Home / ڪور افيئر / ! پنجاهه ورهيه پوئتي ڌڪجي ويل سنڌ
above article banner

! پنجاهه ورهيه پوئتي ڌڪجي ويل سنڌ

آخرڪار سيپٽمبر جي ٻئي هفتي ۾ ميڊيا جو ڌيان سنڌ ۾ برساتن جي ڪري ٿيل تباهه ڪارين طرف ويو. آگسٽ جي شروعات ۾ شروع ٿيل برساتن سبب سنڌ ۾ 21 ضلعن کان وڌيڪ ۾ ٻوڏ آئي آهي جن مان هن وقت تائين ڏهن ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي. هن وقت تائين هڪ ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. سنڌ اڃا 2010 هي ٻوڏ جي تباهه ڪارين جي اثرن مان ڪونه نڪتي هئي ته هڪ ڀيرو وري سانوڻي جي برساتن ٻوڏ جي صورتحال پيدا ڪئي آهي، جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خطرناڪ آهي. گذريل سال اڌ سنڌ متاثر ٿي هئي.  هن سال تقريباَ سڄي سنڌ متاثر آهي. جيڪي ضلعا گذريل سال جي ٻوڏ کان بچيل هئا، سي هن سال جي برساتن سبب آيل ٻوڏ ۾ متاثر ٿيا آهن. تازين برساتن سنڌ ۾ وڏي پئماني تي تباهي آندي آهي

نه رڳو اسڪول، اسپتالون، روڊ ۽ ٻيو بنيادي ڍانچو متاثر ٿيو آهي پر هزارين ڳوٺ مڪمل ميسارجي ويا آهن. جڏهن ته ننڍن وڏن شهرن جي ڊرينيج جو نظام مڪمل درهم برهم ٿي ويو آهي. نقصان جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي جنهن ۾ وڌيڪ ڇرڪائيندڙ انگ اکر سامهون اچڻ جا امڪان آهن.

 

هن آفت سنڌ ۾ موجود غربت کي وڌيڪ وائکو ڪيو آهي ته ساڳئي وقت اها حقيقت به سامهون آئي آهي ته اسان پنهنجن شهرن ۽ ڳوٺن سان ڪهڙي ويڌن ڪئي آهي. ناظمن واري دور ۾ ٿيل ترقياتي ڪمن جا گيت ڳائيندڙ اڄ ماٺ آهن. ڇاڪاڻ ته اها ترقي ڪاسميٽڪ ثابت ٿي ۽ اڄ سنڌ پنجاهه سال پوئتي هلي وئي آهي.

سنڌ جي فطري دولت، زراعت، ماهيگيري، چوپايو مال، پولٽري، ڍنڍون، پاڻيءَ جا وسيلا، جهنگلي جيوت، نباتات سخت متاثر ٿيا آهن.

سنڌ جا فطري اثاثا ۽ ماحول اڳ ۾ ئي سخت دٻاءُ ۽ بحران مان گذري رهيا هئا. جنهن سبب بدانتظامي، انساني ۽ مالي وسيلن جي کوٽ، سياستدانن ۽ ڪامورن جو پنهنجن مفادن لاءِ ڳٺ جوڙ ۽ ترقيءَ جي عمل ۾ ماڻهن جي شرڪت نه هئڻ آهن. وڌندڙ غربت ۽ بيروزگاري به قدرتي وسيلن جي پائدار استعمال ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهن. سنڌ جي ترقياتي بجيٽ تي به هن ٻوڏ جا هاڃيڪار اثر پوندا. جڏهن ته 2010 جي ٻوڏ جي ٿيل نقصانن جو ازالو نه ٿيو هو ۽ بحاليءَ جي حوالي سان مقرر ٽارگيٽ به حاصل نه ٿي سگهيا هئا ۽ نه ئي وري بندن جي مرمت مڪمل ٿي سگهي هئي. سنڌ سرڪار اڳ ۾ رکيل 115 ارب رپين مان 38 ارب ڪٽي 77 ارب رکيا ويا هئا. جڏهن ته غير ترقياتي بجيٽ لاءِ رکيل 278 ارب رپين مان 31.5 ارب مان ڪٽي باقي 156 ارب رکيا ويا هئا ته جيئن ٻوڏ کان متاثر علائقن جي بحالي لاءِ 69.5 ارب رکي سگهجن. تازين برساتن جي ڪري ٿيل نقصان کان پوءِ سنڌ جي ترقيائي ۽ غير ترقياتي بجيٽ ڪٿي بيهندي تنهن جو اندازو لڳائڻ گهڻو مشڪل ناهي جنهن سان سنڌ ۾ ٿوريون گهڻيون هلندڙ ترقياتي اسڪيمون وڌيڪ متاثر ٿينديون.

سنڌ ۾ شهرن جو واڌارو هڪ اهم ماحولياتي مسئلو آهي. صوبي جي پنجاهه سيڪڙو آبادي شهرن ۾ رهي ٿي، رڳو ڪراچيءَ ۾ شهري آباديءَ جو 63 سيڪڙو رهي ٿو.آباديءَ جي مسلسل دٻاءُ جي ڪري آباديءَ جو هڪ وڏو تعداد ڪچي آباديءَ ۾ رهي ٿو. شهر جي تڪڙي واڌاري سبب زمين جي استعمال ۾ وڏيون تبديليون آيون آهن. جنهن جو سبب بغير ڪنهن رٿابنديءَ جي شهرن جو وڌڻ آهي. نتيجي ۾ نيڪال جي لاءِ ٺاهيل ڍانچي تي قبضا ڪيا ويا آهن ۽ فطري وهڪرن کي به بند ڪيو ويو آهي. ان سڄي صورتحال ۾ هاڻي ڪراچيءَ ۾ زمين ملڻ محال ٿي وئي آهي ۽ بلڊر هاڻي پنهنجو رخ سنڌ جي ٻين شهرن ڏانهن ڪيو آهي جتي هو اي ڪلاس زرعي زمينن ۾ رهائشي اسڪيمون ٺاهي رهيا آهن. سنڌ جي سڀني شهرن جي نيڪالي وارو نظام پراڻو ٿي ويو آهي ۽ جيڪڏهن ان کي هنگامي بنيادن تي سڌاريو نه ويو ته شهري علائقن ۾ ٻوڏ هاڻي مستقل مسئلو بڻجي ويندي. شهرن جي ترقي ۽ واڌاري ۾ شهري رٿابندي جي اصولن جي وڏي پئماني تي ڀڃڪڙي ڪئي ٿي وڃي ٻيو ته ڇڏيو هاڻي ننڍن وڏن شهرن ۾ صفائي لاءِ رکيل عملو به سياسي بنيادن تي ڀرتي ٿئي ٿو.

هن وقت تائين سنڌ ۾ آيل هيڏي وڏي آفت جي موٽ ۾ ماڻهن جي سهائتا لاءِ ڪي خاص قدم نه کنيا ويا آهن. حڪومت هميشھ آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ قدم کڻڻ بدران آفت جي نتيجي ۾ ٿيل نقصان کان پوءِ چرپر ڪندي آهي. سرڪار ي ادارن جي وچ ۾ رابطي جي کوٽ ۽ مربوط حڪمت عملي نه هجڻ سبب آفتن جا متاثر ماڻهو وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مجبور هوندا آهن. اها ساڳي غلطي هاڻي به ورجائي پئي وڃي جنهن ۾ سرڪار جي ڪنهن به آفت کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت واضح ٿي وئي آهي.

آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر ۽ سهڪاري طريقي ڪار کي هٿي ڏيڻي پوندي. مختلف علائقن جي لاءِ جيڪي ايمرجنسي پلان ٺاهيا ويا آهن ته انهن تي عمل به ڪيو وڃي. ٻوڏ متاثرين ۾ خراب پاڻي ۽ خراب ماحول ۾ رهڻ ڪري وبائي بيماريون پکڙجي رهيون آهن. جڏهن ته وڏي پئماني تي چوپايو مال مري رهيو آهي ۽ باقي بچيل چوپائي مال ۾ بيمارين پکڙجڻ کان پهرين قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته هاڻي ماڻهن وٽ رڳو ٿوري گهڻي چوپائي مال جا ئي اثاثا بچيا آهن.

ڊگهي مدي لاءِ سنڌ کي پنهنجي ترجيحن جو يقين ڪرڻو پوندو. آبپاشي نظام، سم نالا ۽ شهرن جي نيڪال جي نظام ۾ وڏي پئماني تي بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. شهري رٿابندي جي اصولن تي سختي سان عمل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ادرن کي سجاگ ڪرڻو پوندو. آبپاشي توڙي سم نالن تي غير قانوني قبضا ختم ڪرڻا پوندا. ساڳي طرح امدادي ادارن کي به موسمي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ ماڻهن ۾ وڌيڪ سيڙپ ڪرڻي پوندي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو