Home / سياسي افيئر / !سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۽ مڪروهه مهانڊا
above article banner

!سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۽ مڪروهه مهانڊا

ڪراچي شهر سنڌ جو نه رڳو اڻٽٽ انگ پر ان جي دل به آهي. ان جي دل جي ڌڪ ڌڪ سان سڄي سنڌ جڙيل آهن. سنڌ جي راڄڌاني جو اهو شهر ڊگهي عرصي کان رت ۾ ٻڏل آهي. جنونيت، مذهبي فسطائيت، لساني ۽ نسلي نفرت ۾ گهيريل هي شهر اڄ به ڪيترين ئي سازشن جو شڪار آهي. اهي سازشون دراصل سنڌ جي سڃاڻپ ۽ ثقافت کان سنڌين کي محروم ڪرڻ لاءِ آهن. ڪجهه حلقا معصوميت سان ڪراچي کي مني پاڪستان سڏين ٿا، اهو نالو حقيقت ۾ ڄاڻي ٻجهي ڪراچي کي سنڌ کان الڳ تشخص طور ڏيکارڻ لاءِ راهه هموار ڪرڻ جي حڪمت عملي جو حصو آهي. منهنجي نظر ۾ مني پاڪستان جو اصطلاح سنڌ دشمن اصطلاح آهي، جنهن کي اسان کي سمجهڻ گهرجي.

مونکي ماضي قريب ۾ لاڙڪاڻي، عمر ڪوٽ، ٽنڊو آدم ۽ حيدر آباد جي ڪيترن ئي ادبي ميڙاڪن ۾ شرڪت جو موقعو مليو. اهڙن ميڙاڪن ۾ ڪراچي جا ڪيترائي اديب ۽ دانشور به شريڪ هئا. اسٽيج سيڪريٽري پنهنجي اعلان ۾ بار بار چوندو رهيو ته هي شاعر ۽ اديب ڪراچيءَ مان آيا آهن.مونکي گهٽ ۾ گهٽ اهو اعلان ٺيڪ نه پئي لڳو، جڏهن مونکي اسٽيج تي گهرايو ويو تڏهن مون سڀ کان پهرين اهو چيو ته آءُ ڪراچي مان نه سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي مان آيو آهيان ۽ مون اسٽيج سيڪريٽري تي واضح ڪيو ته هو ڪراچي ۽ سنڌ کي الڳ الڳ ڪري پيش ڪرڻ واري غلطي نه دهرائي.

حقيقت اها آهي ته ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي سازش پاڪستان ٺهڻ جي پهرين ڏينهن کان هلندڙ آهي. سڀ کان پهرين ڪراچي کي پاڪستان جي راڄڌاني بڻايو ويو ۽ ان تناظر ۾ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ حيثيت ڏيڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وئي، جنهن جي ڀرپور مخالفت سبب اها پاليسي فائلن ۾ دٻجي رهجي وئي. ليڪن صوبائي حڪومت عتاب هيٺ آئي. قيام پاڪستان جي شروعاتي سالن ۾ سنڌي ٻوليءَ سان ناانصافيون ڪيون ويون. برطانوي نوآبادياتي نظام ۾ به سنڌي ٻولي هتان جي عدالتن جي ٻولي هئي ۽ لازمي مضمون پڻ. يعني سنڌي ٻوليءَ کي آزاد پاڪستان ۾ عروج ۽ ترقي بدران زوال جي مرحلي مان گذرڻو پيو. ايئن 55_195 ع ۾ ون يونٽ قائم ڪري سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ مٿان خطرناڪ وار ڪيو ويو. ون يونٽ جو ٺهڻ سنڌ جي تاريخي وحدت مٿان سڌو حملو هو. ليڪن ان خلاف سنڌ جي عوام، دانشورن، اديبن ۽ سياسي ڪارڪنن ڀرپور مزاحمتي تحريڪ هلائي. اهڙي ريت اها تحريڪ 1969ع ۾ ڪامياب ٿي ۽ سنڌ عالمي منظرنامي تي پنهنجي عظمتن سان وري اُجاگر ٿي. ياد رهي ته 1955ع ۾ مارشل لا جي نتيجي ۾ “گريٽر پنجاب” جي منصوبي کي عملي جامو پهرائڻ سان گڏ ملڪ جي راڄڌاني ڪراچي کان راولپنڊي منتقل ڪئي وئي ۽ اسلام آباد نالي هڪ نئون شهر آباد ڪيو ويو. ايئن اسٽيبلشمينٽ جو شاهڪار منصوبو تڪميل تي پهتو. تڏهن اسلام آباد جي رستي تان گذرندي هڪ بنگالي دانشور چيو هو ته هتان جي روڊ رستن تان اوڀر بنگال جي سِڻي جي خوشبو اچي ٿي. حقيقت ۾ اوڀر بنگال جو عوام 1947ع کان وٺي جنهن سياسي ۽ معاشي استعمال جو شڪار رهيا هئا اهڙا خيال ان جو واضح مظهر هئا. واضح رهي ته اسلام آباد جي تعمير ۽ ترقي ۾ جتي اوڀر بنگال جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي وئي اتي سنڌ جي وسيلن جي به ان پئماني جي ڦرلٽ ڪئي وئي. هتي اها ڳالهه دهرائڻ اجائي نه ٿيندي ته قائد اعظم محمد علي جناح پنهنجي جنم ڀومي کي پاڪستان جي راڄڌاني بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هو. راڄڌاني لاءِ ڪراچي جي ٻهراڙي واري علائقن جي چونڊ ٿي چڪي هئي. ڪراچي کي عبوري پاڪستان جي راڄڌاني رهڻو هو پر نوڪر شاهي منڍ ۾ ئي قائد اعظم کي گهمراهه ڪرڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي ۽ سنڌ مخالف قوتن جي راهه هموار ڪئي. جيڪڏهن ملڪ جي راڄڌاني ڪراچي جي ڀرپاسي تعمير ٿئي ها ته سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام کي ان مان فائدو پوي ها پر نوڪر شاهي جي اڳواڻي چوڌري محمد علي، غلام محمد ۽ اسڪندر مرزا ڪري رهيا هئا. انهن ڍاڪا ۾ قائد اعظم کان پاڪستان جي اڪيلي قومي ٻولي اردو جو اعلان ڪرايو، جنهن جا اڳتي هلي ڀيانڪ نتيجا نڪتا. اِها اُهائي نوڪر شاهي هئي جيڪا اڳتي هلي فوجي قيادت سان ڳٺ جوڙ ڪري ملڪ تي قابض ٿي وئي. اهو به نه وسارڻ کپي ته مذڪوره نوڪر شاهي ئي 11 آگسٽ 1947ع تي قائد اعظم جي دستور ساز اسيمبلي کي خطاب کي سينسر ڪري ڇڏيو هو، جنهن جو تفصيلي ذڪر مرحوم ضمير نيازي پنهنجي ڪتاب “Press in chains” ۾ ڪيو آهي. اڳتي هلي انهن ئي قوتن سيڪيولر پاڪستان جي تصور جا ڌاڃوڙا ڪڍندي، ان تي رجعت پرستن کي ترجيح ڏني.

تاريخي حوالن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته پاڪستان هڪ اهڙي وفاقي رياست آهي جنهن ۾ صوبن کي وڌ مان وڌ خود مختياري حاصل هجڻ هئي. جڏهن ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ نوڪر شاهي جي ڪارستانين سبب مضبوط مرڪزي رياست وارو تصور اُڀريو. 1943ع ۾ سنڌ اسيمبلي جنهن پاڪستان جو ٺهراءُ منظور ڪيو هو. اها 1940ع جي ٺهراءُ جي حمايت ۾ هئي نڪي مظبوط مرڪز جي. حالانڪه مضبوط مرڪز جو پهريون وار به سنڌ تي ون يونٽ مڙهي ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخي وحدت ميسارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سان منڍ کان وٺي جيڪي به زيادتيون ڪيون ويون آهن ان ۾ غيرن جو هٿ ته آهي ئي آهي پر پنهنجن جا پاند به آجا نه آهن. سڀ کان بنيادي سياسي ۽ تاريخي ڏوهه جيڪو سنڌ ۽ سنڌي قوم سان ڪيو ويو اهو هيو سنڌ جي تاريخ ۾ ننڍي کنڊ کان الڳ ۽ آزاد حيثيت کان انڪار ۽ پاڪستان کي هڪ گهڻ قومي ملڪ ٺاهڻ بجاءِ اسلامي رياست جو اعلان. اهي ٻئي اعلان زميني حقيقتن کان انڪار برابر هئا. اها ڳالهه به وساري وئي ته پاڪستان ٺهڻ سان ٻه قومي نظرئي جوخاتمو اچي چڪو هو ۽ پاڪستان هڪ قوم نه پر گهڻين قومن جو ملڪ بڻيو. اهڙي منفي روئي سبب هتي رهندڙ قومون پنهنجي تاريخي وجود ۽ سڃاڻپ کان محروم ٿي ويون جنهن جو وڌ مان وڌ شڪار سنڌ ٿي.

ڪراچي جي سنڌي سڃاڻپ ۽ تشخص جي باب ۾ منفي ڪاررواين جي شروعات قيام پاڪستان کانپوءِ 15 آگسٽ 1947ع تي سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ ٻين هنڌن ۾ مرڪز جي قبضي سان ٿي. گورنر هائوس سنڌ، گورنر جنرل هائوس بڻيو ۽ ايوان صدر سڏجڻ لڳو. سنڌ اسيمبلي قومي اسيمبلي بڻجي وئي. 1948ع ۾ ڪراچي ۾ سنڌ يونيورسٽي قائم ٿي جيڪا بعد ۾ حيدر آباد منتقل ڪئي وئي ۽ هتي ڪراچي يونيورسٽي ٺاهي وئي جنهن جو ڪو به جواز نه هو. سنڌ يونيورسٽي کي ڪراچي بدر ڪرڻ اڄ به هڪ وڏو سوال آهي. ان کانسواءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ سنڌ بورڊ آف روينيو جا هيڊ ڪوارٽر حيدرآباد بدران ڪراچي ۾ ڇو نه قائم ڪيا ويا؟ اها ڳالهه منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي. اهڙيءَ ريت ماضي قريب ۾ قائم ٿيندڙ سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدر آباد بدران ڪراچي ۾ قائم ڪرڻ گهرجي ها. ان کانسواءِ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ٻين اهم ادارن جون هيڊ آفيسون حيدر آباد بدران ڪراچي ۾ قائم ٿيڻ گهرجن ته جيئن ڪراچي ۾ سنڌي سڃاڻپ نمايان حيثيت ۾ رهي.

اڄڪلهه نون صوبن بابت بحث مباحثي ۾ سنڌ کي هروڀرو هدف بڻايو پيو وڃي. ڪراچي جي الڳ صوبي بابت شوشو به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. ان سازش جي ڀرپور مخالفت ۽ مزاحمت ڪرڻ هر ان ماڻهو جو فرض آهي جيڪو سنڌ امڙ جي پٽ هجڻ جو دعويدار آهي. هتي اهو به واضح ڪندا هلون ته ٻاهرين ماڻهن جي اها آبادي جيڪا هتي روزگار ڪرڻ آئي آهي ۽ ڪراچي کي دبئي ۽ مسقط سمجهي ٿي. ان کي هتي سياسي حق گهرڻ ۽ سياسي منصب حاصل ڪرڻ جي دعويٰ نه ڪرڻ کپي. اهي سياسي حق کين پنهنجي صوبي ۾ حاصل آهن. سنڌ تي فقط سنڌين جي سياسي حق جي پاسداري ٿيڻ کپي ۽ ان تي ڪنهن به مصلحت جي گنجائش نه هجڻ گهرجي.

ڪراچي ۾ ڊگهي عرصي کان رت جي راند ڪئي پئي وڃي. اها دراصل سنڌ خلاف سازش ۽ سنڌ ورهائڻ جو حربو آهي. سنڌ ڌرتي سان پنهنجي قسمت ڳنڍيندڙن ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن کي سنڌ جي خوشحالي مان لاڀ حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندڙن کي مادر سنڌ جي يڪجهتي ۽ تقدس لاءِ ڪنهن به قسم جي جدوجهد کان نه ڪيٻائڻ کپي، تڏهن ئي اسان هن ڌرتيءَ جو وقار بحال رکي سگهنداسين.

ليکڪ اردو جو ترقي پسند دانشور ۽ اديب آهي. هي ليک خصوصي طور “افيئر” لاءِ لکيائين.

 


 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو