Home / ڪور افيئر / !سنڌ هڪ هڪاڻي چاهي ٿي
above article banner

!سنڌ هڪ هڪاڻي چاهي ٿي

87_1986ع ۾ ڊي آءِ جي حيدرآباد اعليٰ اختيارين کان فحش فلمن جي هڪ اهڙي اڏي تي ڇاپو هڻڻ جي اجازت گُهري ٿو جتي پنجن رپين جي ٽڪيٽ تي وي سي آر تي فحش فلمون ڏيکاريون وينديون هيون. اجازت ان ڪري ورتي پئي وئي ڇاڪاڻ ته اُن مني سئنيما گهر جو مالڪ اعليٰ عدليه جي اُن وقت جي حاضر سروس جج (ظفر حسين مرزا) جو پٽ هو. (حوالو: مبشر لقمان شو_ شرميلا فاروقيءَ کان سوال) 1989ع ۾ هڪ اهڙو شخص هڪ شگر مل لڳائي ٿو جنهن کي 1984ع ۾ نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو هو

۽ جيڪو 87_1986ع ۾ پنجين پنجين رپئي ۾ فحش فلمون ڏيکاريندڙ مني سئنيما گهر جو مالڪ هيو اڄ اُهو شخص نه رڳو صنعتڪار پر هزارين ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ، زميندار پڻ آهي. هن اها ڳالهه ميڊيا اڳيان تسليم ڪئي آهي ته وٽس جيڪي ڪجهه به آهي ان جو وسيلو بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري آهن. هُن اهو به چيو آهي ته هُو آصف علي زرداريءَ جي حڪم تي کوهه ۾ ٽپو ڏيئي سگهي ٿو ۽ آصف علي زرداريءَ، بلاول زرداريءَ ۽ پيپلز پارٽيءَ لاءِ رت جو آخري ڦڙو به وَهائي ڇڏيندو.

سنڌ جي اڳوڻي گهرو ۽ پوءِ سينئر وزير ذوالفقار علي مرزا جي پريس ڪانفرنس (جنهن ۾ هن وزارت، اسيمبليءَ جي رڪنيت ۽ پارٽي عهدن تان استعيفيٰ ڏيڻ جي اعلان ۾ ڪيترائي “انڪشاف” ڪيا) پوري ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ هڪ وڏي بحٽ جو موضوع بڻيل آهي. ان گهڻ پاسائين بحث جو هڪ پاسو مرزا صاحب جو ايم ڪيو ايم مخالف موقف آهي. سندس پريس ڪانفرنس ۾ ايم ڪيو ايم مخالف “انڪشاف” ڪجهه هن ريت هو:

· ايم ڪيو ايم هڪ دهشتگرد تنظيم آهي.

اها هڪ عالم آشڪار ڳالهه آهي. بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف وچ ۾ ٿيل ميثاق ۽ سمورين پارٽين جي لنڊن پڌرنامي هيٺ اهو طئي ٿيل هو ته ڪابه پارٽي ايم ڪيو ايم سان نه ته اتحاد ڪندي ۽ نه ان کي اقتدار ۾ شريڪ ڪندي. بينظير ڀٽو پنهنجي زندگيءَ ۾ جنرل مشرف سان ملاقاتون ۽ ڳالهيون ڪيون ۽ پوءِ بدنامِ زمانه معاهدو “NRO ” (قومي مفاهمتي آرڊينينس) جاري ٿيو_ ميثاقِ جمهوريت جي پهرين ڀڃڪڙي بينظير ڀٽو پاڻ ئي ڪئي. سنڌين پاران پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ اڪيلي سر حڪومت قائم ڪرڻ جو مينڊيٽ ڏنو ويو پر اُن مينڊيٽ جي توهين ڪئي وئي ۽ ايم ڪيو ايم کي اقتدار ۾ شريڪ ڪيو ويو. ايئن ميثاقِ جمهوريت ۽ سمورين پارٽين جي لنڊن پڌرنامي جي ٻين ڀڃڪڙي ڪئي وئي.

جنرل مشرف ۽ ارباب دور ۾ ايم ڪيو ايم کي اقتدار ۾ اڌ ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد جون حڪومتون ڏنيون ويون. ڪراچيءَ جي تعليمي ۽ ڪارپوريٽ ادارن ۾ سنڌ جي ٻين ضلعن جي نوجوانن جي داخلا بند ڪئي وئي. پيپلز پارٽيءَ کي مشرف دور جا سنڌ دشمن عمل Undo ڪرڻ لاءِ سنڌين مينڊيٽ ڏنو پر پيپلز پارٽيءَ ان مينڊيٽ جو نه رڳو احترام نه ڪيو پر ان جي توهين ڪندي نه رڳو سنڌ ۾ ٻه بلدياتي نظام آڻڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي سنڌين قومپرستن جي اڳواڻيءَ ۾ ناڪام بڻائي ڇڏيو پر اُن ليگ کي به اتحادي بڻايو ويو جنهن کي ”قاتل ليگ” چئي، سنڌي عوام کان ووٽ ورتا ويا هئا.

گڏيل قومن جي رپورٽ موجب مشرف ۽ سندس ڪٺ پتلي حڪومت جي ناقص حفاظتي انتظامن سبب بينظير جو قتل ٿيو. ق ليگ ۽ ايم ڪيو ايم ڪالهه مشرف جون اتحادي هيون ۽ اڄ زرداريءَ جون اتحادي آهن.

آءِ ايس آءِ، ملٽري انٽيليجنس، ايف آءِ اي، ايف آءِ يُو، سي آءِ ڊي ۽ اسپيشل برانچ تي مشتمل جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم (JIT) جي رپورٽ_2010ع (جيڪا 179 صفحن تي مشتمل آهي) موجب 2010ع ۾ گرفتار ڪيل 26 ٽارگيٽ ڪلرس مان 14 جو تعلق ايم ڪيو ايم سان، 3 جو تعلق ايم ڪيو ايم حقيقيءَ سان، 5 جو تعلق لشڪر جهنگويءَ سان، 2 جو تعلق سپاههِ صحابه سان، 1 جو تعلق ANP سان ۽ هڪ جو تعلق سپاههِ محمد سان آهي. انهن دهشتگردن پنهنجي قيادت متعلق لڱ ڪانڊاريندڙ انڪشاف ڪيا آهن جيڪي رپورٽ جو حصو آهن. انهن دهشتگردن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

1 حبيب الرحمان_ ايم ڪيو ايم 2 مراد اختر صديقي_ ايم ڪيو ايم 3 سلطان عرف ڪپل_ ايم ڪيو ايم 4 جمال عبدالناصر عرف ڪمانڊو_ ايم ڪيو ايم 5 طاهر علي عرف توپچي_ ايم ڪيو ايم 6 عمران عرف لمبا_ ايم ڪيو ايم 7 شارق نفيس عرف شيري_ ايم ڪيو ايم 8 عاطف رشيد عرف گهوڙا_ ايم ڪيو ايم 9 اڪرم عرف اَڪُو_ ايم ڪيو ايم 10 انس بن هارون_ ايم ڪيو ايم 11 سيد ابو عرفان عرقي_ ايم ڪيو ايم 12 محمد اشتياق عرف سليمان عرف پوليس والا_ ايم ڪيو ايم 13 محمد ياسين_ ايم ڪيو ايم 14 رضوان محمود عرف خالد چيمبر_ ايم ڪيو ايم انهن ۾ محمد اشتياق عرف سليمان عرف پوليس والا سنڌ پوليس جو اسپيشل برانچ جو ملازم هو. هُو SP کان سپاهيءَ تائين 20 پوليس وارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهي.

ياد رهي ته ايم ڪيو ايم خلاف 1990ع جي ڏهاڪي ۾ ٿيل آپريشنز ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ 300 پوليس اهلڪار هن وقت تائين نشاني وار قتلن جو شڪار ٿي چڪا آهن.

ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل اجمل پهاڙي (100 قتل ڪندڙ) ۽ شاهنواز جون اعترافِ جرم واريون وڊيوز Youtube تي موجود آهن. ان تنظيم سان لاڳاپيل جن ٻين دهشتگردن جا نالا منظر عام تي آيا آهن انهن ۾ مدثر عرف چيف، ذيشان عرف ڊاڊا، سيد مرتضيٰ عرف مُرتُو، شهاب، ظفر ٽينشن، شاڪر، راجُو، نُورا، سَني (دهلي)، ذيشان (سنگاپور)، نديم نصرت (لنڊن)، عديل ڀائي، عبيد ڪي ٽُو، رافع، دانش، فيصل، عرفان عرف اِرفي، نومي، محمد ڀائي عرف حسن (لانڍي)، سلطان ڀائي (اورنگي)، جهانگير بابُو (ڪورنگي)، زُبير ڪالا، محمد ياسين، عامر ٽوپي، راشد پپُو عرف ڪانيا، عاطف رشيد عرف گنڊاري، ڪسوڊا، ڪامران ماڌوري، سهيل ڪمانڊو، ابوالبشر بنگالي، رئيس ماما ۽ ڊاڪٽر محمد زبير شامل آهن.

شڪيل عمر ڪراچيءَ جي ٽارگيٽ ڪلرس جو ڪمانڊر آهي، انيس قائمخاني ايم ڪيو ايم جي ٽارگيٽ ڪلرس جو لنڊن ۾ انچارج آهي جڏهن ته آصف دادن، نسيم بهاري (لياقت آباد وارو)، قمر غالب ۽ قمر ٽيڊي جو تعلق ايم ڪيو ايم جي ٽارگيٽ ڪلرس جي ڏکڻ آفريڪا يونٽ سان آهي. رضا ڀائي نالي دهشتگرد ان يونٽ جو انچارج آهي ۽ چڪرا ڳوٺ سانحي ۾ ملوث گرفتار دهشتگرد ڪامران ماڌوريءَ جو تعلق پڻ سائوٿ آفريڪا يونٽ سان آهي. اهو يونٽ 1990ع جي ڏهاڪي ۾ ڪراچي آپريشنز دوران فرار ٿيل دهشتگردن تي مشتمل آهي.

· مرزا صاحب ڊاڪٽر عمران فاروق کي “شهيد” جو خطاب عطا ڪيو.

ايم ڪيو ايم جي گرفتار دهشتگرد اشتياق پوليس والا جي JIT کي ڏنل بيان موجب هُو پاڻ، اجمل پهاڙي ۽ سعيد بهرام،ڊاڪٽر عمران فاروق جي حڪمن تي نشانه وار قتل ڪندا رهيا آهن ۽ اُهو بيان عمران فاروق جي قتل کان پهريان جو آهي. ان کان پهريان 1980ع جي ڏهاڪي ۾ عمران فاروق سنڌين جي قتل ۾ ملوث هو ۽ مٿس قتلن جا ڪيترائي ڪيس پڻ داخل هئا. ان دهشتگرد کي ”شهيد” جو خطاب ڏيڻ 90_1988ع ۾ ايم ڪيو ايم جي Ethnic Cleansing جو شڪار ٿيل سنڌي شهيدن جي رت جي توهين ناهي ته ٻيو ڇاهي؟

· رحمان ملڪ پهرين نمبر جو ڪُوڙو ۽ پاڪستان جو سڀ کان وڏو دشمن آهي.

عرض آهي ته ايم ڪيو ايم سان رشتيداري ۽ رحمان ملڪ کي اختيار ڏيندڙ ٻيو ڪوبه نه پر سندس محسن، دوست ۽ سياسي قائد آصف علي زرداري ئي آهي.

مفاهمت (منافقت) جي سياست پيپلز پارٽيءَ جي ايجاد آهي ۽ ان مفاهمت جي نتيجن ۾ 7000 شهري ماريا ويا ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جي قومي مفادن سان غداري ڪندي رهي ۽ دهشتگردن کي اقتدار ۾ شريڪ ڪري کين متارو بڻائيندي رهي.

قائم علي شاهه موجب سنڌ ۾ جاري ڪيل 191،780 هٿيار لائسنسز مان 150،000 لائسنس 2001ع کان 2008ع تائين جاري ڪيا ويا.

رحمان ملڪ موجب 30،000 هٿيار لائسنس ڪرپٽ آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري فراڊ ذريعي حاصل ڪيا ويا. هڪ ماڻهوءَ وٽ هڪ لائسنس تي 10 کان 50 هٿيار به آهن. سنڌ پوليس جي مارچ 2011ع رپورٽ موجب ڪراچي شهر ۾ 9m.m پستولن جو وڪرو 125000 هو. ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگز ۾ جيڪو هٿيار سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿئي ٿو اهو 9mm پستول آهي.

سنڌ جي وزير اعليٰ کي حاصل اختيارن جو 80 سيڪڙو صوبي جي گهرو وزير وٽ هوندو آهي. ذوالفقار علي مرزا ساڍن ٽن سالن تائين سنڌ جو گهرو وزير رهيو ۽ اهڙي طرح وٽس صوبي جي 80 سيڪڙو طاقت هئي پر ان عرصي ۾ سندس ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ هئي.

مراز صاحب تسليم ڪيو آهي ته هو لالچي هو ۽ ذاتي مفادن خاطر وزارت کي چنبڙيو رهيو پر هاڻي سندس اندر جو انسان جاڳيو آهي.

سنڌ ۾ جاري بحث جو هڪ ٻيو پاسو اهو آهي ته آخر اها ڪهڙي ڳالهه آهي جنهن مرزا صاحب کي Tip Over ٿيڻ تي مجبور ڪيو؟ عرض آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي اقتدار جو سج لهڻ جي ويجهو آهي. گذريل چئن سالن دوران مقتدر پارٽيءَ سنڌين جي اهنجن کي گهٽائڻ بدران ويتر وڌايو آهي. اڄ به هزارين گهوسٽ اسڪول جيئن جو تيئن موجود آهن. ٿاڻا ڪلچر نه رڳو جيئن جو تيئن موجود آهي پر بدامنيءَ ۽ بيروزگاريءَ ۾ تمام گهڻي واڌ ٿي آهي. مشرف جو بلدياتي نظام نه رڳو موجود آهي پر پيپلز پارٽيءَ ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏي هڻي تيرنهن جي محاوري تي پورو لهندي گذريل مهيني سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ کان به ڪونه گُٿي. اهو وار سنڌين کي Tip Over ڪرڻ جو باعث بڻيو ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌين پيپلز پارٽيءَ جي ڀوتارن لاءِ سنڌ غير محفوظ جڳهه بڻائي ڇڏي. ان احتجاج دوران جيڪي SMS گردش۾ رهيا جن جو تعداد ڪروڙن ۾هو انهن سڀني پيغامن ۾ جيڪي ٻه لفظ مشترڪ هيا اُهي هئا “غدار” ۽ “لعنت”. سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ احتجاج لاءِ ۽ پڻ جاڳرتا لاءِ پهريون ڀيرو موبائيل فون، فيس بُڪ ۽ ٽوئٽر جهڙين سماجي ويب سائيٽس جو ايڏي وڏي پئماني تي استعمال ڪيو ويو.

سال 2010ع جي هٿرادو ٻوڏ بندن جي مرمت لاءِ رکيل اربين روپيا پيپلز پارٽيءَ جي ڀوتارن ۽ بيورو ڪريسيءَ پاران هڙپ ڪرڻ ۽ بندن جي مرمت نه ٿيڻ جو فطري نتيجو هئي.

ڇانوڻي، ريلوي ٽريڪ ۽ صالح پٽ جون زمينون بچائڻ لاءِ کاٻي پاسي کي هٿرادو ڪٽ هڻي ٻوڙيو ويو. لکين ماڻهو لڏ پلاڻ تي مجبور ٿيا جن کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪرڻ جون ڊاڙون هنيون ويون. اڄ به ماڙيپور ۾ ان ٻوڏ جا ستايل بي گهر سنڌي کليل آسمان هيٺان ويٺل آهن. پوءِ جي صورت کان هر ڪو سنڌ واسي واقف آهي.

هلندڙ سال جي برساتن ۾ خاص طور تي سنڌ ۾ جيڪا تباهي آيل آهي اُتي سنڌ حڪومت ۽ ان جي ڀوتارن جي ڪارڪردگي مختلف چينلز تي ڏسي سگهجي ٿي.

آگسٽ ۾ پيپلز پارٽيءَ سنڌ جي وحدت تي جيڪو وار ڪيو اُڻ جي نتيجي ۾ سنڌي قوم قومپرستن سان گڏجي تاريخي هڙتال ۽ احتجاج ڪيو. ان کان پهريان پڻ گهر شماريءَ ۾ بي قاعدگين خلاف قومپرستن جي هڙتال جي ڪال کي ڀرپور موٽ ملي هئي. سنڌ جو موڊ تبديل ٿي رهيو آهي ۽ اُها هاڻي نتيجا گُهري رهي آهي. قومپرستن پاران “سپنا” جي صورت ۾ اتحاد ڪرڻ ۽ گڏجي چونڊن وڙهڻ جو اعلان ۽ “سنڌ بچايو ڪميٽيءَ” جي پليٽ فارم تان آزاديءَ پسند گروپن سان گڏجي جدوجهد ڪرڻ توڻي سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي ڪيس ۾ سنڌ بچايو ڪميٽيءَ پاران فريق بڻجڻ اهم ۽ تاريخي اڳڀرايون آهن.

پيپلز پارٽي بلوچستان، خيبر پشتونخواهه ۽ بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهي سگهڻ جي پوزيشن وڃائي چڪي آهي ۽ صرف سنڌ جي اڪثريتي پارٽي هئڻ ڪري ئي ان کي مرڪز ۽ حڪومت حاصل ٿي هئي. سنڌ مان مليل مينڊيٽ جي جنهن ريت پيپلز پارٽيءَ مِٽي پليد ڪئي آهي ان کانپوءِ سنڌ ڪارڊ سندس هٿن مان نڪري ويو آهي. سنڌ ڪارڊ ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ زرداري صاحب مرزا صاحب کي ميدان تي لاٿو آهي. مرزا صاحب ٻالڪپڻ کان اڄ ڏينهن تائين زرداري صاحب جو ماڻهو رهيو آهي. بينظير ڀٽو جي قتل ۾ ملوث مشرف کي پروٽوڪول ڏيندڙ، قاتل ليگ ۽ ايم ڪيو ايم کي اتحادي بنائيندڙ ۽ ڌاريا وسائڻ لاءِ ذوالفقار آباد ٺاهيندڙ زرداريءَ جي وفاداريءَ جا قلما پڙهندڙ ذوالفقار مرزا پنهنجي “محسن” پاران ڏنل ڪردار نڀائي رهيو آهي. سنڌين کي سندس اِهو بيان ڪڏهن به وسرڻو ناهي ته “قومپرست احتجاج لاءِ گهران نڪرڻ وقت مائرن کان موڪلائي نڪرن”

اُهي قومپرست سوات ۽ مالاڪنڊ جي متاثرن کي سنڌ آڻڻ خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا. ڄامشوري ۾ SUP جي اختر شاهه ۽ ڪراچيءَ ۾ STP جي ٽن ڪارڪنن جو پوليس/ رينجرس هٿان قتل پ پ حڪومت جي کاتي ۾ آهن.

سنڌ دهشتگردن سان هڪ هڪاڻي چاهي ٿي. اُها لنڊن جي ايجويئر هاءِ اسٽريٽ تي سُپر مارڪيٽ جي سامهون ڳاڙهين سرن واري عمارت ۾ پنهنجي “ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول پوسٽ” (صوفا) تي ويٺل شخص خلاف دهشتگردي ۽ انسانيت خلاف ڏوهن ۾ ملوث هئڻ ڪري BNA_1981, BNA_1948,BNA_1914 ۽ BNA_2002 جي ترتيبوار سيڪشن7، 40 ۽ 4 هيٺ ڪاروائي چاهي ٿي. سنڌ کي ايم ڪيو ايم خلاف لنڊن ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ عمران خان جهڙي بيان باز ۽ مرزا صاحب جهڙي ڪردار جي ڪا ضرورت ڪانهي.

قومپرستن کي گهرجي ته اُهي مقتدر ادارن کي Engage ڪن ۽ کين يقين ڏيارين ته اسين سنڌ ۾ مستقل طور آباد سمورن شهرين کي سنڌي سمجهون ٿا ۽ ساڻن گڏ رهڻ ۽ ونڊي کائڻ لاءِ تيار آهيون پر بگهڙن کي برداشت ڪرڻ لاءِ قطعي تيار ناهيون.

جيڪڏهن زرداري صاحب سمجهي ٿو ته ذوالفقار مرزا کي مارائي ان جو الزام قومپرستن تي هڻي اليڪشن کٽي سگهجي ٿي ته اها سندس خام خيالي ٿيندي.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو