Home / افيئر / !سگهاري اسٽيبلشمينٽ: ڏٻري سياسي قيادت
above article banner

!سگهاري اسٽيبلشمينٽ: ڏٻري سياسي قيادت

پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڪيمرون منٽر جي بلوچستان ياترا ۽ هتي سياستدانن، بلوچ قومپرست اڳواڻن ۽ ڪجهه قبائلي اڳواڻن سان ملاقات کي سٺي نظر سان نه ڏٺو ويو. ملڪ جي مخلتف حلقن آمريڪي سفير جي بلوچستان ياترا کي سفارتي آدابن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي حڪومت کان مطالبو ڪيو هو ته آمريڪي سفير جي سرگرمين تي ڪرڙي نظر رکي وڃي ۽ انهن کي محدود ڪيو وڃي.

آمريڪا بهادر ڊگهي عرصي کا ن بلوچستان ۾ سفارتخانو قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. آمريڪا ان سفارتخاني لاءِ عملي ۽ ٻي انسٽاليشن لاءِ جيڪي انگ اکر پاڪستان حڪومت کي پيش ڪيا آهن، انهن کي جيڪڏهن مد نظر رکيو وڃي ته هي سفارتخانو شايد اسلام آباد ۾ قائم آمريڪي سفارتخاني کان به وڏو هوندو. هتي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته بلوچستان ۾ ايتري وڏي سفارتخاني جي آخر ضرورت ڪهڙي آهي؟ تنهن هوندي به هاڻي ميڊيا تي ايندڙ خبرن موجب پاڪستان آمريڪا کي ڪوئيٽا ۾ سفارتخانو کولڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

گذريل سال آمريڪا کي ڪوئيٽا ۾ سفارتخانو کولڻ جي اجازت ڏني وئي هئي ليڪن بدلجندڙ صورتحال ۾ اهو محسوس ڪيو پيو وڃي ته ان سان آمريڪا ۽ پاڪستان لاءِ ڪيترائي مسئلا پئدا ٿي سگهن ٿا. جيتوڻيڪ گذريل سال آمريڪا کي سفارتخانو قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي باقي جاءِ جو تعين نه ڪيو ويو هو. سيڪيورٽي ايجينسين به ڪوئيٽا ۾ آمريڪي سفارتخانو قائم ٿيڻ خلاف راءِ ڏيندي اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته ان سان بلوچستان ۾ امن امان جي خراب صورتحال وڌيڪ بدتر ٿيندي. فوج به آمريڪي اهلڪارن جي بلوچستان ۾ موجودگي تي اعتراض واريا آهن. آمريڪا تجويز ڏني هئي ته آمريڪي سفارتخانو قائم ٿيڻ سان آمريڪين طرفان بلوچستان ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جي نگراني ۾ مدد ملندي ۽ ان سان آمريڪا ۽ بلوچ عوام وچ ۾ سٺا لاڳاپا قائم ٿيڻ ۾ پڻ مدد ملندي. بلوچن کي آمريڪي ويزا لاءِ اسلام آباد يا ڪراچي نه وڃڻو پوندو.

آمريڪا بهادر جو هڪ حدف ته ايران دوست قوتن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ٻيو حدف انهن قوتن کي پنهنجي لاءِ ڪارائتو بنائڻ به ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن بلوچستان کي آڏو رکيو وڃي ته ايئن ئي لڳي ٿو. هڪ پاسي آمريڪا پنهنجي ساٿاري تنظيمن وسيلي ان طبقي کي ظلم ۽ تشدد جو نشانو بڻائي ڊيڄاريندو ته ٻئي پاسي انهن ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌائي کين پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال به ڪري سگهي ٿو.

آمريڪا جو چوٿون وڏو ٽارگيٽ ڪوئيٽا شوريٰ خلاف ڪارروائي ڪرڻ آهي، آمريڪا ڪجهه عرصو اڳ به پاڪستان حڪومت کان ڪوئيٽا ۽ بلوچستان، افغانستان جي سرحدي پٽي ۾ طالبان جي ڳجهن ٺڪاڻن تي ڊرون حملن جي اجازت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو، جيڪو پاڪستان رد ڪري ڇڏيو هو. دراصل آمريڪا بلوچستان ۾ وزيرستان جهڙو انٽيليجنس نظام قائم ڪرڻ گهري ٿو جنهن وسيلي هو مستقبل ۾ طالبان خلاف ڪو آپريشن ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن آمريڪا هڪ ڀيرو پنهنجو جاسوسي نيٽ ورڪ قائم ڪري ٿو وٺي ته پوءِ اهو ضروري ناهي ته ان مان رڳو طالبان خلاف ڪم وٺي، ممڪن آهي ته ان رٿا جا مقصد ڊگهي مدي وارا هجن، جن مان خود پاڪستان جي خطي ۾ مفادن کي به خطرو ٿي سگهي ٿو. ٻيو اهو ته ڪنهن به ملڪ ۾ اعلانيه طور پنهنجو جاسوسي نيٽ ورڪ ٺاهڻ جتي سفارتي اخلاقيات خلاف آهي اُتي ان ملڪ جي خودمختياري ۽ سلامتي جي به خلاف آهي.

آمريڪي سفارتخاني جي قيام جي اعلان بلوچستان جي سياسي حلقن ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي. آمريڪي سفارتخاني جي قيام جي باري ۾ ڪابه راءِ ڏيڻ وقت کان اڳ هوندي ليڪن ان نئين ڊگڊگي تي بلوچ قومپرستن ۽ بلوچستان جي مذهبي ڌرين جهڙي ريت ڊانس شروع ڪئي آهي اها ايندڙ وقت جي حالتن جي چغلي کڻي رهي آهي. ڇاڪاڻ جو خيبر پختونخواهه ۾ جڏهن انتها پسندي جي خاتمي لاءِ آپريشن شروع ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي ته اتي به لڳ ڀڳ اهڙي ئي صورتحال هئي. مذهبي ڌريون آپريشن جي مخالفت ڪري رهيون هيون ته سياست ۾ عدم تشدد واري فلسفي جي دعويدار جماعت اي اين پي ان جي ڀرپور حمايت ڪئي هئي. ان کانپوءِ اتي جيڪو ڪجهه ٿيو اهو اسان جي اکين اڳيان آهي. بلوچستان ۾ به لڳ ڀڳ اهڙي ئي صورتحال نظر اچي رهي آهي. مذهبي ڌريون آمريڪي سفارتخاني جي قيام جي مخالفت ڪري رهيون آهن ته وري بلوچ قومپرست آمريڪي مخالفت کي غير ضروري ڄاڻائي رهيا آهن.

ان حوالي سان بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر جان مينگل خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته ماضي ۾ افغانستان ۾ جهاد جي نالي تي آمريڪي ڊالرز سان پنهجيون ٽجوڙيون ڀريندڙ رياستي قوتون هاڻي انهن ئي جهادي قوتن لاءِ بلوچستان کي بهترين پناهگاهه ٺاهڻ چاهين ٿيون ۽ آمريڪا کي ڪوئيٽا ۾ سفارتخاني قائم ڪرڻ جي اجازت رڳو ان ڪري نه پئي ڏني وڃي جو بلوچن خلاف جاري رياستي جبر ۽ بربريت جو پردو نه چاڪ ٿي پوي. پاڪستان جي حڪمرانن افغانستان ۾ روس خلاف جهاد جي پاليسي اختيار ڪندي آمريڪا کان پنهنجون ٽجوڙيون ڀرڻ ۽ اقتدار بچائڻ لاءِ ڊالرز وٺندا رهيا ۽ انتهاپسندي ۽ مذهبي جنونيت جي پالنا ڪندا رهيا. اڄ انتهاپسندي جون دانهون ڪوڪون ڪندڙ اهو فصل لڻي رهيا آهن جيڪو انهن پاڻ پوکيو هو. پاڪستان انتهاپسنديءَ جو ٻج پاڻ پوکيو آهي، اڄ اهي ئي قوتون ان لاءِ وبال بڻيل آهن. ليڪن ٻٽي پاليسي تي عمل ڪندڙ رياستي قوتون افغانستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ دهشت گردي جي خاتمي جي نالي تي جيڪو ڊرامو رچائينديون رهيون آهن هاڻي انهن انتهاپسند قوتن کي بلوچستان منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اهي انهن عنصرن لاءِ بلوچستان کي محفوظ پناهگاهه بڻائي پرڏيهي آقائن کان ڊالرز وٺڻ جو سلسلو جاري رکڻ ٿيون چاهين. جڏهن ملڪ جي ٻين حصن ۾ آمريڪي سفارتخانا موجود آهن ته پوءِ بلوچستان ۾ آمريڪي سفارتخاني جي قيام جي مخالفت اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهي ۽ اسان سمجهون ٿا ته اها مخالفت رڳو ان ڪري ڪئي پئي وڃي ته جيئن بلوچستان ۾ بلوچ قوم جي خلاف ظلم، جبر ۽ بربريت جو جيڪو سلسلو جاري آهي اهو عالمي برادري آڏو وائکو نه ٿي پئي.

پارلياماني سياست ۽ جمهوري جدوجهد تي ايمان رکندڙ بلوچ قومپرست ڌر نيشنل پارٽي جي سربراهه سينيٽر عبدالمالڪ بلوچ خصوصي ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته ڪوئيٽا ۾ آمريڪي سفارتخاني جي قيام ۾ ڪابه قباحت ناهي، تنقيد ۽ مخالفت بنا جواز آهي. هن جو اهو پڻ چوڻ هو ته جيئن ملڪ جي ٻين حصن ۾ آمريڪي سفارتخانا آهن اهڙي طرح بلوچستان ۾ به آمريڪي سفارتخانو قائم ٿيڻ گهرجي. ان کي هروڀرو اِشو ٺاهيو پيو وڃي، هتي سفارتخانو جي سخت ضرورت آهي. ان سان ماڻهن لاءِ آسانيون پئدا ٿينديون. مالڪ بلوچ پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپن کي وقت جي ضرورت قرار ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ اڄ به پنهنجون جهادي پاليسيون تبديل نه ڪيون ته پوءِ مشڪلاتن ۾ وڌيڪ واڌارو ايندو. ڪوئيٽا ۾ آپگهاتي بم حملن بابت سندس چوڻ هو ته اڄ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي ان جو ڪارڻ اسان جون پاليسيون آهن. پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا نه رکيا ويا جن جي ضرورت هئي. ان ڪري اسان سمجهون ٿا ته ايران ۽ افغانستان سان سٺن لاڳاپن سان ئي ڪوئيٽا سميت سڄي خطي جي صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي.

ٻئي پاسي آمريڪا مخالف سياست ڪندڙ جماعت اسلامي بلوچستان جي امير عبدالمتين اخوانزاده جو چوڻ آهي ته آمريڪا جا وڌندڙ قدم پاڪستان جي وجود ۽ پوري خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ ٺيڪ سنوڻ ناهن. ڪوئيٽا ۾ عالمي سازش رچائي پئي وڃي جنهن جو واضح ثبوت اهو آهي ته جڏهن کان ڪوئيٽا ۾ آمريڪي سفارتخاني قائم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، تڏهن کان ڪوئيٽا ۾ دهشتگرد ڪاررواين ۾ واڌ آئي آهي. خروٽ آباد سانحي ۾ معصوم ۽بيگناهه غير ملڪين کي شهيد ڪري ان واقعي کي دهشتگردي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن ۾ سازشي عنصر ناڪام رهيا. ان کانپوءِ ڪوئيٽا جي علائقي سيٽلائٽ ٽائون مان القاعده اڳواڻن جي گرفتاري جو ڊرامو ڪيو ويو. ان کانپوءِ ڪوئيٽا جي علائقي انسڪمر روڊ تي آپگهاتي حملا ڪري اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته هتي القاعده موجود آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪوئيٽا ۽ ان جي ڀرپاسي طالبان شوريٰ جو ڪو وجود ناهي. هتي عوام جي مذهبي وابستگي ضرور آهي پر ان جو مطلب هرگز اهو ناهي ته مدرسن ۽ مسجدن ۾ علم پرائيندڙ کٿابين جو هٿياربند طالبان سان ڪو تعلق آهي.

عوامي نيشنل پارٽي بلوچستان جي ڪنوينر ارباب عبدالطاهر جو چوڻ آهي ته قانون مطابق جيڪڏهن ڪو سفارتخانو کولڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي ته پوءِ، اسان کي ڪو اعتراض نه هوندو ليڪن کين پوءِ قانون موجب اتي ڪم ڪرڻو پوندو. ٻئي طرف جي يو آءِ (ف) پڻ بلوچستان ۾ آمريڪي مداخلت تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي.

جمعيت علماءِ اسلام جي ضلعي امير ۽ اڳوڻي صوبائي وزير حافظ احمد الله جو چوڻ آهي ته فاٽا ۽ وزيرستان مان ماڻهن کي بلوچستان منتقل ڪري کين تربيت ڏني پئي وڃي ته جيئن بلوچستان جو حشر به فاٽا ۽ وزيرستان جهڙو ٿئي. يونس موريطاني کي به 6 مهينا اڳ گرفتار ڪيو ويو هو، بعد ۾ کيس هتي آندو ويو ته جيئن بلوچستان ۾ آپريشن جي راهه هموار ڪري سگهجي. آمريڪي سفارتڪار جيڪو بلوچستان ۾ سفارتخاني جي قيام جي سلسلي ۾ ايندو رهيو آهي ۽ مختلف سياسي جماعتن سان هن ملاقاتون به ڪيون پر اسان رابطي باوجود ساڻس ڪا ملاقات نه ڪئي، ڇو ته اسان بندوق ۽ بارود جي سياست بدران ڳالهين ۽ دليل ۾ يقين رکون ٿا. يارهن ورهيه اڳ بلوچستان ۾ طالبان جو نالو ئي نه هو، بعد ۾ القاعده اڳواڻن جي ڪوئيٽا سميت بلوچستان ۾ موجودگيءَ جو شوشو ڇڏيو ويو. هن چيو ته حالتن مان پتو پوي ٿو ته بلوچستان ۾ وڏي رتوڇاڻ ٿيندي، جنهن ۾ مذهبي انتهاپسندي جي نالي تي پبلڪ جاين، مسجدن، عيد گاهن، سرڪاري عمارتن ۽ اسڪولن کي به نه ڇڏيو ويندو.

ان هوندي به ان حوالي سان سنجيده حلقن جو چوڻ آهي ته آمريڪا جي وڌندڙ مداخلت بلوچستان جي بساط تي ويجهي مستقبل ۾ کيڏجندڙ گيم جو حصو آهي ڇو ته گوادر بندرگاهه هڪ واپاري ۽ معاشي اثاثي جي اهميت رکندڙ آهي. گوادر جي تعمير، ترقي ۽ انتظامن ۾ چين جي شموليت آمريڪا جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن. جيڪڏهن پاڪستان سرڪار گوادر جو انتظام چين حوالي ڪري ٿي ڇڏي ته معاشي فائدن کانسواءِ چين جي اسٽريٽجڪ بالادستي هڪ لازمي امر آهي. چين، ايران، روس ۽ وچ ايشيا جي ڪجهه ملڪن تي ٻڌل هڪ مضبوط واپاري لاڳاپن کانسواءِ دفاعي بلاڪ ۾ تبديل ٿيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. جيڪڏهن ايئن ممڪن ٿي وڃي ته آمريڪا جي هن خطي ۾ بالادستي جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿي سگهندو. انهن ئي سببن جي ڪري آمريڪا گوادر تي چين جي اثر رسوخ ۾ گهٽتائي ۽ پنهنجي گرفت چاهي ٿو ته جيئن هو پنهنجي ٻڏندڙ معيشت کي سهارو ڏئي سگهي ۽ دفاعي بالادستي جي مهار به پنهنجي هٿ ۾ رکي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو