Home / افيئر / !سنڌي ادب ۽ سائنس فڪشن
above article banner

!سنڌي ادب ۽ سائنس فڪشن

اسين فطرت سان ايترو ويجهو رهيا آهيون، جو فطرت ۽ اسان جي وچ ۾ وهنوار، ڇڙهجي ڇنڊجي ۽ پڪو پختو ٿي ڄڻ ته فطري اصول ٿي پيو آهي. اهو اصول هڪ ٻئي لاءِ قبوليت ۽ احترام تي بيٺل آهي. اسان جي زندگيءَ ۾، ان اصول جو اظهار ثقافتي طور ٿيندو رهي ٿو. پر گهڻو امڪان آهي ته اهڙي روئي جي پيڙهه ۾ ڪي عقلي دليل ۽ معروضي سبب به ضرور هوندا. ڇو ته سنڌين جو فطرت ڏانهن رويو ايئن آهي ڄڻ ته هي وڻ ٻوٽا، پکي پکڻ، بي زبانه جانور، درياءَ سمنڊ ۽ ستارا اسان جا ڀاءُ ڀيڻ، مِٽ مائٽ ۽ پاڙيسري هُجن! هيءَ ڌرتي، اسان لاءِ ڄڻ ته هڪ زنده سلامت ٻاجهارو وجود هجي ۽ هيءَ ڪائنات هڪ اُتساهيندڙ عجائب گَهرُ هجي! هونءَ به ڪائنات، اُن جي اڻ – کٽ وسعت، پُراسراريت ۽ پولارَ اسان لاءِ ڪڏهن به دهشت جو سبب نه بنيا آهن. اُن ڪري دنيا جا سڀ منظم مذهب، فطرت ۽ اسان جي رشتي کي ’آقا‘ ۽ ’غلام‘ واري ڪيفيت ۾ نه آڻي سگهيا آهن. اُن سبب اسان جي لوڪ ادب ۾ برابري ۽ گفتگوءَ وارا پهلو حاوي آهن. ان کانسواءِ، ’مُمِڪنات‘ ۽ تجسُسُ پڻ ملندو. انهيءَ روئي جي ثابتيءَ لاءِ لوڪ ادب، خاص ڪري شاعريءَ مان ڪيترائي مثال ڏئي سگهجن ٿا. اهڙيون ڪي سٽون، آصف بالادي جهونگاريندو آهي:

الله اورانهون ڇڏي، پرانهين پنڌ پيا،

بنا نالي سپرين اڃا ڪي ٻيا،

واڪا ڪندا ويا، ’صادق‘ ٻڌيو سندرا.

اهڙي سيڪيولر ۽ سادي پر گهري خيال کي وڌائڻ لاءِ شاعريءَ کانسواءِ، نثري ادب به گُهرجي، جنهن لاءِ سائنس فڪشن مُکيه ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ڇو ته سائنس فڪشن پنهنجي جوهر ۾ تخيل جي گهڻ پاسائين اڏام ۽ اظهار جو وسيلو آهي. اُن ڪري ئي سائنس فڪشن جا پلاٽ، ڪردار ۽ ٻيا سڀ لاڳاپيل معاملا مستقبل سان واسطو رکندڙ هوندا آهن. هونءَ به سائنس فڪشن جا موضوع مستقبل، مستقبل جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، آرڪيالاجي، متبادل ڪائنات، خلا، خلائي سفر ۽ قديم جڳ هوندا آهن ۽ اِن جا ڪردار خلائي مخلوق، اِنسان ماتحت روبوٽ، غير معمولي صلاحيتون رکندڙ اِنسان هوندا آهن. سائنس فڪشن کي مٿئين تاڃي پيٽي جي دائري ۾ عقل ۽ تصور کي هٿي ڏيندڙ ادبي صنف چئي سگهون ٿا، جنهن جو ڪنهن به طرح ۽ ڪنهن به حوالي سان پُراڻ پسند سوچ سان واسطو ڪونهي.

سائنس فڪشن جا شروعاتي ماخذ ڏند ڪٿائي ادب جا شاهڪار آهن. ڇو ته اِنهن ۾ ويساهه ۾ نه ايندڙ ڪردار جا ڪم ۽ اعتبار کان ٻاهر جي دنيائن ۽ لقائن جو ذڪر آهي. پر جيڪڏهن اوائلي ڪتابن تي نظر وجهون ٿا ته اسان کي لوسيءَ جو ”ٽرو اسٽوري“، ”عربين نائيٽس“ ۽ ابن النفيس جا ڪتاب ملن ٿا. پر سائنس فڪشن جي قبوليت هڪ ادبي صنف طور 19 صديءَ ۾ ٿي. ڇو ته اِن دور ۾ جو ناٿن سُئفٽ جو ڪتاب ”گليوَرس ٽريوِلس“ والٽيئر جو ڪتاب ”مائڪرو ميگاس“ ۽ ڪئلپر جو جڳ مشهور ورڪ ”سونيئم“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا. ڪئپلر جي ڪم کي ڪارل سائگان ۽ آئزڪ ائسيموف پهرئين سائنس فڪشن تخليق سڏيو آهي. هِن ۾ چنڊ ڏانهن سفر ۽ اُتان ڌرتيءَ جي ڦيري جي نظاري بابت ٻُڌايو ويو آهي.

هتي هڪ ڳالهه واضح ڪجي ته سائنس فڪشن سرجڻ جو سِڌو واسطو مادي ۽ عِلمي ترقيءَ، خاص ڪري خلائي سائنس سان آهي. اُن ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ آيل سُڌارا، ادب جي هِن صنف تي سڌو ۽ تڪڙو اثر انداز ٿين ٿا.يورپ ۾ آيل صنعتي انقلاب ۽ سائنس فڪشن لاءِ هڪ مواقف ماحول پيدا ٿيو. هونءَ به 19 صديءَ کي ”سائينٽفڪ رومانٽڪ صدي“ چئجي ٿو. جيئن ته سنڌ ان وقت برطانيه جي بيٺڪيت هئي، اُن ڪري سائنس فڪشن سرجڻ واري ريت کان سنڌي ادب جو متاثر ٿيڻ لازمي هو. هتي هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته سائنس فڪشن جو گهڻو ڪم خلا، خلائي سفر، چنڊ تارن ۽ گرهن بابت هوندو آهي. انڪري، گهڻو ادب اهڙن ئي موضوعن تي تخليق ٿيندو آهي.

سنڌي ادب ۾ سائنس فڪشن جو پهريون ناول اسين صاحبسنگهه چندا سنگ شاهاڻيءَ جي ”تارن جو اڀياس يا آتو مير چنداڻيءَ“ کي چئي سگهون ٿا. هي ناول 1930ع ۾ ايڊيوڪيشن پبلشنگ ڪمپنيءَ ڪراچيءَ طرفان شايع ٿيو. هِن ناول جو تاڃي پيٽو، اُن زماني جي ڪراچيءَ جي شهري زندگيءَ جي جهلڪ ڏئي ٿو. هِن ناول جا ٻه مُکيه ڪردار هڪ ڳڀرو نوجوان ۽ هڪ سيٺياڻي آهي. ناول جو مُکيه ڪردار ’آتو‘ ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج ڪراچيءَ ۾ قائم آبزرويٽريءَ ۾ ويهي تارن، گرهن ۽ وايومنڊل جو اڀياس ڪري ٿو ته جيئن دُرست انگ اکر زراعت لاءِ ڪتب آڻجن، ٻوڏن ۽ موسمياتي تبديلين جو اڳواٽ بندوبست ڪري سگهجي. اهڙي طرح اسين رشيده حجاب کي پهرين ليکڪا چئي سگهون ٿا، جنهن سائنس فڪشن صنف جي دائري ۾ ڪهاڻيون لکيون.

سنڌي ادب ۾ سائنس فڪشن جي صنف ۾ قاضي فيض محمد جو ”ٻاويهه سَوُ ٻاويهه“ هڪ شاندار ڳڻپ آهي.انکانسواءِ، ايڇ جي ويلز جي جڳ مشهور ڪتاب، ”وار آف دي ورلڊس“ جنهن جو نصير سارنگ سنڌي ۾ ترجمو بعنوان“ مريخ جو حملو“ ڪيو آهي ۽ تازو شمس الدين عرساڻيءَ جو ترجمو ٿيل سائنسي ڪهاڻين جو ڳٽڪو ”سائنسي فسانه“ قابل ذڪر نالا آهن.

سائنس ۾ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ترقي، سويٽ رشيا ۽ آمريڪا جي خلائي پروگرام سبب اِنسان خلا بابت باخبر ٿيڻ لڳو ته سائنس فڪشن ۾ پڻ سُڌارا ۽ واڌارا اچڻ لڳا. اڳتي هلي سائنس فڪشن صنف ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. هڪ ”هارڊ سائنس“ ۽ ٻيو ”سافٽ سائنس“ هارڊ سائنس جا موضوع نيچرل سائنس رهيا ۽ سافٽ سائنس جا موضوع سماجي سائنس بنيا. انکانپوءِ، سائنس فڪشن ۾ ٻيا موضوع به داخل ٿيا، جيئن ”ممڪنات“، ”تجسُسُ“، ”جاسوسي“ ۽ ”ڊپ“. جيتوڻيڪ، سائنس فڪشن ۾ انهيءَ قسم جي ادب کي گهڻي پذيرائي ڪونه ملي. پر ”ممڪناتي ۽ قياس آرائي تي بيٺل لکڻيون“ جيڪي فيوچرالاجيءَ جي زمري ۾ اچن ٿيون، اِنهن تي گهڻو ڪم ٿيڻ لڳو. سنڌي ادب ۾ محمد بخش جوهر جو نالو ”قياس تي بيٺل ادب“ ۾ سرفهرست آهي. جوهر جا ڪيترائي ڪتاب ته سائنس فڪشن جو اعليٰ نمونو آهن، جن ۾ ”اڏام کٽولو“ ، ”اڏامندڙ ٿالهيون“ ۽ ”ماڪوڙن جي فوج“ قابل ذڪر آهن.

ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌي ادب ۾ سائنس فڪشن سرجڻ جي گنجائش وڌيڪ موجود آهي. ڇو ته سنڌي سماج مذهب ۽ زندگيءَ جي وهنوار کي ڌار ڌار ليکي ۾ آڻي ٿو. انکانسواءِ، لوڪ ادب کان وٺي هِن وقت تائين سرجندڙ ادب وٽ گهٽ ۾گهٽ عِلمي طرح مناسب ماحول مُيسر آهي ته هو سڀني قديم ڏاهپ جي ڪتابن ۽ منظم مذهب جي تصوراتي ڪائنات بابت ممڪنات ۽ قياس کي بُنياد بنائي سوچي. هونءَ به اهڙو ماحول ئي سائنس فڪشن لاءِ سازگار هوندو آهي.

سنڌي ادب ۾ سائنس فڪشن سرجڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ڇو ته دقيانوسيءَ ۽ ڏاڍ جي اُٿيل هِن لهر ۾ اسان کي عِلم ۽ ڌار تشخص ئي بچائي سگهندو. اهڙي سُڃاڻپ لاءِ سائنسي فڪشن اهم ڪردار ڪندو. هونءَ به طالبانيت هڪ ذهني ڪيفيت ۽ رويو آهي جنهن کي هڪ ٻي سيڪيولر ۽ عقل تي بيٺل ڪيفيت ئي عوامي سطح تي رد ڪري سگهي ٿي. سائنس فڪشن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ ته ورهاڱي کان وٺي هِن وقت تائين ڇپيل سائنس فڪشن کي ڳٽڪن جي صورت ۾ شايع ڪيو وڃي. انکانسواءِ، ابتدائي طور ٻارن لاءِ سائنسي ناول ترجمو ڪري شايع ڪيا وڃن. اهڙي طرح آرٿر سي ڪلارڪ، آئزڪ ائسيموف ۽ رابرٽ هينلين جو مُکيه ڪم سنڌي ۾ شايع ڪيو وڃي.

جيڪڏهن هڪ ترتيب سان سائنس فڪشن سنڌي سماج ۾ متعارف ٿيو ته پوءِ هڪ تير سان ڪيترائي شڪار خود بخود ٿي پوندا، جيئن ڪائنات، ڪائناتي معاملا اسان لاءِ ڳُجهه نه رهندا. سائنس فڪشن جا سافٽ موضوع اسان کي هارڊ موضوعن ڏانهن وٺي ويندا جنهن سبب پراڻ پسندي کان آجا ٿينداسين. پر جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ کوهه جا ڏيڏر بنجي پنهنجي حصي جو آسمان ۽ چنڊ تارا ڏسي ڏاڍا خوش ٿينداسين ۽ قبول ڪري ويهنداسين ته هيءَ ئي ڪائنات آهي، ڇو ته اِها ئي ته اسان کي نظر پئي اچي.!

 


 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو