Home / ڪور افيئر / !سنڌي عوام ۾ قومپرستيءَ جي نئين لهر
above article banner

!سنڌي عوام ۾ قومپرستيءَ جي نئين لهر

سڄي سنڌ جيتوڻيڪ پ پ پ کي ووٽ ناهي ڪندي، پر ان وقت جڏهن سنڌ ۾ ڪمشنري نظام بحال ڪيو ويو، ته ايئن لڳو ته سڄي سنڌ هڪ تندُ ۽ تار ۾ هئي جيڪا حڪومت جي اهڙي قدم کي ساراهي رهي هئي. سڀ ڄاڻن ٿا آخر اها ڪهڙي ڳالهه هئي جنهن پ پ پ کي هڪدم ايترو مقبول ڪيو جيڪا هروڀرو به متحده سان سلهاڙجي وڃي پئي پنهنجي گراف کي ڪيرائيندي. ايئن لڳو ته شايد سنڌ ڪافي عرصي کان ايئن ئي سوچي رهي هئي، جنهن کي پ پ جي قيادت اسلام آباد جي گندين هوائن ۾ ويهي ڪافي دير کانپوءِ سوچيو ۽ سمجهيو.

ڇا هڪ ننڍڙي ڳالهه“ڪشمير جون چونڊون” ايڏي وڏي قدم لاءِ پ پ پ کي مجبور ڪيو يا وري اها سڄي هڪ راند جو حصو هيو جنهن ۾ متحده جو احتجاج، سنڌ جي گورنر عشرت العباد جي استعيفيٰ ۽ پوءِ وري مرڪز ۾ ويهي سنڌ جي قيادت کي اهو حڪم ته ڪمشنري نظام بحال ڪيو جهڙا فيصلا.

پري جي ڳالهه ڪونهي سنڌ جي وزيرن کان وٺي وڏي وزير تائين اهڙا بيان وقت به وقت ايندا هئا ته متحده سان ڪمشنري نظام جي بحاليءَ لاءِ ڳالهيون هلندڙ آهن ۽ تمام جلد ڪجهه ترميمن سان اهڙو بل اسيمبليءَ کان پاس ڪرائي اهو لاڳو ڪيو ويندو. پوءِ اهو وعدو ان وقت وڃي پورو ٿيو جڏهن بظاهر متحده سنڌ ۽ مرڪز ۾ حڪومت مان هٿ ڪڍي وئي. صدارتي هائوس، سنڌ جي گورنر جي استعيفا منظور نه ڪري رهيو هيو ۽ هتي وري سنڌ جو نئون وزير داخلا منطور وساڻ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ چئي رهيو هو ته“سندس خواهش آهي ته گورنر عشرت العباد ئي هجي.

ڳالهه بلڪل ايئن هئي ته“ استاد مان ته ڪمبل ڇڏيان ٿو پر ڪمبل مون کي نٿو ڇڏي”. ڇا اهو چئي سگهجي ٿو ته موجوده حڪومت اهو سڀ ڪجهه اڳ ئي ڄاتو پئي ۽ صرف هڪ ٻئي کي پنهنجي عوام (ووٽرن ۾) ڪرندڙ ساک کي ٽيڪو ڏيڻ لاءِ ڪا شطرنج جي چال هئي. يا کڻي ايئن چئجي ته اهو قدم سڌي يا اڻسڌي طرح ٻنهي سياسي ڌرين کي ڀانءِ نه پيو. ان کان به اڳتي اهو به هڪ عام تاثر آهي ته سنڌ ۾ پ پ پ پنهنجي ڪرندڙ ساک کي ٽيڪو ڏيڻ لاءِ اهڙي ڪوڙي گوري کاڌي.

خبر نه پئي ته ڏسندي حڪومت، متحده سان مذاڪرات ڪيا ۽ ڳالهه وڃي اتي بيٺي ته سنڌ صوبي ۾ ان جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۽ حيدر آباد ۾ مڪاني ادارن وارو نظام بحال ڪيو ويو (هڪ آرڊينس ذريعي) ۽ باقي رهيل ضلعن ۾ وري ڪمشنري نظام لاڳو ڪيو ويو. سولن لفظن ۾ ته هڪ سنڌ صوبي ۾ هڪ ئي وقت ۾ ٻه نظام لاڳو ڪيا ويا. جنهن تي سنڌ هڪ ٿي بيهي رهي. ان حد تائين جو وقت جي حڪومت، اهڙي موٽ ۽ جذباتي طرح وڙهڻ جي صورتحال جي باري ۾ شايد ڪڏهن وڏن محلاتن ۽ ايوانن ۾ ويهي تر جيترو به نه سوچيو هوندو.

سوال اهو آهي ته ڪاڏي وئي صدر پاڪستان طرفان ٺاهيل چار رڪني ڪميٽي جنهن کي اهو اختيار هيو ته هو سڀني ڌرين سان ڳالهائي ۽ پوءِ فيصلو ڪري ۽ وري ان منظر کي ڪهڙي کاتي ۾ آڻبو جڏهن سنڌ جي وزيرن ڪمشنري نظام بحال ٿيڻ تي مٺايون ورهايون، جشن ملهائي، جلوس ڪڍرائي ۽ اخبارن ۾ وڏا وڏا بيان ڏئي ۽ فوٽو ڇپرائي اهو چئي رهيا هئا ته “اهو بينظير ڀٽو جو خواب هيو ۽ اسان ڊڪٽيٽر جنرل پرويز مشرف جي ٺاهيل نظام کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان ان جي راهه تي هلي رهيا آهيون”

ڇو ڀلا اهڙن بيانن کان پوءِ جي صورتحال کان پ پ پ قيادت واقف نه هئي؟ ان جو جواب پ پ پ جي وزيرن جي بيانن مان واضح نظر پئي آيو ته اها “ٺهي هلڻ” جي پاليسيءَ تي هلندي ڪجهه نه ڪجهه ڪرتب ضرور ڏيکاريندي.

هڪدم قلابازي کائي سڄي مڪاني نظام کي نافذ ڪرڻ تي، سڄي سنڌ ۾ ايتري وڏي نفرت موجود آهي جنهن کي هنن ڪڏهن محسوس نه ڪيو آهي. ڇا اعلان هيو ۽ ڇا ان تي رد عمل_ سنڌ ڄڻ، ڪنهن سمنڊ جي پيٽ ۾ ٻرندڙ جوالا مکيءَ تي جيئن ڦاٽي پئي هئي ۽ هر طرف هڪ آواز ته هي ڇا ٿي ويو_ هي ڇا ٿي ويو.

اڄ جا تازا مامرا ۽ ٻرندڙ واقعا سڀاڻي جي تاريخ هوندا_ ڇو ڀلا ان ڳالهه کان پ پ پ جي دانشور قيادت واقف نه هئي. هڪدم ڪمشنري نظام کي بحال ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي ڄائي سنڌ جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي ۽ وقتي گورنر کان آرڊيننس جاري ڪرايو ويو جيڪو وڏن دهلن دمامن سان سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرايو ويو ۽ اهو قانوني طور تي هڪ ‘ايڪٽ’ جي شڪل ۾ لاڳو ٿي آئيني شڪل اختيار ڪري ويو.

خبر تڏهن پئي جو منظور وساڻ جي بيان ڪيل خواهش مطابق سنڌ جو گورنر عشرت العباد، صدر پاڪستان جي خاص جهاز ۾ دبئي کان ڪراچي (سنڌ جي گادي واري هنڌ) پهتو ۽ آرڊيننس تي آرڊيننس آيو ۽ سڄي سنڌ ۾ پرويز مشرف جو نظام لاڳو ڪيو ويو. ڄڻ باهه ٻري وئي_ سنڌ جاڳي پئي “هڪ آواز” سان ته اهو نظام واپس وٺو. ڪُلُ قوم پرست پارٽيون جي هڪ ٿيون ته ڪاوڏي ڳالهه آهي_ پر وڏي ڳالهه اها آهي ته هر سنڌي اٿي پوءِ جتان ڪٿان اهو ئي پڙاڏو اچي رهيو هيو ته اهو نظام نا منظور.

هڪ نظر پاڪستان جي چونڊيل وزير اعظم يوسف رضا گيلاني جي ان بيان تي وجهون ته پارليامينٽ مضبوط آهي ۽ پارليامينٽ سپريم آهي. ڇا اهو ضروري آهي ته چونڊيل حڪومت جنهن جو اسپيڪر، وزير اعظم ۽ پوءِ صدر وڏي اڪثريت سان چونڊجي اچن، ان کي اهڙن فيصلن ڪرڻ کاءِ ڪنهن آرڊيننس جي ضرورت پوي.

ٻي ڳالهه اهو ڪٿان جو منطق آهي ته سنڌ جا فيصلا مرڪز مان موڪليل معتبر ڪن؟ ڇا اهو هتان جي ليڊرشپ تي بي اعتمادي اڻ سڌي طرح اظهار ته نه آهي؟

ان کانپوءِ 18 ترميم ذريعي صوبائي خود مختيارين جي هيٺين سطح تائين بيانن کانپوءِ مرڪز ڇو نه ٿو صوبن کي پاڻ فيصلا ڪرڻ ڇڏي ۽ ڪهڙيءَ طرح ڪڏهن، رحمان ملڪ ۽ ڪڏهن ڊاڪٽر بابر اعواڻ اچي ٿو. گورنر هائوس تي سنڌ لاءِ فيصلا ڪري ۽ سنڌ جي قيادت شايد اتي ان حڪم سان هئي ته ڪجهه ڳالهائڻو نه آهي.

اهڙن مڙني فيصلن ۽ هڪ جاءِ نه بيهڻ وري اڻسڌي طرح قومپرست ڌرين کي هڪ ڪري ڇڏيو ۽ انهن سان گڏجي حڪومت تي اڳ ۾ ئي ٻين سياسي جماعتن جي “گڏ ٿيل” ڪاوڙ ظاهر ٿي ۽ سنڌ ۾ زبردست هڙتال ٿي. افسوس اهو آهي ته اهڙن اشارن کي پ پ پ حڪومت ايئن چئي رد ڪري رهي آهي ته اهي قوم پرست ڪڏهن هڪ سيٽ به کٽي نه سگهيا آهن ۽ اهي ٽيهن چاليهن جا ٽولا ڪابه اهميت نه ٿا رکن. شايد حڪومت اهو چئي ان احساس کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي ته هي احتجاج يا وري عام ماڻهن جو اُڀار سنڌ جي هر ان ڄائي جو هيو جيڪو هن ڌرتي سان پيار ڪري ٿو ۽ ان کي Own ڪري ٿو. هونئن به ڌرتيءَ کان ڌار ڌرتيءَ ڌڻي ڌار رهي ڪونه ٿو سگهجي ۽ اهو هن هيڏي ساري هڙتال ظاهر ڪري ڇڏيو.

رضا رباني سينيٽر کان وٺي ايم پي اي حميرا علواڻيءَ تائين ان راءِ جا آهن ته حڪومت کي جيڪڏهن ايئن ڪرڻو هيو پوءِ اهو سڀ ڪجهه اسيمبليءَ معرفت ڪن ها ته گهٽ ۾ گهٽ ان جي عزت ته بحال رهي ها! هي آواز ڪو ‘عام’ آواز نه آهي ڇو ته ان پٺيان تمام وڏا تجربا آهن ۽ احساس آهن، اُميد جا فيصلا آهن ۽ ايندڙ وقت جون حالتون آهن.

وڏي کان وڏي ڳالهه جيڪا سڀاڻي جي تاريخ ٿي ويندي ۽ ڪيترا ڊاڪٽر مبارڪ پاران ان کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪندا اُها اِها آهي ته ڇا اهو درست قدم آَهي ۽ سنڌ اسيمبلي جنهن ۾ سواءِ ايم ڪيو ايم جي مڙني ميمبرن حڪومت کي واڌايون ڏيندي ڪمشنري نظام لاءِ اٿي بيهي تقريرون ڪيون ۽ ووٽ ڏنو، ان جي حيثيت کي صرف “مفاهمتي” پاليسي تحت هڪ آرڊيننس ذريعي ختم ڪيو ويو.

هاڻ ڪو ٻڌائي ته پارليامينٽ سپريم آهي يا وري ان تي حالتون ۽ خواهشون حڪمراني ڪن ٿيون. عام تاثر اهو آهي ته گورنر کي اهڙو ڪوبه اختيار 1973 وارو آئين به ڪونه ٿو ڏئي. سنڌ هائيڪورٽ جي معتبر وڪيلن ۽ سينيٽنرن کان ان سلسلي راءِ ورتي وئي ته انهن گورنر جي اهڙي آرڊينس کي بلڪل غير آئيني قدم قرار ڏيندي اها راءِ ڏني ته ان ڪورٽ کي ۾ چئلنيج ڪري سگهجي ٿو.

آئين جي آرٽيڪل 116 سب سيڪشن (5) ۾ اهو واضح طور تي لکيو پيو آهي ته“اسيمبليءَ طرفان اهڙي ڪنهن به ايڪٽ کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي، گورنر جي ڪنهن آرڊيننس ذريعي. جيڪڏهن آئين ۾ اهو واضح لکيو پيو آهي ته پوءِ آخر حڪومت کي ڪهڙي تڪڙ هئي ته سنڌ اسيمبليءَ جي اهڙي قسم جي بي حرمتي ڪئي وڃي.

سڄي سنڌ ۾ مڪاني نظام لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ته ايم ڪيو ايم جو نه هيو_ اها ته صرف ڪراچي ۽ حيدر آباد جي اڳوڻي حيثيت جي بحاليءَ تي راضي هئي_ پر حڪومت ايم ڪيو ايم جي گورنر کان اهو ڪم ڪرايو ا هاڻ ايم ڪيو ايم سڄي سنڌ ۾ حڪمران آهي. ڇو ته حڪومت بظاهر اهڙو ڪوبه فيصلو ڪونه ٿي ڪري يا ڪري نه ٿي سگهي جنهن سان ايم ڪيو ايم ناراض ٿئي.

سنڌحڪومت جي نئين مقرر ڪيل وزير داخلا منطور وساڻ وري اهو اوچتو خواب لڌو آجي ايم ڪيو ايم جا وزير، وزارتن مي موٽي ايندا ۽ سنڌ جي مڪاني ادارن جو سگهارو وزير آغا سراج دراني اها ڳالهه ڪري چڪو آهي ته ايم ڪيو ايم عيدکان اڳ حڪومت ۾ موٽي ايندي.

ڇا اهو سڀ ڪجهه اڳواٽ طئي ٿيل “ڳجهه” آهي يا هي حڪمران ايم ڪيو ايم اڳيان مجبور آهن. ڇو ڀلا موجوده صورتحال ۾ پ پ پ پاڻ کي اسيس نه ٿي ڪري ۽ صحيح رخ ۾ هلڻ لاءِ عوام ۾ پهريون ۽انهن کان هروڀرو به غلط فيصلن ذريعي “دوريون” وڇوٽيون وڌائيندا وڃن. آخر ڪهڙي ماجرا آهي ۽ ڪهڙي طاقت آهي جو پ پ پ کي عوام کان پري ٿي رهي آهي. اهو ڪٿان جو عقل آهي ۽ ڪهڙن دلين پ پ پ جي ليڊرن تي پنهنجون موبائلون بند رکڻ تي مجبور ڪيو. اهو به اهڙو قدم هيو جنهن پ پ پ کي نقصان رسايو آهي ۽ اهو تاثر اڀري آيو آهي ته ٻيو ته ٺهيو عوام جي جڙندڙ راءِ اظهار تي غلط يا صحيح ٻڌن به سهي.

هاڻ بال حڪومت جي ڪورٽ ۾ آهي ۽ ڏسڻو اهو آهي ته اها کيڏي ڪيئن ٿي ۽ هيڏي وڏي عوامي اُڀار کي ڪينئن ٿي منهن ڏئي يا وري ان کي هڪ “پاسنگ ايوينٽ” وانگر چکي به نه ٿي ڪري.

ان کان وڏو سوال اهو آهي ته سنڌ اسيمبلي جي استحقاق جي مجروح ٿيڻ جو ڪو حل موجوده حڪومت وٽ آهي ۽ سماج مان اهو تاثر ڪيئن ختم ٿيندو ته سنڌ جي گورنر صرف هڪ ڌڪ سان آرڊيننس وسيلي چونڊيل اسيمبلي جي فيصلن کي رد ڪيو آهي.

آخري ڳالهه ته ڇا سنڌ صوبي ۾ ٿيل مفاهمت واري عمل تحت قائم حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ اهم آهي_ هونئن ته هن اسيمبليءَ ۾ جي چاهي ته پ پ پ اڪيلي سرحڪومت جوڙي سگهي ٿي ته پوءِ آخر ڪهڙيون مجبوريون آهن جو غير عوامي فيصلا هڪ عوامي پارٽي ڪري رهي آهي ۽ ان جا نقصان ايندڙ چونڊ ۾ ظاهر ٿي سگهن ٿا.

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو