته متاثر ڌر جي مدد ڪجي.

حقيقت اها آهي ته شوڪت خواجائي قتل ڪيس جي حوالي سان جيڪا خانداني طور اڳڀرائي ٿيڻ گهرجي ها اها اڄ به هڪ خواب آهي. مڃون ٿا ته ان طرح جو معاملو ساڻن پهريون دفعو پيش آيو آهي ۽ اهي اهڙن معاملن سان نبرڻ ۽ مُنهن ڏيڻ جو ڪو به آرٽ نه ٿا رکن پر گهٽ ۾ گهٽ اهي ڪنهن جي مدد ۽ سهڪار ته حاصل ڪري سگهن ٿا.

هو اهڙين ڪوششن کان پوءِ وارن نتيجن کي آڏو رکندي ڪا تلخ پريس ڪانفرنس ته ڪري سگهن ٿا؟ اهڙي پريس ڪانفرنس جنهن ۾ سندس خانداني پيڙا دنيا جهان جي ضمير کي جهنجوڙي سگهي. جيڪڏهن مقتول جي فيملي قاتلن جي گرفتاري ۽ عبرتناڪ سزائن لاءِ گهڻ رخي جدوجهد شروع ڪري ته نه رڳو ڪيس وزندار ٿي سگهي ٿو پر جوابدار به ڪٽهڙي ۾ نظر اچي سگهن ٿا.

احتجاج کان بک هڙتال تائين ۽ اپيلن کان لاڳاپيل اختيارين ڏانهن لک پڙهه تائين کوڙ طور طريقا اختيار ا۽ استعمال ڪري قاتل ڌر جو گهيرو تنگ ڪري سگهجي ٿو. پر سوال اهو آهي ته ان کي يقيني ڪيئن بڻائجي؟ ان ڏس ۾ متاثر خاندان پنهنجي همدردن سان گڏجي ڪنهن حڪمت عملي جوڙڻ کان پوءِ جيڪڏهن متحرڪ ٿي ٿو ته سندن هر سطح جو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو. هتي اها ڳالهه به غور طلب آهي ته شوڪت جي وڇوڙي واري ڏينهن تي ئي سندس وڏو ڀاءُ مختيار خواجائي به صدمي ۾ فوت ٿيو هو ان ڪري معاملو رڳو هڪ خون جو نه پر ٻن خونن جو آهي. ادبي سنگت سکر جي شاخ شوڪت خواجائي جي چاليهي جي موقعي تي قتل ڪيس جي حوالي سان ڪميٽي جوڙي آهي. شاخ جو سيڪريٽري منظور اڄڻ سوال جو جواب ڏئي نه سگهيو ته پورن چاليهن ڏينهن کان پوءِ جڙيل ڪميٽي ڪهڙو ٻوٽو ٻاريو آهي؟

هو چوي ٿو ته رمضان شريف جي ڪري سرگرميون معطل آهن عيد کان پوءِ ڪميٽي معاملي کي ڏسندي . ان سڄي صورتحال بابت جڏهن سکر سان ئي تعلق رکندڙ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آڊيٽر بشير منگي سان رابطو ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ته سنئين سڌي ڳالهه آهي ته جوابدار ڌر طاقتور آهي ان کان هر ڪو ڊڄي ۽ لنوائي ٿو ٻه خون هو اڳ ئي کاڌيون ويٺا آهن جيڪڏهن ان جي خلاف ڪوئي سرگرم ٿيو ته اهو به قتل ٿي سگهي ٿو. هن کان جڏهن ادبي سنگت جي ڪردار بابت سوال ڪيو ويو ته چيائين ته مرڪز شاخ کي هدايتون جاري ڪيون آهن پر سکر شاخ جو ڪردار تسلي جوڳو ناهي. شاخ وارا چون ٿا ته اندروني طور تي هنن وڏو ڪم ڪيو آهي پر ظاهري طور تي ڪجهه به نظر نه ٿو اچي.

شوڪت خواجائي قتل ڪيس جي حوالي سان جنهن کان به تلخ سوال پڇيا ويا ان پنهنجي طور تي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ته وڏي ڪئي پر سندن گفتگوءَ ۽ لهجي مان لڳي رهيو هو ته خود سندن اندر جو انسان کين چهنڊڙيون پائي رهيو آهي. محسوس ايئن ٿي رهيو هو ته اهي سڀ جو سڀ ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن نه حوالي سان ڪنهن ندامت جي ڪيفيت مان گذري رهيا هئا ۽ کين ضمير جنجهوڙي رهيو هو. اهي احساس جيڪي هن اسٽوري دوران مون محسوس ڪيا سي جيڪڏهن واقعي به ڄاڻايل همراهن جي دل ۾ ڪا چهنڊڙي هڻن ٿا ۽ نتيجي ۾ سندن من ۾ ڪائي هرکڙ پيدا ٿي پوي ٿي ته ظاهري طور لڙهندڙ خون جي تري پوڻ جا آثار پيدا ٿي سگهن ٿا. خبر ناهي ته اهو خيال حقيقت جو ڪو رنگ روپ به اختيار ڪندو يا نه پر وقت جو مورخ هر ڳالهه پنهنجي حافظي ۾ سمائي رهيو آهي.

 


 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو