Home / افيئر / !آفتن جي مُند ۾
above article banner

!آفتن جي مُند ۾

گذريل سياري شاهه عنايت شهيد جي ميڙي تي وڃڻ ٿيو. ٻه سال اڳ به ويو هئس. تڏهن پڻ ۽ هاڻ به قاضي ذوالفقار، نوشهري فيروز کان آيو. آءُ ڪراچي کان راجپوتانه لڳ، حيدر شاهه وٽ پهتس. مانجهاند ڪري، جهوڪ روانا ٿياسين. شفيع فقير جو شام وارو ڪلام ئي ڪافي هوندو آهي پر اسان ٻه ئي ڀيرا سو مهڻيءَ، امام الدين ڊکڻ جي محفل جي آس ۾، اُتي ئي هئاسين. جيڪا پوءِ،کلئي آسمان هيٺ سيءَ ۾ ڏڪندي، ڪلوز سرڪٽ ٽي وي تي ڏسڻ نصيب ٿي. صوفي شاهه عنايت جي مزار پڻ روايتي پيري مُريدي ۽ عقيدت ۽ احترام جي پاڇولن وڪوڙيل نهاري سگهجي ٿي. سانجهيءَ ٽاڻي امام الدين فقير درگاهه جي گادي نشين ۽ چڱهڙ لاءِ اندر، بنگلي ۾ ڳائيندو آهي. باقي خلق ڪاڻ راڳ ٻاهر ٽيليويزن تي هلايو ويندو آهي.

هاڻوڪي دفعي مقبري جي حد اندر جيئن پير رکيم دل واپس موٽڻ تي اُڪسايو. خالي ميدان تي کوڙ سارا تنبو لڳل نظر آيا جيڪي اڳ ڪڏهن اُتي نه کوڙيا ويا هئا. انهن سامهون مهانگيون ٽويوٽا گاڏيون بيٺل هيون. هر هڪ خيمي تي چٽيل اکرن ڏس ٿي ڏنو ته خيما سنڌ جي ٻوڏ ستايل ماڻهن جي استعمال لاءِ دان ٿيل هئا. وچولي طبقي جا ٽُوٽَ تن منجهه ڪيترن ڏيهاڙن کان ترسيل هئا. اندر ڇا ٿيندو هوندو؟ سمجهي سگهجي ٿو. بي گهر عوام سياٽي ۾ بنا ڇپر جي تڙڦي رهيو هئو. خيرات ۾ مليل سندن لاءِ پختا ڍَڪَ، باغي شاهه عنايت جي دالان ۾ ڪاٽڪو نوجوان ڪنهن ٻئي مطلب لاءِ ڪتب آڻي رهيا هئا. هڪ طرف صوفيءَ جو پيغام ۽ تنهن جي اُلٽ اسان جا ڪَمَ. ٻَارين ٻچين، رَنين آهرين ڪهي آيل لوڪ اتي ڇو رَسيو هئو ان متعلق ويچارڻ ئي اجايو ٿي لڳو. جاري نظام جي خلاف جوٽيندڙ شاهه عنايت ۽ سندس هاڙين وٽ حاضري ڀريندڙ انسان ڪهڙي مقصد سان ٿا اچن؟ فضول پُڇا نه ته ٻيو ڇا؟

“ڪٽر_ بدبودار_ شيعو آهيان”_ ذولفقار مرزا فخر وچان چئي ٿو. روايت هلي چڪي. “ڪٽر_ بدبودار_ قوم پرست آهيان”_ وهي کاڌل پراڻا سياسي ڪارڪن ورجائين پيا. “مرشد لطيف ۽ سائين جي ايم سيد”. کانئن سگهه وٺندڙ سنڌ جا ڏاها پويان ٻئي ورهيه برسات ۽ ٻوڏ سٽيل ماڻهن جي واهر ڪاڻ ڪٿي نه پهتا. ڪنهن درگاهه جي نياز مندن وانگر هنن جي مزار اندر دفن ٿيل شخص جي پيغام سان دلچسپي نالي ماتر پَسجي ٿي. عملي طور ڪرڻو ڪجهه ڪونهي، هي لفظ چوڏهين سيپٽمبر جي صبح جو لکيا پيا وڃن. اَڌُ پرڳڻو ٻُڏو پيو آهي. مَڌ وَٽيءَ پويان ڊوڙندڙ پاڻ وارو مڊل ڪلاس مهان آدرشن بابت ڄَاڙي هڻندي ٿڪو ناهي. چار کان ڇهه فوٽ پاڻي جتي ڪٿي بيٺو آهي. سَوَن جي انگ ۾ ننڍا وڏا مري چڪا آهن. جيڪي جيئرا آهن سي جياپي جي ويڙهه ۾ خبر ناهي ڪيترو سَمئه بيهي سگهن. نواب شاهه، حيدرآباد بدين ويندي ڪراچي_ ٽٻٽار. سرڪار جي ڪنڌ هيٺان ويهاڻو ته سسٽم بدلائڻ جي هام هڻندڙ بڪواسي الوپ. “اسان، پيپلز پارٽيءَ وارا، عوام جا اهنج گهٽائڻ لاءِ ڏينهن رات ٻاهر، ميدان ۾ آهيون. ميڊيا مثبت فوٽيج ڌيکاري”_ ملڪ جي خاتونِ اول فريال ٽالپر نواب شاهه ۾ چئي ٿي. ان حقيقت کان اکيون ٻوٽيندي ته مثبت فوٽيج رڳو شهر مان ٻه ميٽر پاڻي نيڪال ٿيڻ جي هوندي. اها ڪالهوڪي ڪٿا آهي. پبلڪ کي “خدا کي ٻاڏايو” جي تلقين ڪندڙ صدر صاحب جي ڀيڻ کي اها خبر به هوندي ته ساڳئي شهر جي سول اسپتال جيڪا سنڌ گورنمينٽ جو ٽيون علاج گهر ٿي ڪوٺجي سا پڻ چار فوٽ پاڻيءَ ۾ ٻُڏل آهي. انتظامي عملو گم. پوئين ڪيترن ئي ڏيهاڙن کان گندي پاڻيءَ کي ڇڪڻ واريون مشينون نه ٿيون پيون هلن. شهر جا گهڻي ڀاڱي علائقا هڪ وڏي گٽر جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. مڪاني ادارن جو وزير چئي سگهندو ته ايئن ڇو آهي؟ سندس کاتي ۾ ڪيئن ڏيتي ليتي جاري آهي؟ جنهن همراهه جو نالو ڍَولُو آهي سو ميونسپل نظام جي ٻيڙي ڇا لاءِ ٻوڙي رهيو آهي؟

ٿڌي ڪمري ۾، ڳاڙهي ٻوڙ سان ماني کائيندي آءُ ڏڪي ويس. آڏو، ٽيليويزن تي پاهه ٿيندڙ انسان نظر اچي رهيا هئا. اَڌُ اگهاڙا، چيلهه جيتري ڇَرَ منجهه، اسانجا پنهنجا ماڻهو. ڪوتاهيءَ جي احساس کي دٻائيندي گڏيل قومن جي هڪ صاحب سان رابطو ڪيم. “اوهان وٽ انهن جيتامڙن جي مدد لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي آهي؟” “سرڪار وچ ۾ پوڻ کان روڪي ڇڏيو اٿئون.” “متبادل؟” “ڳولهيون پيا.” گذريل سال اين جي اوز جي مثالي ڪم ڪار ثابت ڪيو ته هتان جي گورنمينٽ بي حسيءَ جو شڪار آهي. بدناموسيءَ کان بچڻ لاءِ هن ڀيري وَسَ وارن، رضاڪاراڻي ٽيڪي جي واٽ به جهلي ڇڏي. کين ته هونءَ ئي ڏوڪڙ ڦٻائڻا آهن. ڊي سي اوز، وڏي وزير جي منظوريءَ سان رکيا ويندا آهن. هر ضلعي سربراهه جي ڪمائي ڪيتري آهي اوهان ڪاٿو ئي نه ٿا لڳائي سگهو. تپيدار معطل ٿيندا آهن. ڊي سي او کان پُڇاڻو ئي نه! “ماڻهن کي پنڻ جي عادت کان بچائڻ ٿا چاهيون. امداد، ڊي سي اوز وسيلي ڏني وڃي.” فريال ٽالپر جو چوڻ آهي. مطلب ته سرڪار ۽ پيپلز پارٽي جو ناماچار ٿئي. گورنمينٽ جا ڪارندا ۽ پارٽي ڪارڪن گُهرجائو ماڻهن جي سَارَ ڪهڙيءَ ريت لهندا”_ ڳجهو آهي ڇا؟ اوهان کي ڪجهه ناهي ڪرڻو پر خلق کي مڱي جيئرو رهڻ ته ڏيو. تازي خبر ته عالمي برادريءَ کي سهڪار جي اپيل ڪئي وئي آهي. ضرور ڪوشش ڪندا ته مڙئي سهنجايون ضلعي عملدارن جي مُٺ هجن.

موٽي سنڌ جي مڊل ڪلاس ڏانهن اچجي ته ڪاريءَ وارا ڪک. پنجاب مان ڪمڪ پهتي. پاڻ شاهه ليطف جا بيت ۽ سائين ايم جي سيد جا قول دُهرائي الست. قوم پرست ڌريون آجپي کان گهٽ لاءِ چرپر ۾ اچڻ لاءِ بلڪل به تيار نه. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ڪاز خاطر پڻ هُو ڪهڙي سَئي وٺندڙ آهن. هئڻ ايئن گهرجي ته پاڻ سڀ خفاڇڏي مصيبت ماريل لوڪ جو ڏَڍُ وڃي ٿيون. وقت ٻڌائي ٿو اسان ۾ اهڙو گُڻ اڻلڀ آهي. اڃا، سند ن لاءِ ايندڙ ڏوڪڙ ۽ سامان ۾ اک هوندي. اين جي اوز جي دلچسپي هونءَ به مشروط هجي ٿي. ماڻهو تڙپي تڙپي مهل ڪڍندا. جيڪي بچيا سي ٻيهر زندگيءَ جي ڦيٿي کي اڳتي چَوريندا. ڏک هوندن ته اڇي پوشاڪ پهريل سندن ئي قوم جا ڊاڪٽر، انجنيئر، آفيسر، ڪلارڪ وڏيرا، واپاري هنن جا ٻانهن ٻيلي نه ٿيا. وچولي طبقي جي ڍِيٽائيءَ تي ڪيترو روئجي؟ نيشن هُوڊ ڪٿي ڳولهجي؟

اخبار ۾ اڌ صفحي جو اشتهار. سنڌ جي هڪ جوڌي گڏيل قومن جو ڌيان ڇڪايو آهي_ مُنهنجي قوم جي مدد ڪريو. اسان جي واهر ڪيو_ لکجي هاته گهڻو بهتر هئو. ”منهنجي قوم” محاوري پويان کوٽبو ته ساڳيو وچولي طبقي جو رياءُ ڏسڻ ۾ ايندو. ٺلها اُميد پسند انوکا دليل سانڍيندڙ هوندا ۽ مون پارا قنوطي ڍونڍ ڳولهيندڙ. جو لقاءُ نه ٿو نظر اچي سو آهي ڌتڙيل ماڻهن جو بچاءُ. سندن بحالي ۾ مانائتي نموني جياپي ڏانهن ٻيهر پنڌ. 2010ع جي ٻوڏن سنڌ کي ڏهه سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو. هاڻوڪي پَلر ۽ نتيجي ۾ ٻَوڙ ٻَوڙان ان کانپوءِ ٻه ورهيه پهريان واري حيثيت ۾ واپس اچڻ لاءِ ڪي ويهارو سال لڳندا. مڊل ڪلاس جي گهڻائي دروهه جو ورد هردئه ۾ رکي ٿي. مَن ئي مَن ۾ مسڪرائيندڙ ته آفتن جي مُند عوام کي نه صرف پيپلز پارٽي پر رياست جي مُهاڏي اچي بيهاريندي. تهان پوءِ سندن دوڪانداري چمڪڻ جا امڪان پئدا ٿيندا. انگريزيءَ ۾ ان کي هَائپو ڪِرسي ڪوٺبو آهي ۽ سولي سنڌيءَ ۾ …..!

“برساتون ايتريون جَامَ وَسيون جو سنڌ کي ايئن ٻُڏڻو ئي هئو. اڳواٽ ڪِهڙا اُپاءَ وٺي سگهجن ها؟” ڪلف لڳل ڪپڙا پهريل اوڳرائي ڏني. ڍَاوَل شخص سان گهڻو نه ڳالهائجي پر کيس ياد ڏيارم ته پوئين سال خيرپور ناٿن شاهه جي پاڻيءَ هيٺ اچڻ جي حوالي کان اردو ڳالهائيندڙ آرڪيٽيڪٽ ۽ ٽائون پلانر عارف حسن جي ٿيسز پڙهڻ گهرجي. اثرائتي رٿابنديءَ سان پاڻ جوهي، ميهڙ، مورو، سجاول_ سڀ ئي شهر بچائي سگهون ٿا. پري نه وڃجي. 2008ع کان ته عوامي سرڪار آهي. ٻيا پئسا ڇڏيو ميونسپل بجيٽ جي مد ۾ کربين روپيا هر ضلعي ۽ تعلقي تائين رَسَايا ويا. مڪاني ادارن جي وزارت هلائيندڙ چونڊيل ۽ اڻ چونڊيل همراهن ڀڀ ڀريا_ حساب آ! جيڪڏهن ڪا نالي، رستو ۽ مَوري ٺهي سا پڻ مهيني اندر ڊهي چڪي. آڊٽ ۽ انسپيڪشن وارن جُدا رُڳَ ڪيا. سيڪريٽريٽ ويٺل ڍُولوُ ته نڙيءَ تائين ڀريل آهي. انصاف آ_ پنهنجن ماڻهن کي ايئن غُوطا کارائبا آهن. خلق سان اها مڙئي ڪار مڊل ڪلاس جي پڙهيل ڳڙهيل جٿن ڪئي. جي ملوث نه آهن سي ٻاهر ويهي لوڪ کي بغاءُ ڪندي ڏسڻ جي آس ۾ مڌ وٽيون اُڏائين پيا. ناراضگي معاف_ باقي بچيا اين جي اوز وارا سي ڳجهن وانگر لامارا ٿا ڏين. ايئن پنهنجو ٽِه_ پَتائي وچولو طبقو پورو ٿو ٿئي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو