Home / ويندي ويندي / !سُڪا ۽ ساوا- سڀ گڏ سڙندا آهن
above article banner

!سُڪا ۽ ساوا- سڀ گڏ سڙندا آهن

ايترن سالن ۾ شايد ڪڏهن به ايئن نه ٿيو هجي ته “افيئر” جي ڪاپي فائنل ڪرڻ کانپوءِ ويندي ويندي آخري اکر لکڻ وقت ايتري تڪليف ٿي هجي، جيتري اڄ ٿي رهي آهي. ڪراچي ۾ امن ته هاڻ هڪ خواب ئي رهجي ويو آهي، پر انهي امن جي رڃ ۾ ڌرتي ڌڻين جي نڌڻڪائپ جو ايترو ۽ ايئن احساس اڳ ڪڏهن نه ٿيو جيترو اڄ ٿي رهيو آهي. ڪراچي جي هڪ ڪنڊ تي چڪرا نالي ڳوٺ جي وسندي تي هٿياربند ٽولن جي حملن کانپوءِ اتان جي ماڻهن جي بي وسي ۽ سندن ڪوس جون خبرون ٻڌي دل ڄڻ هماليه کان ڳورن پٿرن هيٺان دٻجي وئي آهي- 1988ع ۾ رت وهنتل سنڌ اڃا مٿو ڌوئي پنهنجي وک ئي مس کنئي آهي ته کيس هڪ ٻيو “مهاڀارت” منهن ۾ اچي لڳو آهي.

عبدالواحد آريسر ۽ همنوا جي ان خيال سان ڪهڙي عقل جي انڌي کي اختلاف هوندو ته سنڌ کي نسلي ڇڪتاڻ رڻ ۾ رولي ڇڏيندي، پر جڏهن ڪا جنگ توهان تي ان خيال کان مسلط ڪئي وڃي ڇو ته اوهان هن ڌرتي ڄايا هجڻ جي دعويٰ تان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار ناهيو ته پوءِ اوهان جو ردعمل ڇا هوندو؟ ڌرتي تان هٿ کڻندا يا پاڻ تي کنيل هٿ کي روڪڻ جي طاقت پيدا ڪندا؟

ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين سالن کان ٽئين درجي جي شهري جي حيثيت ۾ ڀوڳيو آهي. ذوالفقار مرزا هڪ وفاقي پارٽي جو وزير آهي، جيڪا پاڻ کي چئني صوبن جي زنجير سمجهندي رهي آهي. ان ڪري کيس سنڌين جي پارٽي نٿو ڳڻي سگهجي، پر ان ڳالهه کي ڇا سمجهجي ته مهاجر آبادي ۽ سندن قيادت تي ڳالهائي ذوالفقار مرزا ۽ ان جي سزا ملي سنڌين کي؟ سندس بيان جي باهه سنڌين مان کين ماري ۽ دڪان ساڙي ڇو ڪڍي وئي؟

مٿان وري ستم ظريفي ته ڏسو جو سنڌين کي جنهن پارٽي جي ڪري مار ملي ٿي سا پارٽي اقتدار ۾ هوندي به سنڌين جو بچاءُ نه ٿي ڪري سگهي- يا نه ٿي ڪرڻ چاهي ته متان سندن مٿان قوم پرستي جو ليبل نه لڳي وڃي. سنڌين جو ان پارٽي سان هڪ طرفو عشق ته ڏسو. چاليهه سالن کان سنڌي ماڻهن ان پارٽي کي ووٽ ڪيو آهي، ان پارٽي لاءِ لٺيون کاڌيون آهن. ايم آر ڊي 1983ع ۽ 1986ع جهڙيون تاريخ ساز مزاحمتون ڪيون آهن، پر ان پارٽي وٽ سنڌين جي شهرن ۾ آبادڪاري يا بچاءُ لاءِ ڪا رٿا ته پري ٿي، ڳڻتي ۽ نيت ئي ناهي. هي ٿلهن ٽائرن وارين گاڏين ۾ چڙهندڙ وزيرن ۽ ايم پي ايز جي مخلوق کي سج لٿي کان پوءِ ڪنهن جهنڪار ڀري محفل ۾ پهچڻ جي ڳڻتي لڳل هوندي آهي، ۽ ڏينهن ڪامورن کان فائل سنگهي ان ۾ لڪل رقم ڳولڻ جو هنر سکڻ ۾ گذاريندا آهن. کين ڪهڙي خبر ته عام سنڌي تي ڪراچي ۾ سج سوا نيزي بيٺل آهي يا اڌ نيزي تي؟

ڪراچي اڄ کان سٺ سال اڳ خالص سنڌي شهر هو. اها ته تاريخ جي ڏاڍائي چئجي جو گڏيل هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جو پڙهيل لکيل طبقو، جيڪو سنڌ جو نڀاڳ چئجي جو سڄي جو سڄو هندو مذهب وارن تي مشتمل هو، سو هتان لڏي ڀارت هليو ويو ۽ سندن جاءِ تي جيڪي سنڌي مسلمانن جا هم مذهب آيا سي سندن هم زبان نه هئا. نتيجي ۾ سنڌ جي شهرن ۾ “ڪلمه گو” جي ته اڪثريت رهي، پر سنڌي ٻولي ڪراچي ۾ اجنبي ۽ اوپري ٿي وئي. هاڻ مس مس سنڌ۾ اهو مڊل ڪلاس پيدا ٿيو پئي جنهن شهرن جو رخ ڪيو ۽ شايد اها ئي ڳالهه ڀارت مان لڏي آيل اسان جي هم مذهب ڀائرن کي نه ٿي وڻي. پهرين ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ داخلا ڏکي ڪئي وئي، پوءِ روزگار ۽ هاڻ حياتي- اهو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو ته سنڌي پنهنجي وطن ۾ هيسيل ۽ دٻيل رهندا يا ڪر موڙي جاڳندا، پر هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته هي واقعي به 1988ع يا 1992ع جي سنڌ يا ايم ڪيو ايم ناهي، هن ڀيري هي جنگ رڳو ڪي گهر نه پر شهر ۽ ڳوٺ ساڙيندي. سُڪا ۽ ساوا سڀ گڏ.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو