Home / افيئر / !ورهاڱي جا وڍ
above article banner

!ورهاڱي جا وڍ

ڪويتا پنجابي، شڪارپور ڄائي، ورهاڱي جي نتيجي ۾ ٻاروتڻ ۾ لڏپلاڻ جي عذاب مان گذري سنڌ ڇڏي هند ڏانهن هلي وئي. هيءَ سندس ڊائري نما ڪتابچو هڪ مختصر جائزو آهي ته وطن جي ڌرتيءَ کان ڌِڪجي انسان ڪهڙي ڪرب ۽ پيڙا مان گذري ٿو. ڪويتا ڪلڪتي ۾ جداوپر يونيورسٽي ۾ پڙهائيءَ جي پيشي سان لاڳاپيل آهي.

هي ڊائري نما ڪتابچو انهي اڻ وسرندڙ ۽ اڻ کٽندڙ سلسلي جو هڪ ڀاڱو آهي جيڪو اپکنڊ جي ورهاڱي سان لاڳاپيل آهي. جيتوڻيڪ ورهاڱي کي هڪ جبر طور سيني تي پٿر رکندي لاشعوري لحاط کان سرحد جي ٻنهي پاسي لڏپلاڻ جي عمل هيٺ اباڻا ڪک ڇڏي پنهنجي وطن جي ثقافت، ڪلچر ۽ تواريخ کي لتاڙي هڪ اڻ ڏٺل ڌرتيءَ تي نوان وٿاڻ آباد ڪرڻ وارن کي لڳ ڀڳ ٻه پيڙهيون ته گهڻي ڀاڱي لنگهي ويون آهن. انهن مان پهرين پيڙهي ته مورڳو هن دنيا مان ئي ڪوچ ڪري ويل آهي. پر اها پيڙهي جيڪا معمولي سانڀر سان وطن کان بي وطن ٿي هئي. سا به پنجاهه ورهين کي اورانگهي وئي آهي.

ڪويتا پنجابي جي ٻاروتڻ ۾ ذهن جي نقشي تي چٽيل يادگيرين جو ماضي شڪارپور سان جڙيل آهي. شڪارپور جيڪو سنڌ جي سدابهار ۽ جوان ڪلچر جو جرڪندڙ باب هئي. اها شڪارپور جنهن جا هندو واپاري ماضيءَ ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙچ ۾ پکڙيل هئا. انهن هندو سنڌين دنيا مان مال ڪمائي شڪارپور ۾ مَحل، ماڙيون، باغ ۽ بستان ٺهرايا. اها شڪارپور جيڪا ورهاڱي کان اڳ اپکنڊ جي جي ناميارن شهرن بمبئي، ڪلڪتو، مدراس ۽ دهلي سان ڪلهو ڪلهو ۾ ڏئي منزلون طئي ڪري رهي هئي. انهيءَ شڪارپور جي ڄائي ڪويتا پنجابي ياد ڪري ٿي ته ڪيئن پنهنجي والد جي هٿ ۾ هٿ ڏئي لکيدر تي آئي هئي ۽ اڌ صديءَ کان پوءِ جڏهن ساڳي لکيدر وٽ اچي بيٺي هئي ته شاه لطيف جي بيت جو خوبصورت عڪس بڻجي بيٺل هئي.

نه سي وونڻڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتياريون

پسيو بازاريون هينئڙو مون لوڻ ٿئي (شاه)

ڪويتا هن ڊائري جي مهڙ ۾ هڪ ٻن ڪسارن تلخين کي بيان ڪري ٿي جڏهن ڪراچي جي شهر ۾ داخل ٿئي ٿي. “هي اهوئي شهر آهي جتان منهنجي ڏاڏي پنهنجن ٻن جوان پٽن جي ڀاڪر ۾ ان جهاز تي پير رکي رهي هئي جيڪو پناهگيرن جي شڪل ۾ پنهنجي وطن ڏانهن ٻيهر نه موٽڻ لاءِ تيار بيٺل هو” پر اڄ جي ڪٿا کي بيان ڪندي لکي ٿي: اسان جو 240 ڄڻن تي مشتمل هندستاني امن وفد جيئن ئي ڪراچي ۾ نمودار ٿيو ته هزارين رهواسي آجيان ڪرڻ لاءِ اٿلي پيا.

ساروڻين کي اڳتي وڌائيندي چوي ٿي: “اسانجي گهر ۾ رڳو سرد جنگ جو نظارو لڳو پيو هو. منهنجو بابا ڪنهن به حالت ۾ مون کي شڪارپور ڏانهن وڃڻ جي موڪل ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه هو. جيتوڻيڪ اهو شهر بابا ۽ امڙ جو جنم شهر آهي. تون آخر ڇو ٿي وڃڻ گهرين؟ اهو گهر ته هاڻي ڊهي پٽ ٿيو پيو هوندو”

پر مامرو اتي ختم ڪونه ٿيو ڌيءَ ۽ پي جي وچ ۾ اڻبڻت ۾ واڌارو ٿيندو رهيو. سندس پيءَ جي راءِ هئي ته تون جيتوڻيڪ دنيا جو اڌ گهمي ڦري آئي آهين. پر ان کان وڌيڪ خوف خطرا تنهنجي لاءِ اباڻي شهر ۾ زهريلن نانگن وانگر ڪر کنيو ڦوڪارا ڏيندا هوندا. آخر گهڻي بحث مباحثي کانپوءِ مخالفت جو بنيادي ڪارڻ سمجهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. انهي ڏس ۾ گهر ۾ گذريل 56 ورهين کان هڪ موت جهڙي سانت ڇانيل هوندي هئي ۽ ڪوبه ان موضوع تي (لڏپلاڻ) بابت چپ چورڻ لاءِ تيار ڪونه هوندو ان جو ڪارڻ ٻُڌائي ٿي “اهو عذاب، پيڙا ۽ ڀوڳنا جنهن مان سندس ڪٽنب لنگهي آيو هو.”

انهي ڪري سندس ڪٽنب ۾ ڪنهن به مسلمان کي ملازم طور رکڻ کان پاسو ڪيو ويندو هو. ان حد تائين جو ڪنهن مسلمان جي هٿ جو رڌل پڪل به واپرايو ڪونه ويندو هو. پر جڏهن ڪويتا ٻاراڻي اوستا جا ڏاڪا ٽپي تيرنهن ورهين جي ٿي ته گهر ۾ اهڙي ڇوٺ ڇاٺ جي خلاف سخت احتجاج ڪيو. پر سندس ماءُ ٿڌو ڇنڊو وجهي ماٺ ڪرائيندي هئي ته سندس اهڙي هُل هنگامي تي ڏاڏيءَ جي مَن کي صدمو رسي ٿو. ڪويتا جنهن هڪ نئين وايو منڊل ۾ اکيون کوليون هيون. اها اهڙي ورتاءُ کي مڃڻ لاءِ تيار ڪونه هئي. ان لاءِ وٽس دليل هو ته ڇا اسان پاڻ گهر ۾ مسلم هوٽل تان ماني گهرائي ڪونه کائيندا آهيون؟ ڇا اسين لذيذ طعام ۽ مشهور رومالي روٽي (ماني) مسلمانن جي هٿن سان پَڪل ڪونه واپرائيندا آهيون؟ ڇا اهو ڳوهي تيار ڪيل اٽو مسلمانن جي پيرن سان لتاڙيل نه هوندو آهي. جيتوڻيڪ ڪويتا پنهنجي ڏاڏيءَ کان وَر وَر ڪري سوال ڪندي هئي پر اڳيان ماٺ ئي ماٺ هئي. نيٺ هڪ ڏهاڙي ماٺ جو بند ٽٽي پيو. ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي ڇڙٻون ڏيندي سنڌي ۾ چوڻ لڳي: توهان ته ڪڏهن به ڀڳوان نالو به نه وٺندا آهيو”….. ۽ ٻاهر مسجد ڏانهن آڱر کڻي اشارو ڪندي چوڻ لڳي “توهان کان ته هُو ملان به سٺو آهي، ڏينهن ۾ پنج ڀيرا پنهنجي خدا کي ياد ڪندو آهي”

اها کِٽِ پِٽِ گهر ۾ هلندي رهي ٿي ۽ ڪويتا جي مَامن کي ڄاڻ ملي ته ڪويتا شڪارپور وڃڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي ته کيس پنهنجي “روالاڻي حويلي” جا تفصيل اماڻيائون جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته ڪيئن گهٽيءَ جي وچ مان نالي لنگهندي هئي، سندس ماءُ جو اسڪول، ڍڪ بازار ۽ ڪئپٽل سئنما ڀرپاسي ۾ هئي.ان کان سواءِ ڪويتا جو سڳو سوٽ جنهن پنهنجي پيءَ سان گڏ ويهي سندس رهنمائي ۾ هڪ نقشو تيار ڪيو. اهو نقشو جيڪو 56 وَرهين کان پوءِ حافظي جي زور تي تيار ڪيل هو ان کي جيئن ئي ڪويتا گُهوري ڏسڻ شروع ڪيو ته اها ڪيفيت بيان ڪندي لکي ٿي: “مان جيئن ئي نقشي کي ڳوڙهائيءَ سان ڏسڻ شروع ڪيو ته اهو ڪٽنب جيڪو دائمي طورسڀ ڪجهه وڃائي ويٺو. پر انهن جي نقشي ۾ لکيدر جيڪو شهر جي مرڪز ۾ آهي ۽ جتان ڇهه رَستا مختلف حصن ڏانهن ڦٽي نڪرن ٿا. جئه سنگهه جو پڪو ٻه ماڙ گهر، مسجد ۽ اسان جو گهر. ايئن محسوس ڪرڻ لڳس ته جيئري جاڳندي شڪارپور اکين اڳيا تري رَهي آهي. (صفحو 10)

آخرڪار اهڙوئي نقشو کيس سندس پيءَ به يادگيرين تي ٺاهي ڏنو. ڪويتا پيءَ کي ٻڌايو ته اهڙو نقشو سندس چاچهنس به ممبئي مان تيار ڪري موڪليو آهي ۽ جڏهن ٻئي نقشا سامهون رکيا ويا ته انهن ۾ ڪو ٿورو گهڻو فرق هو نه ته هوبهو هڪ جهڙا هئا. ان کان پوءِ به ڪويتا کي پيءُ سمجهائيندو رهيو ته شڪارپور وڃڻ جو دل مان خيال لاهي ڇڏي ته چڱو ٿيندو. پر ليکڪا سخت رد عمل جو اظهار ڪندي چوي ٿي ته ڇو؟ ان تي وراڻي مليس ته “تو هجرت ۽ پناهگير بڻجڻ جي عذاب ۽ ڀوڳنا مان ڪونه گذري آهين توکي ڪهڙي خبر”؟ پر ڇا اسان تواريخ جي ان عذاب مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري نه ٿا سگهون؟

ڪويتا اڳ ۾ پاڪستان ۾ آئي هئي. ان لاءِ ٻڌائي ٿي ته پاڻ جيئڻ ئي واهگه وٽان سرحد پار ڪئي ته ٻي پاسي سڄي وفد جي آجيان ڪرڻ لاءِ “پاڪستان انڊيا فورم فار پيس ائنڊ ڊيموڪريسي” جو اهم اڳواڻ ڊاڪٽر مبشر حسن موجود هو. اهو سڄو سفر پشاور تي دنگ ٿيو. پشاور ۾ قصه خواني بازار جو ذڪر ڪندي لکي ٿي: “اسان کي ٻڌايو ويو ته گهٽيءَ جي لاهيءَ وٽ جڳ مشهور اداڪار راجڪپور وارن جي حويلي هئي” هن ڀيري جيئن واهگه سرحد تي پهتي ته سفارتخاني جو ويٺل آفيسر سندس ڇاتيءَ تي لڳل بَڪل تي لکيل نانءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيس: ان جو مطلب ٿيو ته تون پنهنجي لِڇُ پنجاب سان ڳولي لڌي؟ مان ڏکڻهارڪي نوع ۾ وراڻيو مانس “اشوڪ بابو مان اڃا پنهنجن وڏڙن جي لِڇ تائين ڪونه پهتي آهيان جيڪو شڪارپور جو شهر آهي”

ڪويتا جڏهن ٽيون ڀيرو پاڪستان آئي ته عبدالله شاهه غازيءَ جي مزار تي پڻ حاضري ڀرائڻ وئي. ۽ سندس چواڻي ته کيس اوچتو هڪ ناستڪ شاعر فيض جون هيٺيون سٽون ياد اچي ويون

آئي هاٿ اٺائين هم ڀي،

هم جنهي رسم دعا ياد نهين

هم جنهين سوز محبت ڪي سوا

ڪوئي بُت، ڪوئي خدا ياد نهين

بهرحال 2003 تي لاهور جي اسٽيشن تان 240 هندستاني ۽ 100 پاڪستاني ڪراچيءَ لاءِ روانا ٿيا. ٻئي ڏينهن صبح جو ريل گاڏي حيدر آباد اسٽيشن تي پهتي ۽ سندس چواڻي ته سرزمين سنڌ تي پهريون قدم رکيو چانهه جي ڪوپ وٺڻ لاءِ “۽ اوچتو خيالن ۾ پئجي ويس ته هي ساڳيو هنڌ آهي جتان درُو (مامي) پنهنجي اباڻي شهر مان آخري وک کڻي راجسٿان ڏانهن رواني ٿي هئي”

اتي ئي کيس پنهنجي مَاميءَ سان ڪيل روح رهاڻ به ياد اچي ٿي جنهن ۾ شڪارپورين ۽ حيدر آبادين جي اڻبڻت جو هڪ وڻندڙ ذڪر پڻ اچي ٿو. ان کي دلفريب نموني بيان ڪندي ڪويتا لکي ٿي:“ هڪ پراڻي زماني کان حيدرآبادين ۽ شڪارپورين جي وچ ۾ اڻبڻت هلندي اچي پئي ۽ اها ايتري قديم آهي جيترا تارا اُڀ ۾ آهن يا جيئن بنگالين ۽ گوهاٽين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ”

انهيءَ پانڊوئن ۽ ڪورون واري جنگاڻ جو بنيادي ڪارڻ ڄاڻائيندي چوي ٿي: شڪارپوري پاڻ کي سدائين تعليم يافته، مهذب ۽ ڌرتيءَ ڄاوا سمجهندا اچن پيا، ان جي ابتڙ اُهي حيدر آبادين کي مغرور، مغرب زده ۽ ڇنڊ ڦوڪ ۾ محو ڄاڻائيندا آهن”. هوڏانهن وري حيدر آبادي پاڻ کي نفاست پسند، شهري سمجهندا اچن پيا ۽ شڪارپورين کي پوئتي پيل سوٽ ليکيندا آهن (صفحو 33)

ريل گاڏي حيدر آباد کان رواني ٿي ته ڪويتا خوابن ۽ خيالن جي دنيا مان نڪري آئي ۽ ورهاڱي جو عذاب ۽ پيڙا ياد ڪندي ڪربناڪ نموني راءِ ڏئي ٿي “وطن کان ٿڙي وڃڻ کي تواريخي لحاظ کان منفرد سڃاڻپ آهي. ڇا ايئن ته ڪونهي پنهنجي تواريخ کان ٿڙي وڃڻ جي جدوجهد ۾ محو آهيان”

ايئن ڪراچيءَ ۾ پهچڻ کانپوءِ جنهن سنڌ جي سفير سان سندس ملاقات ٿئي ٿي، ان جو نالو عبدالخالق جوڻيجو آهي. ڪويتا خالق جي سياسي سوچ ۽ فڪر جي ته تعريف ڪري ٿي پر ان سان گڏوگڏ کيس هڪ اندر ۾ اڇو اجرو ۽ انساني وصفن جو ڀنڊار ڄاڻائي ٿي. ان جا ڪيترائي مثال ڏنا اٿس. پر هڪ مثال هتي به پڙهندڙن لاءِ ڏجي ٿو. ڪويتا جي چواڻي ته جڏهن خالق کي چيائين ته کيس ٻن ڪلاڪن جي اندر شاهه لطيف، سچل سرمست، شيخ اياز ۽ لوڪ ڳائڻي مائي ڀاگيءَ جون ڪئسٽون درڪار آهن ته پاڻ ٿوري وقت ۾ هڪ ننڍري ڳوٿري کڻي آيو. ڪويتا آندل ڪئسٽن کي اٿلائي پٿلائي ڏٺو ۽ چيائين “هي توهان ته پنهنجون ڪئسٽون کڻي آيا آهيو؟ مون کي اوهان پنهنجو شيون ڇو ٿا ڏيو؟ هُو، مون ڏانهن ڏکڻهارڪي نوع ۾ نهاريندي چوڻ لڳو:“ اوهان اسان جا پنهنجا نه آهيو؟ هونئن به اسان اوهان جا قرضدار آهيون… اوهان کي اسان هتان نيڪالي ڏئي ڇڏي؟ ” “مون ۾ تواريخ جي انهيءَ عذاب ۽ گناهه سان منهان منهن ٿيڻ جي همٿ ڪانه هئي. (صفحو38)

انهي ساڳي شام جو سڄي وفد جي مان ۾ کهڙو هائوس ۾ دعوت هئي جنهن لاءِ ڪويتا جي ڊائري مطابق ته “سنڌ جي سياست ۾ اڻ وڻندڙ نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو” اتي ئي منهنجي ملاقات الاهي بخش سومري سان ٿي جنهن جي هڪ پڻ سڃاڻپ ٻڌائي وئي ته پاڻ الهه بخش سومري جو ڀائٽيو آهي. انهي نالي ٻڌڻ کان پوءِ پنهنجي ڪيفيت بيان ڪندي لکي ٿي “منهنجي ذهن ۾ گهنٽيون وڄڻ لڳيون ته سنڌ جو لافاني ڪردار الهه بخش سومرو جنهن کي اڄ به سرحد جي ٻنهي پاسي عزت ۽ احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو (صفحو41)

ڪويتا، ڪياماڙيءَ به گهمڻ وئي. ڇو ته ان سان سندس ٻه يادگيريون هيون ته ڪيئن سندس ماما ۽ چاچاآخري ڀيرو ڏيهه کان پرڏيهه روانا ٿيا هئا. جڳ مشهور رائل انڊين نيول بغاوت جو جهنڊو به ورهاڱي کان اڳ هتي ڪيئن اُڀو ٿيو هو. ان کان سواءِ ويسٽ وهارف جو فوٽو پڻ ڪڍيو ته ڪيئن پاڻ اُتان سنڌ کي آخري سلام ڪندي روانا ٿيا هئا. آخرڪار ڪراچيءَ کان روانگي اختيار ڪئي ۽ بس جو رخ سيوهڻ کان موهن جو دڙي جي شهر ڏانهن هو. اتان ئي ڪويتا کسڪي پنهنجو اباڻو شهر شڪارپور ڏسڻ وئي. پر موهن جي دڙي ۽ شڪارپور جي بيهڪ جي نقشي مطابق ڀيٽ ڪندي لکي ٿي “موهن جو دڙو جون سوڙهيون گهٽيون ۽ شڪارپور جون وڌيڪ سوڙهيون گهٽيون مورَڳو هڪ جهڙيون لڳي رهيون هيون، شاهي حوض ۽ سنڌ واهه به هڪ جهڙا پئي لڳا. (صفحو54) ۽ جڏهن شڪارپور ڏانهن روانگي ڪري ٿي ته واٽ تي سوچيندي رهي ٿي “اسان تواريخ جي پُوروڇوٽي ڳولا ۾ آهيون جيڪا ڪياماڙيءَ کان شروع ٿي هئي (صفحو60)

ڪويتا جن جي ٽئڪسي لاڙڪاڻي شهر ۾ داخل ٿي ۽ کيس ايئن محسوس ٿيو ته رڻ پٽ سان سفر ڪندي نخلستان ۾ داخل ٿي آهي. نيٺ شام جو شڪارپور ۾ داخل ٿي جنهن جي سڃاڻپ شيخ اياز به آهي ۽ پاڻ سڌو اچي لکي در وٽ بيهي ٿي.

“مان انهن خوابن ۾ گم ٿي ويس جڏهن محض پنجن وَرهين جي ڄمار ۾ لکي در وٽ ايندي هيس اتي ئي سڪو ميوو ملندو هو جيڪو دادا ڏاڍو پسند ڪندو هو ۽ منهنجو بابو وَري ڪباب جو شوقين ته امڙ وري ڪنهن زماني ۾ حلوائي جي دڪان تي ايندي هئي ۽ مان هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي ۽ اهي نشان ڳوليندي رهيس. پر پڪو پختو گهنٽا گهر ڪر کنيو بيٺل هو. منهنجي ذهن ۾ موجوده حالتون ڏسي ٻه نقطا اُڀري رهيا هئا بي انت نقصان، انهي نقصان مان وڃايل ماضي ڳولي رهي هيس (صفحو66).” انهي ماضيءَ ۾ ليئا پائيندي 300 ورهين جي پورهئي ۽ پگهر سان پيدا ٿيل وچولو طبقو جيڪڏهن لڏپلاڻ جو شڪار نه ٿئي ها ته ههڙا ڊيڄاريندڙ حال شڪارپور جا نظر ڪونه اچن ها ۽ جيڪي مهاجر اترپرديش ۽ بهار مان لڏپلاڻ ڪري شڪارپور ۾ اچي آباد ٿيا انهن به در، دريون ۽ بيش بها شيون اکيڙي وڪڻي ڏوڪڙ ڪمائي وڃي حيدر آباد ۽ ڪراچي ۾ آباد ٿيا. شڪارپور آثار قديمه جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي. ايئن ڪويتا جيڪي ڪجهه گهڙيون شهر ۾ رهي هڪ بيقرار روح وانگر پنهنجا اباڻا ۽ ماماڻا گهر ڳوليندي رهي. انهن گهرن کي جنهن برباد حالتن ۾ ڏسي ٿي ته سندس مَنُ اٿلي ٻاهر پئي آيو. ۽ ساهه مٺ ۾ اچي پئي ويس. ڪويتا جڏهن پنهنجي اباڻي گهر جي تباهه حال حالت ڏسڻ ۾ غلطان هئي ته کيس چاچهنس جي وينتي ياد آئي جنهن چيو هيس ته “سنڌ مان مٽيءَ مٺ کنيو اچجانءِ….” (صفحو68)

پر جڏهن ڪويتا پنهنجي گهر جي تصوير ڪڍڻ گهري ته رهواسين چيس “هي مُلن جو گهر آهي ۽ اوهان فوٽو نه ٿا ڪڍي سگهو”. هو اڃا به اچرج ۾ پئجي وڃي ٿي ۽ سوچڻ لڳي ٿي ته “ڇا ايئن ممڪن آهي ته هن شهر ۾ ڄايل دانشور، شاعرن ۽ اهل قلم جون لکڻيون ڳولي ڦولي ڊانتي ارسطو ۽ ماياڪا وسڪي سان ڀيٽ ڪري بيهاري سگهجن ٿيون (صفحو69). ڪويتا ڍڪ بازار ۽ مارڪيٽ ۾ چرخ شماري ڪندي رهي ۽ نيٺ موٽي لکي در وٽ اچي پيءَ کي فون ڪري ٿي ۽ ان جي قلم بندي ايڏي اثرائتي ۽ پيڙا سان ڀريل نموني هيٺين ريت ڪئي اٿس:“بابا ڌُڪو هڻو ته مان ڪاٿي بيٺل آهيان” ٻي پاسي ڏانهن موت جهڙي ماٺ ڇائنجي وئي ۽ ڳورو آواز آيو “مون کي خبر ناهي” پر مان امالڪ چئي ڏنو مانس:“لکي در” اوچتو سوالن جي ڀرمار شروع ٿي وئي:“اڙي ڇا تون پنهنجو گهر ڳولي لڌو؟ اهو هاڻي ڪيئن ڏسڻ ۾ اچي پيو؟ منهنجو اسڪول؟ مميءَ جو اباڻو گهر؟ شڪارپور هاڻي ڪيئن لڳي ٿو؟ ڇا گهنٽا گهر ساڳي هنڌ آهي؟ ۽ ڪيپيٽول….” مان انهن اڻکٽ سوالن جا جواب ڏنا ۽ پوءِ مضبوط لهجي ۾ چيومانس:“بابا! مان هاڻي سنڌ واهه تي وڃان پئي اها پُل ڏسڻ جتان تون ٽپا ڏيندو هئين..” (صفحو71)

ايئن ڪويتا منهن انڌاري شڪارپور جو شهر ڇڏي رواني ٿي. جڏهن لاهور طاهره مظهر علي خان جي ميزبانيءَ ۾ وفد گڏ ٿئي ٿو. ياد رهي ته طاهره مظهر علي خان عورتن ۽ روشن خيال تحريڪ جي پنجاب ۾ هڪ اثرائتي هستيءَ طور متحرڪ رهي آهي. سندس خاندان جا نهرو خاندان سان ذاتي تعلقات رهندا اچن پيا. اڃا به وڌيڪ ته طاهره جو پٽ طارق علي جڳ مشهور کاٻي ڌر جي دانشور آهي. هن کين جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ موڪلائڻ وقت کيس پني ۾ ويڙهيل ڪتاب ڏنو جنهن کي کولي ڏٺو ته عنوان هو: (The clash of Fundamentism) جيڪو طارق عليءَ جو لکيل آهي. ۽ ان ڪتاب جي پهرين پني تي لکيل هو “اسان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو! پيار مان! طاهره

ڪويتا انهي هنڌ ساروڻين ۾ لکي ٿي ته جڏهن پاڻ پهريون ڀيرو پاڪستان آئي هئي ان سفر ۾ اڄوڪي سفر ۾ ڏينهن رات جو فرق هو.” اسان جو وڌيڪ ويساهه پختو ٿيو ته جمهوريت ڪهڙي به ڀڳل ٽٽل شڪل ۾ هجي ان جي موجودگي ڪيترن ئي بحرانن سان منهن ڏيڻ جي همٿ ۽ جرئت پيدا ڪري ٿي.”

جيتريقدر هن ڊائري جو تعلق آهي ته اها ڪنهن ترتيب سان لکيل ڪونهي پر يادگيرين جو هڪ اهڙو ڳٽڪو آهي جيڪو تواريخ جي وساريل ورقن جي مٿان پيل دز کي اجرو ڪري وڃايل رستن کي اجاگر ڪري ٿو. هن مختصر ڪتابچي ۾ ٻن نسلن جي پُور وڇوٽ ڪهاڻي آهي. هڪ اهو نسل جيڪو پنهنجو اباڻو وطن ڇڏي عذاب، پيڙا، عقوبتن ۽ نفرتن جو سمنڊ جهاڳي سرحد جي هن پار جلاوطن ٿيو. اهو جلاوطن نسل تواريخ جي جبر ۽ ڏاڍ کي وساري ڪونه سگهيو هو. ان هوندي به سنڌ کي ساري سندس اڌ ڇُٽل ڦٽ اکڙي پون ٿا. ٻيو اهو نسل آهي جيڪو ڄائو ۽ نپيو سنڌ کان ٻاهر. پر انهن کي سنڌ جي سُتي ٿوري ٿڪي ڏني وئي آهي. هي ڊائري ورهاڱي جي ورجاءِ ۾ ڄڻ سياسي ۽ سماجي وايومنڊل ۽ ان ۾ ايندڙ ردو بدل جو احاطو ڪري ٿي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو