Home / ڪرنٽ افيئر / !سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌي ججن سان ٻه اکيائي
above article banner

!سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌي ججن سان ٻه اکيائي

سنڌ هائيڪورٽ ۾ هن وقت 40 جي جڳهه تي 18جج ڪم ڪري رهيا آهن. جن مان سنڌي ڳالهائيندڙ ججن جو تعداد صرف 4 آهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ججن تي اگر نظر وجهبي ته اتي جسٽس غلام رباني کانسواءِ جيڪو اتي ايڊهاڪ جج آهي، اتي ڪوبه سنڌي يا بلوچ مستقل جج ناهي.

اعليٰ عدالت خاص ڪري سنڌ هائيڪورٽ ۾ سنڌي ججن جو گهٽ تعداد گهڻي عرصي کان وٺي سنڌي وڪيلن جي بيچينيءَ جو باعث بڻيل آهي. سنڌ بار ڪائونسل جي اڳوڻي مرحوم سربراهه علي محمد ڏاهري ايڊوڪيٽ هن مسئلي تي آواز اٿاريو هو ۽ ان جي سربراهيءَ ۾ وڪيلن جي هڪ وفد سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ سان ملاقات ڪري هن مسئلي تي آواز پڻ اٿاريو هو. جڏهن ته تازو ئي سينيئر وڪيل ايڊوڪيٽ غلام مصطفيٰ لاکي سنڌ جي ٻن اڳوڻن ايڊوڪيٽ جنرلن ۽ نامياري وڪيلن يوسف لغاري ۽ راجا قريشيءَ معرفت ان مسئلي تي درخواست به داخل ڪرائي آهي.

اعلي عدالتن ۾ ججن جي مقرريءَ لاءِ توڙي جو 18 هين ترميم کانپوءِ ڪجهه تبديلي آئي آهي پر پوءِ به ججن جي مقرريءَ لاءِ لاڳاپيل صوبي جي چيف جسٽس وٽ ئي سڀ کان وڌيڪ اختيار آهن. صوبي جو چيف جسٽس ان صوبي جي ججن جي مقرريءَ جون سفارشون جوڊيشل ڪميشن ۾ موڪليندو جنهن کان پوءِ سب ڪميٽي ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي ان کانپوءِ ان اميدوار جو نالو ڪميشن جي سامهون پيش ٿيندو. هاڻ جيڪڏهن ڪو قانوندان يا هيٺين ڪورٽ جو جج ڪيترو ئي لائق فائق آهي پر ان جو نالو ان صوبي جو چيف جسٽس مٿي موڪليندو ئي نه ته اهو ڪڏهن به جج نه بنجي سگهندو. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته هيٺين ڪورٽن ۾ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ ۽ ايڊيشل سيشن جج جي مقرريءَ لاءِ سخت تحريري ۽ زباني امتحان پاس ڪرڻا پوندا آهن پر اعليٰ عدليه ۾ جج جي مقرريءَ لاءِ ڪوبه امتحان وغيره ناهي. ساڳي ريت اعلي عدالتن ۾ مقرر سرڪاري وڪيل ايڊوڪيٽ جنرل، اسسٽنٽ ۽ ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل ۽ پراسڪيوٽر جنرل جي مقرريءَ لاءِ ڪوبه امتحان وغيره ناهي نه وري سپريم ڪورٽ ۾ اٽارني جنرل، ايڊيشنل ۽ ڊپٽي اٽارني جنرلن جي مقرريءَ لاءِ ڪو امتحان ورتو ويندو آهي. وقت جي سرڪار پنهنجي سفارشي ۽ اڪثر (نان پريڪٽسنگ) غير سرگرم وڪيلن کي ان عهدي تي مقرر ڪرائيندي آهي.

پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ اهو به ٻڌائيندو هلجي ته سنڌ پاڪستان جو واحد صوبو آهي جنهن جي هيٺين عدالتن ۾ ججن جي مقرري اتان جي هائيڪورٽ ڪندي آهي جڏهن ته باقي ٽنهي صوبن پنجاب، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ اتان جي صوبائي پبلڪ سروس ڪميشن ڪندي آهي. سنڌ صوبي ۾ هيٺين عدالت ۾ جج مقرر ڪرڻ جو صوابد يدي اختيار سنڌ هائيڪورٽ ئي پنهنجو پاڻ کي هڪ فيصلي تحت ڏنو آهي؟!

وڪيل اڳواڻ مرحوم علي محمد ڏاهري ۽ سنڌ هائيڪورٽ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ججن جو تعداد وڌائڻ لاءِ آئيني درخواست داخل ڪندڙ ججن جو سڀ کان وڏو اعتراض ان نقطي تي آهي ته هائيڪورٽ ۾ اهي سنڌي جج مقرر ڪيا ويندا آهن جن جي عمر 62،63 سالن جي ويجهو هوندي آهي ته جيئن هو 65 سالن جي عمر ۾ ٻن ٽن سالن اندر رٽائرڊ ٿي وڃن ان سان ٻٽو نقصان ٿئي ٿو هڪ ته جج صاحب جي سروس ميچوئر (Mature) نٿي ٿئي نه ئي ان کي پنهنجي پينشن ۽ ٻيا فائدا جيڪي هائيڪورٽ جي جج کي ملندا آهن پورا ملي سگهندا. سڀ کان وڌيڪ جيڪو نقصان ٿئي ٿو اهو اِهو آهي ته سنڌي ڳالهائيندڙ جج جلدي رٽائر ٿيڻ سبب هائيڪورٽ جو چيف جسٽس نه ٿي سگهندو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ٻي ٻولي ڳالهائيندڙ جج کي 46،47 سالن جي عمر ۾ ئي هائيڪورٽ ۾ کنيو ويندو آهي. ان سان هو هڪ ته گهڻو عرصو هائيڪورٽ ۾ بطور جج مقرر رهي ٿو ۽ ان جا چيف جسٽس بنجڻ جا به امڪان وڌيڪ رهن ٿا.

سنڌ هائيڪورٽ جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن وقت تائين جيڪي چيف جسٽس صاحبان مقرر ٿي چڪا آهن انهن مان ٻن قائم مقام سنڌي جسٽس عبدالحفيظ ميمڻ ۽ عزيز الله ميمڻ جو مختصر دور کي ڇڏي. سنڌي ڳالهائيندڙ چيف جسٽس صاحبان صرف 7 رهيا آهن. جڏهن ته رجسٽرار ججن ۾ عبدالرسول ميمڻ، سيشن جج لال محمد کيڙو، فيض رسول راشدي، صادق حسين ڀٽي، اعظم انور بلوچ ۽ نعمت الله ڦلپوٽو شامل آهن. به مشرف دور جو پي سي او چيف جسٽس افضل سومرو ته اهڙو هئو جنهن مان سڄن کي آسرو نه هو.

مشرف دور ۾ جتي هر محڪمي ۾ سندس جي لاڏلي جماعت کي نمائندگي ڏني وئي اتي سنڌ هائيڪورٽ جي مقدس ايوانن تي اهو ڪارو دور به آيو جڏهن لساني جماعت جا سيڪٽر انچارج سابق وزير، حلف يافته ڪارڪن ۽ حمايت يافته ماڻهو سنڌ هائيڪورٽ جا جج مقرر ٿيا.

اها ته دعا ڪجي سنڌ هائيڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر رشيد اي رضوي کي جنهن جي آئيني درخواست تي 31 جولاءِ 2009ع تي اعليٰ عدالتن مان جيڪي 102 جج خارج ٿيا جيڪي سياسي تعلق رکندڙ هئا. ماضيءَ ۾ سنڌ جي تعليم جو وزير رهندڙ ايم ڪيو ايم جو قاضي خالد به سنڌ هائيڪورٽ جو جج مقرر ٿيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪورنگي سيڪٽر ۾ ذميوار منيب احمد خان به جج مقرر ٿيو. هي صاحب اگر نوڪري مان نه ڪڍيو وڃي ها ته هن مهل تائين سنڌ هائيڪورٽ جو چيف جسٽس به مقرر ٿي وڃي ها. عدالتن جي ايوانن ۾ بطور ڪورٽ رپورٽر منهنجو ان دور ۾ جڏهن وڃڻ ٿيو ۽ ڪنهن عدالت جي پڇا ڪبي هئي ته عدالت جي عملي جو جواب هي هوندو هو ته “پهرين منزل تي “ايم ڪيو ايم” وارا جج ويٺل آهن. هن پاسي پيپلز پارٽيءَ وارا جج ويٺل آهي؟!”

سنڌ هائيڪورٽ ۾ سنڌي ججن جي مقرريءَ لاءِ آئيني درخواست داخل ڪندڙ غلام مصطفيٰ لاکو پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته اعليٰ عدالتن م جج صرف ڪراچي جي ٻن ٽن ضلعن مان مقرر ڪيا وڃن ٿا جڏهن ته ڪراچي جي ضلعي ملير کان سواءِ سنڌ جي بقايا ضلعن مان جج مقرر نٿا ڪيا وڃن. هن جو موقف هئو ته جج مقرر ڪرڻ وارن کي سهراب ڳوٺ ۽ ڪراچي جي ايئرپورٽ واري علائقي کان ڀرپور قابليت نظر نٿي اچي.

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو