Home / ڪرنٽ افيئر / ڪراچي: يورپي يونين لساني ڌر کي بچائڻ لاءِ سرگرم
above article banner

ڪراچي: يورپي يونين لساني ڌر کي بچائڻ لاءِ سرگرم

ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي آهي ته، پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچيءَ سان مختلف ملڪي ۽ عالمي قوتن جا تمام وڏا ۽ اهم مفاد سلهاڙيل آهن. ان ڪري سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جا شهري ان مصيبت سان منهن ڏئي رهيا آهن، جيڪا مفادن جي راند سميت سندن ڳچيءَ ۾ پئي آهي. هيل تائين ان راند سبب ڪراچيءَ ۾ جيترا ماڻهو ماريا ويا آهن، ايترا 1965، 1971ع واري جنگين ۾ به نه ماريا ويا هئا. 1971ع ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان هاڻوڪي بنگلاديش ۾ ٿيو هو.

گذريل ڪجهه مهينن کان ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي نالي ۾ ذري گهٽ 500 ماڻهو قتل ٿيا. ڪٽي پهاڙي، اورنگي ٽائون، چڪرا ڳوٺ، بلاول ڪالوني جي علائقن تي هٿياربندن حملا ڪيا. ڪراچي ۾ ٿيندڙ، قتلام، ظلم، بربريت، بيرحمي معاف آهي. نه ڪا پڪڙ، نه پُڇا، نه داد نه فرياد.!! ايئن ڇو آهي؟ ان جو جواب ملڪي ۽ عالمي قوتن جا ڪراچي شهر ۽ هن علائقي ۾ مفاد آهن. يورپين يونين گذريل مهيني سيپٽمبر جي آخر ۾ ڪراچيءَ ۾ تمام گهڻو متحرڪ ٿي وئي. مختلف شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون. کين ان تي ڳڻتي هئي ته ڪراچيءَ شهر ۾ هلندڙ نالي ۾ نهال “ٽارگيٽڊ سرجيڪل آپريشن.” جنهن تي ڪراچيءَ جي شهرين کي سخت تحفظات آهن. اهو مطمئن ڪندڙ قدم نه آهي، پر يورپين يونين کي ان تي به ڳڻتي آهي ته، اهو ڏيکاءُ وارو آپريشن به نه ڪيو وڃي. پر معاملا “ڳالهين” ذريعي حل ڪيا وڃن. مسئلو اهو آهي ته، ڪراچي سميت ملڪ جا سمورا معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪيا وڃن، ان تي شايد ڪنهن کي به اختلاف نه هجي ته اهي ڳالهيون سياسي ڌرين وچ ۾ هجڻ گهرجن. دهشتگردن، قاتلن، بيرحم جلادن، خلق دشمن ڏوهارين سان ڇو؟ انهن خلاف قانون هيٺ قدم کڻڻ جي گُهر ٿيڻ گهرجي. ڪراچي ۾ ڊگهي عرصي کان انتظامي ڌاڪو، پڪڙ، ايڪشن نه هجڻ سبب دهشتگردن هن شهر جو پاڻ کي بادشاهه پئي سمجهيو آهي. روزانو 30 کان 40 ماڻهو مارڻ ڪو مسئلو ئي نه هو. ڊگهي عرصي کان، انهن جي خلاف ڪو قدم نه پئي کنيو ويو. ان سبب عوام سخت ذهني تڪليف پئي برداشت ڪئي.


يورپين يونين جي جي وفد، يورپين يونين جي ايمبيسڊر لارس گنار وگي مارڪ (LARS Gunnar Wigemark) جي اڳواڻيءَ ۾ پهرين سنڌ جي گهرو وزير منظور وساڻ سان ملاقات ڪري، شهر ۾ امن ۽ حڪومتي ايڪشن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. جن ۾ هنن ڪراچيءَ ۾ حڪومتي انتطامي قدمن جي مخالفت ڪندي، ان ڳالهه تي زور ڀريو ته، معاملا “ڳالهين” ذريعي حل ڪيا وڃن. ان کانپوءِ وفد سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد (جنهن ٻوڏ جي ايڏي تباهڪاري هوندي به هڪ دفعو به ڪنهن ضلعي جو دورو ناهي ڪيو هو ڄڻ سنڌ نه، پر ڪنهن ٻئي صوبي گورنر هجي.!!) سان ڊگهي ملاقات ڪرڻ کانپوءِ وري آءِ، جي سنڌ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ان جي آفيس پهتا. اتي هنن آءِ، جي کان ڪراچيءَ جي هاڻوڪي صورتحال بابت بريفنگ ورتي. چيو وڃي ٿو ته اتي به يورپين يونين جي وفد ساڳيو موقف رکيو. سندن دلچسپي ۽ زور ان ڳالهه تي هو ته، انتطامي قدمن بجاءِ سياسي طريقو استعمال ڪيو وڃي.

ان کانپوءِ اهو وفد عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) سنڌ جي صدر شاهي سيد جي گهر مردان هائوس ملاقات لاءِ پهتو. ان ڏينهن شاهي سيد صحافين کي به گهرائي ورتو هو. يورپين يونين ۽ اي، اين، پي سنڌ جي وفد ۾ پهرين گڏجاڻي ٿي. جنهن ۾ وري ساڳيو موقف ورجايو ويو. صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوران يورپين يونين جي وفد وٽ ڪيترن ئي سوالن جا جواب به ڪونه هئا. يورپين يونين جو چوڻ هو ته شهر ۾ امن امان قائم ٿيڻ کانپوءِ هتي معاشي سرگرميون تيز ٿينديون ۽ يورپي ملڪن جي منڊين تائين پاڪستاني مال کي رسائي ڏني ويندي. کانئن پڇيو ويو ته، يورپين يونين  پاڪستان جي انتهائي هيٺين سطح تائين اندروني معاملن ۾ هٿ چُراند ڇوٿي ڪري؟ ۽ هو ڏوهارين خلاف انتظامي قدمن جي ايڏي مخالفت ڇو ٿا ڪن؟ جواب هُنن وٽ اهو هو ته، تشدد تشدد کي جنم ڏيندو آهي. اسان هڪ مشورو ڏنو آهي، پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ٿا ڪريون. سوال اهو پيدا ٿيو ته، جڏهن شهر ۾ ٽن مهينن کان قتل غارت گري، مار ڌاڙ جاري هئي، ان وقت يورپين يونين ڪٿي هئي؟ ٿورو گهڻو قدم کڄڻ ۽ ڪجهه اهم ترين دهشتگردن جي گرفتاريءَ ۽ دهشتگردن جي حامي لساني ڌر جي چهري تان نقاب هٽجڻ کانپوءِ هو ايڏو بيقرار ڇو ٿي ويا آهن؟ ان ڳالهه جو ڪهڙو مطلب آهي ته، دهشتگردن کي سزا کان بچايو وڃي؟ ڪراچيءَ بابت ظاهر ٿيل سچ کي “ڳالهين” جي نالي تي دٻايو وڃي.ٿيڻ ايئن گهربو هو ته، جيئن آمريڪا ۽ يورپين يونين دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ  ملڪن، جا مُلڪَ تاراج ڪندا رهيا آهن، دهشتگردن سان ڳالهيون نه “ڊومور” جا مطالبا ٿيندا رهيا آهن تيئن ڪراچيءَ شهر ۾ ٿيندڙ دهشتگردي لاءِ به ساڳيو موقف اختيار ڪيو وڃي ها. اها گُهر ڪئي وڃي ها ته، جن دهشتگردن جون جي آءِ، ٽي رپورٽون اچي چڪيون آهن، انهن جو جن پارٽين سان لاڳاپو يا واسطو آهي، انهن خلاف ڪهڙو قدم کنيو ويو آهي؟ عالمي سطح تي انهن پارٽين فردن، يا شخصيتن خلاف ڪهڙو قدم کنيو آهي. پوليس جي قتل ۾ ملوٽ دهشتگردن خلاف ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟ اهڙن سوالن ۽ گُهرون ڪرڻ بجاءِ، “ڳالهين” جو درس ڏيڻ جو ٻيو مطلب قاتلن کي بچائڻ ئي ٿي سگهي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو