Home / افيئر / …..۽ جڏهن سياسي نظريا وکر بڻجي وڪامڻ لڳا
above article banner

…..۽ جڏهن سياسي نظريا وکر بڻجي وڪامڻ لڳا

هيڻن جو الله (God of Small Things) جي ليکڪا ارون ڌتي راءِ جيڪا عالمي سطح تي هڪ دانشور ۽ عملي طور متحرڪ رُڪن طور ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي. ان مائي پنهنجن اٽل ارادن ۽ انسان دوست اصولن تي ڪاربند رَهندي هِندُ سرڪار سان مهاڏو اٽڪائڻ ۽ ثابت قدم ٿي بيهڻ طور مڃتا ماڻي وَرتي آهي.

تازو ارون ڌتي راءِ، ڇتيس ڳڙهه جي گهاٽن ٻيلن ۾ مائو باغين سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جا اهنج ۽ مصيبتون ڪَن ڏئي ٻڌيون. موڪلائڻ مهل ارون ڌتي باغين کي هڪ ڪتاب ۽ ڪئسٽ سوکڙيءَ طور ڏنا. انهن ٻنهي سوکڙين ۾ ڪتاب “پئبلو نرودا (1973ع_1904ع) جي شاعري ۽ ڪئسٽ ۾ فيض احمد فيض (1984ع_1911ع) جو ڪلام “لازم هي هم لوگ ڀي ديکين گي” جيڪو اقبال بانوءَ جي لازوال آواز ۾ رڪارڊ ٿيل هو. ارون پنهنجي مختصر ساروڻين ۾ لکيو آهي:” ڇا اهڙيون سوکڙيون ڏيڻ سان باغين جي روين ۾ تبديلي ايندي.” پر هند سرڪار جي گهرو وزير ارون جي اهڙي پيش قدمي کي قومي مفادن سان ويساهه گهاتي ڪرڻ جي تهمت مڙهيندي ڇوهه ڇنڊيا.

انهي ڪٿا بيان ڪرڻ جو بنيادي نُڪتو آهي ته جڏهن فرد، حڪومتون ۽ ساڃاهه وند ماڻهو جن کي دانشور به چئي سگهجي ٿو اهي پنهنجن اصولن/ آدرشن/ نظرين تان ٿڙي هر هڪ سان ٺهڪي بيهڻ کي وقت جي ضرورت ڄاڻائي ڪنڌ جهڪائي ڇڏين ته سمجهڻ گهرجي ته هڪ فڪري ۽ شعوري بحران موجود آهي جنهن ڪري نظريا ۽ آدرش وڪامجندڙ وکر بڻجي ويل آهن. اهڙي صورتحال ۾ اندر مان اڌما ڏئي ڪيترائي سوال سامهون اچن ٿا.

نظريا/ آدرش وڪامجندڙ وکر ڇو بڻجي ويا آهن؟وڪرو ڪندڙ هٿ جن کي دانشور چيو وڃي ٿو سو بجنسي پاڻ وکر بڻجي مارڪيٽ ۾ ڇو بيٺل آهي؟ انهي مامري ۽ مونجهاري کي سمجهڻ، تورتڪ ڪرڻ کان پوءِ نشانبر ڪري بيهارڻ لاءِ پهريان ڄاڻ حاصل ڪرڻ گهرجي. عملي دنيا ۾ دانشور جي معنيٰ ۽ مفهوم ڇا آهي ۽ ان جي ذميواري ڪهڙي هئڻ گهرجي.

دانشور ۽ عملي انسان جي وصف مختصر لفظن ۾ سموهيندي ائڊورڊ سعد (وفات 2003ع) هيٺين ريت بيان ڪئي آهي:

“هڪ آزاد خيال آرٽسٽ ۽ دانشور رڳو آڱرين تي ڳڻپ ٿيندڙ هستيون هونديون آهن. انهن جي مَن ۾ مزاحمت جي هُوراکورا سانڀيل هوندي آهي. اهي (ماڻهو) اهڙين شين سان ٽڪراءُ ۾ اچڻ کان ڪڏهن به پوئتي پير نه ڪندا آهن جيڪي سچائي ۽ اصليت کي هاڃو رسائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن”

جيتريقدر دانشور جي ذميواري جو سوال آهي ته ان جي وصف ايننتيونو گرامچي (1937ع_1891ع) تُز ۽ ٺهڪندڙ نموني ٻڌائي آهي:

“اهو شخص جيڪو سماج جي حقيقتن کي سامهون رکي ان جي ڇنڊڇاڻ ڪري پنهنجو حصو پتي عملي طور ادا ڪري.”

هونئن اهي مٿي ڄاڻايل ٻئي تشريحون ان دور جون آهن جڏهن سياست ۽ سماج جي ڪارگذاري ۽ نتيجا ڪجهه اصولن ۽ آدرشن سان ڪاربند رهندا آيا پئي. پر دنيا جي ڪاروهنوار ۾ آدرشن ۽ اصولن جو جيئن جو تيئن رهڻ ٿئي اها هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. ڇو ته تبديليءَ جي عمل کي روڪڻ ڪنهن جي وَس ۽ وتَ ۾ ڪونهي. پر ان جي ابتڙ آدرشن کي عقيدت پرستيءَ جا پڙ چاڙهي ويهڻ ۽ ڪجهه ماڻهو پاڻ کي عقل جا اڪابر سمجهڻ جي خفت ۽ سوداءِ ۾ پئجي ويا. دانشورن جي شڪل ۾ عقيدت پرستن جا وَکر سامائجي پيا. ڏسندي وائسندي دانشورن جي جاءِ تي پڙهيل ڳڙهيل عملدار والار ڪري ويٺا جن کي مروج مارڪيٽ جي ٻوليءَ ۾ دانشور مئنيجر/ منتظم چيو وڃي ٿو. اهي دانشور اڳتي هلي تونگر طبقي جي مفادن جا رکوالا بڻجي پيا.

ان جو سبب سياست ۽ سماج ۾ تبديليءَ کان نابري وارڻ سان گڏوگڏ سهپ ۽ رواداري کي بند ٻڌڻ پڻ هو.

انهيءَ لحاظ کان مان ڪجهه يادگيريون اورڻ گُهران ٿو ته جيئن کنيل موضوع کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ سولائي ٿئي.

مان بنيادي طور پاڻ کي هڪ سياسي ڪارڪن سمجهندو آهيان ۽ ڪڏهن به ليڊرشپ جي خفت ۽ سوداءُ ۾ مبتلا ڪونه رهيو آهيان. جنهن ڪري سدائين ليڊرشپ جا شوقين ماڻهو پهرين صف ۾ بيٺل هوندا هئا. اهڙوئي هڪ مهربان دوست جيڪو جيئي سنڌ تحريڪ کان وٺي پي اين پي تائين اسان جو رَهبر ۽ رَهنما رهندو آيو. پر جڏهن مير غوث بخش (1989ع) جي وفات کانپوءِ سندس وصيعت مطابق مان سربراهه ٿيس ته اهو فيصلو منهنجي پراڻي دوست کي ڪونه وڻيو. مان پارٽي جي سربراهه طور ٻن لفظن کي وڌيڪ اهميت ڏني. هڪ ڪارڪن جي عزت ۽ ٻيو جهموري قدرن جو احترام ۽ عمل ڪرڻ. منهنجو مهربان اڳواڻ بدليل صورتحال کي ذهني طور قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هو. انڪري سڀ کان اڳ ۾ هڪ رٿابندي هيٺ عبدالحفيظ پيرزادي کي پي اين پي ۾ آندو ويو. عبدالحفيظ پيرزادو ياد رهي ته انهن ماڻهن مان آهي جن پنهنجي محسن ۽ دوست شهيد ذوالفقار علي ڀٽي (1979ع) سان بي وفائي ڪري وڃي مارشل لا سرڪار سان ٺاهه ڪيو. چونڊن ۾ جمهوريت جي نالي ۾ سانگ رچائي حفيظ پيرزادي کي جنرل سيڪريٽري چونڊرايو ويو. ان کان پوءِ پارٽي حصن ۾ ورهائجي وئي. اها سموري ڀڃ ڊاهه ڪندڙ ساڳيوئي ليڊر هو ۽ جڏهن کانئس پڇيو ويو ته هاڻي ڇا ڪجي؟ جواب هيئن هو ته “نظريا ۽ آدرش ختم ٿي ويا آهن. سڀڪو ڪک پن ٿي وڃي ۽ پنهنجي پيٽ پوڄا ڪري.” ۽ سچ پچ نظريا ختم/ وڪامجي ويا. انهن لفظن تي عمل ڪندي اهو صاحب پارٽين مٽائڻ ۾ ايڏو ته جهونو ۽ بزرگ تجربيڪار بڻجي ويو آهي جو گهٽ ۾ گهٽ سنڌ اندر پارٽين مٽائڻ ۾ سندس ڪو مَٽُ ۽ ثاني ڪونهي.

سال 2002ع ۾ پاڪستان لبرل فورم جو چيئرمين هُيس. هتي اڳتي وڌڻ کان اڳ ۾ لبرل فورم بابت آگاهي ڏيڻ لازمي سمجهان ٿو. هي عالمي سطح جو هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي جيڪو سياسي تعليم ڏيڻ جو ڪم ڪندوآهي. منهنجي چيئرمين ٿيڻ شرط جيڪي مهربان مخالفت براءِ مخالفت جو سندرو ٻڌي ميدان ۾ ڪاهي پيا. انهن مان گهڻائي جو تعلق سنڌ سان هو. هونئن جيتري قدر مخالفت جو سوال آهي ته نئشنل بورڊ تي سنڌ مان چونڊجي آيل ميمبرن جو اهو حق هو. پر منهنجي مخالفت جا ظاهري طور ٻه اهم ڪارڻ هئا. هڪ ته منهنجي اچڻ سان حقيقي سياسي تعليم ۾ واڌارو اچڻ سان ٻين سياسي پارٽين سان رابطو ٿيندو جنهن ڪري لبرل فورم سرڪاري نظرن ۾ اچي ويندو. ٻيو ته جنهن دور ۾ اسان رهون ٿا ان ۾ آدرشن ۽ اصولن جو وقت وهامي ويو آهي. هاڻي مارڪيٽ اڪانامي ۽ وَکَر وڪرو ڪرڻ جو زمانو آهي. انت ته منهنجي خلاف بداعتمادي جو ووٽ ۽ رٿ پيش ڪندڙن ۾ اڳڀرو اهو سنڌ جو دانشور ميمبر هو. منهنجي مٿان رٿ ۾ ڪنهن به بدعنواني ۽ بدانتظامي جي تهمت ڪانه هئي پر لبرل فورم کي سياسي وهنوار ۾ وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ هو. جنهن ڪري ڄاڻايو ويو ته لبرل فورم جو سرڪاري ادارن جي نظر ۾ اچڻ ۽ ردعمل کي رد ڪري نه ٿو سگهجي. آخرڪار لبرل فورم جي چونڊيل تنطيم کي برطرف ڪري نيون چونڊون ڪرايون ويون. انهن مهربانن جي ڪوششن سان مون کي ميمبر شپ کان به محروم ڪيو ويو. تازو مان سکر ويو هيس. اتي رات جو ادل سومرو ۽ ٻين دوستن سان ڪچهري ڪندي ممتاز بخاري (جيڪو ان زماني ۾ نئشنل بورڊ جو سنڌ مان ميمبر هو) ٻُڌايو ته جنهن ڏهاڙي لبرل فورم ٽوڙيو ويو هو ته رات جو لبرل فورم جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ظفر الله خان وڏا ٽهڪ ڏيندي اظهار ڪيو هو ته هاڻي اسان ان پوزيشن ۾ اچي ويا آهيون ته سياست جي مَارڪيٽ ڪريون. ڇو ته شيخ صاحب هڪ نئين پارٽي ٺاهڻ جي رٿا ڪري رهيو هو. مختصر ته اهو دانشور جنهن ان سموري ڪارگذاري جي سربراهي پئي ڪئي سو سنڌ ۾ اڄ به چوٽيءَ جي دانشورن ۾ سڃاتو وڃي ٿو ۽ پاڻ به هڪ غير سيرڪاري تنظيم جو سربراهه آهي. ان صاحب کي سياسي تعليم جي سکيا ڏيندڙ طور ماهر ڪاريگر ليکيو وڃي ٿو. انهي سياسي تعليم جي مارڪيٽنگ ڪرڻ ۾ سندس قد ڪاٺ ۽ CV ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي سو هڪ سواليه نشان آهي.

مان هتي تازو نظرياتي زوال يا اُن کي وڪري جو وکر سمجهڻ جو واقعو ڀاڱي ڀائيوار ڪيان ٿو. اسان سڀنيءَ کي ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي ته فيض احمد فيض (1984ع_1911ع) نه رڳو انقلابي شاعر هو پر سندس لکڻين کيس دانشورن جي ان صف ۾ بيهاري ڇڏيو جو عالمي سطح جا سامراج مخالف دانشور ۽ عالم جهڙوڪ ائڊورڊ سعد (2003ع) اقبال احمد (1999ع) ۽ نوم چومسڪي پڻ پنهنجن لکڻين ۾ فيص جي پورهئي جي ساراهه ڪندي نظر اچن ٿا. فيض پاڪستان ۾ ضيائي مارشل لا آڏو ڪنڌ جُهڪائڻ کان وڌيڪ پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪئي. فيض، بيروت کي رت، باهه ۽ بارود ۾ ٻرندو سڙندو ڏسي وطن کي ساريندي شاعري ۾ قلمبند ڪندي لکي ٿو.

نگاهه و دل ڪي خبر ڪهان هي

خيال سُوئي وطن روان هي (بيروت 1980ع)

يا آمريڪي استعماريت کي ڏسندي وائسندي هڪ مستحڪم مزاج انقلابي دانشور جيان لکي ٿو:

لازمي هي ڪه هم ڀي ديکين گي

وه دن جس ڪا وعده هي

جو لوح، ازل مين لکها هي (آمريڪا جنوري 1979ع)

پر نظريا ڪيئن وڪامجن ٿا؟ هلندڙ سال فيض احمد جي سو ساله سالگرهه طور دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ملهائجي رهيو آهي. ان سلسلي جي ڪَڙي طور گذريل جولاءِ ۾ فيض جي اردو ڪلام جو انگريزي ۾ ترجمو شاندار ڇپائي سان منظر عام تي آندو ويو. انهي ڪتاب جو مهورت ڪندڙ آمريڪي ڪائونسل جنرل لاهور محترمه ڪارميلاڪونري هئي ۽ آجيان ڪندڙن ۾ فيض جي صاحبزادي سليمه هاشمي موجود هئي. پر انهن مان ڪو ورلي موجود هو جن لاءِ فيض چيو آهي:

ڪر چلي جن ڪي خاطر جهان گير هم

جان گنواڪر تِري لبري ڪَا ڀرم

هم جو تاريڪ راهون مين مَاري گئي (سينٽرل جيل منٽگمري 15 مئي 1954ع)

مطلب ته ٿلهي ليکي هڪ فڪري بحران موجود آهي. هڪ ذهني ۽ شعوري زوال اچي رهيو آهي. ان جو مکيه ڪارڻ مروج تعليمي سرشتو آهي جيڪو اسان کي طبقاتي پسمنظر جي ڏس ۾ برطانوي آقائن کان ورثي ۾ جيئن مليو آهي تيئن ان تي عمل پيرا آهيون. ان تعليمي سرشتي جو بنيادي مقصد رڳو ڪلارڪ، مئنيجر، ۽ پگهاردار طبقو پيدا ڪرڻ هو ۽ آهي ۽ نه وري دانشور، اديب، محقق ۽ جاکوڙي پيدا ڪرڻ. اهڙي بگڙجندڙ ۽ دردناڪ صورتحال جي نشاندهي ڪندي علامه آءِ آءِ قاضي (1965ع_1886ع) چوي ٿو.

“انسان ٻٽاڪ هڻي ٿو ته سندس ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو مقصد ٻي هيٺاهين مخلوق کان وڌيڪ اعليٰ ۽ افضل آهي. پر افسوس اسان جو اڄ جو شاگرد انهيءَ مفروضي جي حمايت ۾ ڪوبه واضح دليل پيش نه ٿو ڪري. بلڪه مقصد ساڳيوئي نظر اچي ٿو يعني کاڌو حاصل ڪرڻ ۽ خوف کان آجو رهڻ.

اسان کي سمجهڻ گهرجي ته نظريا ۽ آدرش ئي سماج ۾ تبديليءَ جي علامت بڻجي اُڀرندا آهن، نظرين ۽ آدرشن جي چٽائي کان سواءِ سماج ۾ ڪابه تبديلي اچڻ ناممڪن سمجهڻ گهرجي ۽ سنڌي سماج ۾ لٻاڙن ۽ ڊاڙن جو دور ختم ٿيڻ گهرجي. نظريا يا آدرش ئي حقيقتن کي جنم ڏيندا آهن.

“اسان کي پنهنجو ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ آدرش/ نظرئي ڏانهن رجوع ڪرڻ گهرجي آدرش سان وابستگي جي ڪري خود فريبي ۽ خود مطلبي کان پرانهون رهي سگهبو” (4)

(جوزف ڪينارڊ)

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو