Home / ڪور افيئر / !تبديل ٿيل سنڌ جو ڪروڌ
above article banner

!تبديل ٿيل سنڌ جو ڪروڌ

“13 آگسٽ تي حقيقي معنيٰ ۾ ڪراچي کان ڪمون شهيد تائين سراپا احتجاج بڻيل سنڌ جو پيغام، ڪراچي جي ڀتين تي ان ڳاڙهي اسپري سان ڪيل چاڪنگ کان وڌيڪ واضح ۽ حڪمرانن جو اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي، پر طاقت جي نشي ۽ غلط فهمي ۾ مبتلا پ پ وارا ان پيغام کي سمجهڻ کان عاري آهن” 14 آگسٽ واري ڏينهن حيدر منزل تي سنڌ بچايو ڪميٽي اڳواڻن سيد جلال محمود شاهه، بشير قريشي،صفدر سرڪي ۽ ٻين جي پريس ڪانفرنس کان اڳ سنڌ جو هڪ جهونو قومي ڪارڪن پنهنجن مخصوص انداز ۾ جيڪي تبصرا ڪري رهيو،هي جملو انهن مان هڪ هيو.

 

سنڌ اسيمبليءِ پاران سنڌ ۾ ڪمشنري نظام کي بحال ڪرڻ واري قانون کي جهڙي ريت مصلحت ۽ ايم ڪيو ايم جي خوشنودي خاطر رات پيٽ ۾ هڪ آرڊيننس ذريعي مٽائڻ جوفيصلو ڪيو ويو، ان سنڌ جي انهن دٻيل خدشن کي وري جياري ڇڏيو آهي، جنهن هيٺ سنڌ جون گهڻ گهريون سياسي ڌريون ۽ سمورو سنڌ سماج اهو سمجهندو رهيو آهي ته ڪٿي نه ڪٿي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي ڇيهو رسائڻ جي خواهش دکي رهي آهي. پ پ جي حڪومت طرفان بنا سوچ ويچار جي پنهنجي پارٽي ۽اسيمبلي طرفان پاس ڪيل ڪمشنري نظام کي ختم ڪري لوڪل گورنمنٽ آرڊيننس 2001ع مڙهڻ ۽ان ۾ واضح نموني ڪراچي ۽ حيدر آباد جهڙن سنڌ جي ٻن اهم شهرن کي هڪ جاگير جيان هڪ سياسي ڌر حوالي ڪرڻ، سنڌ جي انهن انديشن کي ڊپ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري 13 آگسٽ تي ان فيصلي خلاف سنڌ جهڙي ريت ردعمل ظاهر ڪيو، اهو رڳو ڏهاڪو قومپرست پارٽين جو احتجاج نه پر سنڌ جي ڳڻتي ۽ ڪروڌ جي هڪ ننڍڙي جهلڪ هئي، جنهن کي پ پ قيادت ڀلي سو دفعا چند قومپرستن جو شوشو ڪوٺي، پر ڪيئي ڏينهن تائين پ پ اڳواڻن ۽ وزيرن طرفان فون بند ڪري ڇڏڻ آفيسن مان گم هجڻ ٻڌائي ٿو ته هو حقيقت ۾ سنڌ جو ردعمل ڏسي چڪا آهن. پر سياسي منظرنامي مان جيڪو سياسي استعارو جڙيو تنهن ۾ اهو تاثر عام ٿيڻ لڳو ته ”سنڌ ڪارڊ” جيڪو اصل ۾ سنڌ جي سياسي ۽ قومي شعور جو “ريسورس سينٽر” آهي، سو پ پ ۽ ان جي قيادت سان گڏ آهي. ثقافتي ڏهاڙن ۾نالي ۾ نهال (اردو) قومي ميڊيا طرفان سنڌ مخالف پروپئگنڊا خلاف سنڌ جي سڌي ۽ اڻ سڌي عمل هر وقت پ پ کي سگهه ۽ ڀرپور حمايت ڏني، جنهن سان ڏکئي وقت ۾ پ پ اسٽيبلشمينٽ سميت اقتداري ٽڪساٽ ۾سنڌ جي ان جماعت کي پنهنجي ڊائلاگ ۽ حاصلات جي طاقت ڀور استعمال ڪندي رهي.

پر دنيا ۾ ڏاهپ جي آزمايل اصولن جيان ٿيو اهو، جيڪو هميشھ ٿيندو آيو آهي. طاقت ۽ تمام گهڻي طاقت انڌي ٿيندي آهي. طاقت ۽ حمايت جي ان انڌ ۾ پ پ سنڌ جي اجتماعي شعور ۽ ڏاهپ کي ليکي ۾ نه آڻيندي، “سنڌ ڪارڊ” کي “وطن ڪارڊ” جيان استعمال ڪري ڦٽو ڪري ڇڏڻ واري روش اختيار ڪئي ۽ پنهنجي ئي طاقت جي ان سرچشمي کي لوڙهڻ وسيلي غلطي وچان هڪ اهڙو خطرناڪ قدم کڻڻ ڏانهن وڌي وئي، جنهن جو ڊپ سنڌ اڌ صديءَ تائين پنهنجي اندر پاليندي آئي آهي ۽ سنڌ جي قومي سياست ۾ ان مٿان ايتري ته رياضت ۽ ٻاڪار ٿي آهي جو سنڌ جي وحدت ۽ سلامتي پارٽين ۽ گروهن کان گهڻو مٿاهين ٿي سنڌ جي عوام جي اولين ايجنڊا تي نروار ٿي آهي. غلطي وچان پ پ پنهنجي ئي طاقت جي سرچشمي سنڌ جي انهيءَ ڏکندڙ رڳ مٿان هٿ رکي ڇڏيو آهي. جيڪا رڳ ڇيڙڻ سان سنڌ جي سموري وجود ۾ خطرناڪ پيڙا اڀري پئي آهي.

پ پ پاران سنڌ مٿان لوڪل آرڊيننس 2001ع مڙهڻ ۽ان جي نتيجي ۾ ٿيل ڀرپور عوامي احتجاج مٿان چٿرون ڪرڻ لاءِ ٻن اعواڻن جي چونڊ ڪئي وئي. پهريون اعواڻ “مولوي” سينيٽر بابر اعواڻ آهي، جيڪو رات پيٽ ۾ ڪراچي پهتو. پڪائي ۽ قيادت جي غلط فيصلن جو دفاع ڪرڻ، جيئن ته سندن فرضن ۾ شامل آهي، ان ڪري ڪنهن به صورت ۾ مڃڻو نه آهي.

پ پ پ پاران پنهنجي ان قدم، جنهن تي سنڌ ۾ مٺايون ورهايون ويون ۽ پارٽي يونٽن کان مبارڪن ورا ميڙ ڪرايا ويا، ان قدم تي اوچتو تبديلي ڪري سنڌ ۾ پرويز مشرف جي ان نظام کي ٻيهر بحال ڪرڻ تي ڪيئي رايا ۽ تبصرا سامهون اچي رهيا آهن. جنهن نظام کي پ پ پاڻ ناڪاره ۽ هڪ مخصوص سياسي پارٽي ۽ طبقي کي نوازڻ وارو قرار ڏيندي رهي آهي. جيڪي مختلف رايا سامهون اچي رهيا آهن انهن موجب، پ پ طرفان مصلحتن ايم ڪيو ايم کي ايندڙ سال مارچ ۾ سينيٽ جي چونڊ تائين هر صورت ۾ راضي رکڻ،ايم ڪيو ايم آڏو مڪمل طور جهڪي وڃڻ، فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ جي مرضي تي ايم ڪيو ايم کي راضي رکڻ ۽ سنڌ جي ردعمل کي اهميت نه ڏيڻ جهڙا ويچار تبصرن ۾ اچي رهيا آهن.

جيئن ته پ پ سنڌ جي سگهاري ۽ مقبول پارٽي آهي، ان ڪري گذريل سالن دوران، توڙي جو ملڪ جي ٻين هنڌن تي پ پ خلاف واويلا جو طوفان اٿندو رهيو آهي، پر سنڌ بشمول قومپرست ڌرين جي، انهن چئن سالن دوران پ پ خلاف ڪوبه اهڙو ردعمل ظاهر نه ڪيو جنهن سان اهو تاثر مليو هجي ته سنڌ اندر پ پ خلاف ڪو وڏو محاذ جڙي سگهي ٿو. توڙي جو سنڌ جي اڪثر سياسي ۽ قومپرست پارٽين اين ايف سي ايوارڊ ۽ آئيني ترميم جهڙن قدمن کي نمائشي ۽ سنڌ سان فريب قرار ڏيڻ باوجود ڪو وڏو احتجاج يا پ پ خلاف وسيع محاذ قائم نه ڪيو. گذريل چئن سالن کان جهڙي ريت سنڌ خاموشي سان پ پ جي پوئلڳي ڪندي رهي ۽ پ پ ۽ ان جي قيادت کي مختلف وقتن ۽ خاص ڪري اردو ميڊيا جي باهوڙ خلاف حمايت جو يقين ۽ عملي مظاهرو ڪندي رهي، ان سان اهو تاثر مضبوط ٿيندورهيو ته سنڌ سو سيڪڙو پ پ سان گڏ آهي. ان سموري گورنر هائوس ۾ سنڌ جي قانون واري سيڪريٽري کي ويهاري پنهنجي وڪالتي هنر سان سنڌ جي پٺيءَ ۾ خنجر هڻي سليماني ٽوپي پائي اسلام آباد ڏانهن غائب ٿي ويو. هي شخص هاڻي سنڌ جي تاريخ ۾ اڻ وڻندڙ ڪردارن ۾ شامل ٿي ويو آهي ۽ تاريخ ۾ جڏهن به سنڌ خلاف سازشن جو ذڪر ٿيندو سندس گورنر هائوس ۾ ان رات نڪتل فوٽو هن مٿان شاهدي ڏيندو ۽ اهو فوٽو تاريخ ۾ اها ڳالهه پڻ ضرور ياد ڏياريندو ته جڏهن سنڌ جي عملي ورهاڱي جو فيصلو ٿي رهيو هو ته، ان فوٽو ۾ سنڌ جو ان وقت جو “بادشاه” خاموشي سان هٿ ٻڌيو ويٺو هو.

سنڌ جي ان تاريخي احتجاج جيڪو 13 آگسٽ تي ان فيصلي خلاف ڏسڻ ۾ آيو، مٿان چٿرون ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي اعواڻ کي به سنڌ اماڻيو ويو. هي اعواڻ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فردوس عاشق اعواڻ هئي جيڪا 17 آگسٽ تي اهو چئي رهي هئي ته سنڌ جا قومپرست يونين ڪائونسل جي سيٽ به نه ٿا کٽي سگهن، ان ڪري سندن پٺيان ڪابه عوامي حمايت موجود نه آهي. هي مائي جيڪا پاڻ پارٽيون مٽائي ۽ مشرف سان گڏ ويهي اقتدار ۽ آمريت جا مزا ماڻيندي رهي سا هاڻي سنڌ کي مينڊيٽ ۽ عوامي حمايت جا درس ڏيڻ هتي پهتي آهي. هي دراصل اسلام آباد ۾ ويٺل ان سوچ جي ترجماني ڪندڙ ماڻهو آهن، جيڪي هميشھ عوامي راءِ جا انڪاري رهندا آيا آهن. اوڀر پاڪستان جي قومپرست پارٽي عوامي ليگ وٽ پارلياماني توڙي عوام مينڊيٽ هجڻ باوجود هنن، ڪڏهن به کين نه مڃيو ۽ هاڻ جڏهن سنڌ مڪمل طور تي پنهنجي خواهش جو اظهار ڪري رهي آهي ته هي، اليڪشني مينڊيٽ وارا وٽ ۽ ترازيون کڻي عوام احتجاج کي رد ڪري رهيا آهن. پ پ پ طرفان سنڌ جي مرضي خلاف هيڏو وڏو فيصلو مڙهڻ ۽ ان تي ردعمل ڏسڻ کانپوءِ پارٽي جي اڪثر قيادت ڳالهائڻ کان لنوائي رهي آهي ۽ سنڌ اندر پ پ جي عام ڪارڪنن ۾ شرمساري ۽ ڦڪائي واريون ڪيفيتون نمايان آهن. پ پ پ جي صوبائي قيادت مان ڪجهه ماڻهو ان عظيم غلطي کي ننڍڙن اخباري بيانن سان لئي مٽي ڪرڻ چاهين ٿا پر تاريخ سنڌ جي هن وڏي پارٽي کان مها غلطي ٿيندي لکي ڇڏي آهي.

پيپلز پارٽي ان فيصلي سان نه صرف سنڌ جي عوام کي رنجايو آهي، پر مصلحت جي تيار ڪيل بي مثال ڌٻڻ ۾ پاڻ به ڦاسندي ڦاسندي پارٽي پنهنجي روايتي واٽ وڃائي رهي آهي. هڪ اهڙو گمان جنهن ۾ اهو تصور ڪيو پيو وڃي ته ووٽ وسيلي پنهنجو ويساهه ڏيندڙ سنڌ شايد پنهنجي آئيندي ۽ وجود جو فيصلو به کين ڏئي ڇڏيو آهي، پ پ کي ڏاهپ بدران نقصان ڪار فيصلن ڪرڻ ڏانهن ڌڪي رهيو آهي. حقيقت هي آهي ته سنڌ ۾ پنهنجي اتحادي ڌر کي راضي ڪرڻ لاءِ پ پ پ حڪومت جيڪو قدم کڻي ويٺي آهي، ان جو سڀ کان گهڻو نقصان کين ئي ٿيو آهي. موجوده سياسي حالتن ۾ جهڙي ريت سنڌ هڪ مضبوط مورچي طور پ پ کي ڪم اچي رهي هئي پ پ جي اعليٰ قيادت ان مورچي مٿان “فرينڊلي فائر” ذريعي حملو ڪري وڌو آهي. سنڌ کي انتظامي طور ورهائڻ رڳو قومپرست پارٽين جو مسئلو نه آهي، جن تي پ پ پ هڪ تاريخي احتجاج ۽ وڏي موٽ ملڻ کانپوءِ ڪاوڙيل آهي، پر هي سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن جي قومي وجود ۽ جذبن جو مسئلو آهي، جن لاءِ سنڌ هڪ مٽيءَ جو ٽڪرو نه پر هڪ ڪيفيت جو نالو آهي. مڃون ٿا ته پ پ سنڌ جي هڪ وڏي پارٽي آهي ۽ وٽن ماڻهن جي ڏنل ووٽ جو مينڊيٽ آهي پر ان مينڊيٽ کان گهڻو مٿاهون سنڌ جي وحدت جو سوال آهي. پ پ پ کي هن تاريخي غلطي مان سبق سکي سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن جي آواز ۽ خواهشن جو احترام ڪرڻو پوندو ڇو ته 15 مهينن جي هڪ ننڍڙي عرصي بعد پ پ پ ۽ سندس قيادت کي وري انهن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ موٽڻو آهي جيڪي هينئر احتجاج ڪري رهيا آهن.

 

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو