Home / پروفائيل / !معصوم ايني فرينڪ سان دوکي جي ڪٿا
above article banner

!معصوم ايني فرينڪ سان دوکي جي ڪٿا

هٽلر پاران ٿيل يهودي قوم جي نسل ڪشي جنهن کي دنيا هولو ڪاسٽ جي نالي سان ياد ٿي ڪري تنهن ۾ يورپ جي سٺ لک يهودين کي زندهه ساڙيو ويو هو. دنيا جي ان تاريخي ڏاڍ واري وقت هڪ نالو تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ اهو نالو هيو هڪ معصوم ڇوڪري ايني فرينڪ جو، جنهن جي ڊائري دنيا ۾ وڏي شهرت ماڻي جنهن تي ڪيترائي ڊراما ۽ فلمون به ٺهي چڪيون آهن. اها ڊائري ڊچ ٻوليءَ ۾ لکي ويئي جيڪا ايني فرينڪ نازي فوج کان بچڻ لاءِ ڪٽنب سوڌو روپوشيءَ ۾ گهاريل ٻن سالن دوران لکي. ايني فرينڪ جو جنم 12 جون 1929ع ۾ جرمني جي شهر فرنيڪفرٽ ۾ ٿيو. هوءَ اوٽو فرينڪ ۽ ايڊٿ فرينڪ جي ٻيو نمبر ڌيءَ هئي. هي خاندان هيو ته يهودي پر هو مذهب کان گهڻو پري هئا. ايستائين جو هو غير يهودين جي علائقي ۾ رهندا هئا.

1933ع ۾ فرينڪفرٽ ۾ ميونسپل جون چونڊون ٿيون جن ۾ هٽلر جي نازي پارٽيءَ فتح ماڻي. ڪجهه وقت کان پوءِ يهودين خلاف مظاهرا شروع ٿي ويا. فرينڪ خاندان کي اهو خدشو ٿيو ته انهن جو اتي رهڻ خطري کان خالي نه هوندو تنهن ڪري هو اهو شهر ڇڏي هڪ ٻئي شهر آڪين وڃي رهڻ لڳا. هو آڪين ۾ ايڊٿ جي ماءُ وٽ وڃي ترسيا. اوٽو فرينڪ پنهنجي خاندان سان وڃڻ بجاءِ فرينڪفرٽ ۾ ئي ترسي پيو. کيس جلدئي هالينڊ جي شهر ايمسٽرڊم ۾ واپار ڪرڻ جي آڇ ٿي. هو پوءِ ايمسٽرڊم وڃي پنهنجي خاندان جي رهائش جو بندوبست ۽ واپار ڪرڻ لڳو. تنهن وقت جرمني مان 3 لک يهودي ٻين ملڪن ڏانهن فرار ٿي چڪا هئا.

اوٽو فرينڪ ميون مان نڪتل پيڪٽن وڪرو ڪندڙ هڪ ڪمپني شروع ڪري ڏني. 1934 ۾ سندس گهر ڀاتي به ايمسٽرڊم پهچي ويا ۽ هو مرويڊ اسڪوائر ۾ هڪ اپارٽمينٽ ۾ رهڻ لڳا. ٻنهي ڌيئرن کي هن اسڪول ۾ داخل ڪرايو. 1938 ۾ اوٽو هڪ ٻي ڪمپني شروع ڪئي ۽ هرمن وان پيلس کي پنهنجو واپاري صلاحڪار مقرر ڪيائين. هرمن به يهودي هئو جيڪو ڪنهن ملڪ مان ڀڄي اچي ايمسٽرڊم ۾ رهڻ لڳو هيو ايني فرينڪ اسڪول ۾ پڙهائيءَ ۾ وڏو نالو ڪمايو، هوءَ لکڻيون به لکندي هئي پر ڪنهن کي ڏيکاريندي نه هئي.

مئي 1940ع ۾ جرمني هالينڊ تي ڪاهه ڪندي ان تي قبضو ڪيو ۽ يهودين کي سزائون ڏيڻ شروع ڪري ڏنيون. لازمي رجسٽريشن ۽ کين الڳ رکڻ جو قانون سڀني يهودين تي لاڳو ڪيو ويو. تڏهن اهو قانون به لاڳو ڪيو ويو ته يهودين جا ٻار فقط يهودي اسڪول ۾ پڙهي سگهندا. هن قانون جي ڪري هن جي ڀيڻ کي هڪ يهودي اسڪول ۾ داخلا وٺڻي پئي. هن جي اتي جيڪولين سان دوستي ٿي. ٻئي طرف اوٽو فرينڪ پنهنجو واپار بچائڻ لاءِ پنهنجي ڪمپني مان ڊائريڪٽر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ان جا حصا جوهانس ڪليمينس کي منقتل ڪيا. ڪمپني کي ختم ڪري پوءِ ان کي گائز ا ينڊ ڪمپني ۾ ضم ڪيو ويو. پنهنجي ٻي ڪمپني کي به بچائڻ لاءِ اوٽو اهڙا اپاءَ ورتا ۽ ڪنهن ٻئي شخص جي نالي ڪري ورتو جنهن اوٽو کي تمام ٿورو حصو منافعي ۾ ملڻو هيو. پر اوٽو ان کي به قبول ڪيو. پنهنجي 13 سالگرهه جيڪا جون 1942 تي هئي ايني کي هڪ ڪتاب وصول ٿيو. اهڙو هڪ ڪتاب هن پنهنجي پيءُ کي ڪجهه وقت اڳ هڪ ڪتاب گهر جي ڪائونٽر تي ڏيکاريو هيو. اهو اصل ۾ هڪ آٽوگراف بڪ هيو جنهن جي اندر رنگين ڌاڳو به هئو ۽ اڳيان هڪ ننڍو قلف به لڳل هيس. ايني ان آٽوگراف جي ڪتاب کي ڊائريءَ طور استعمال ڪرڻ جو سوچيو ۽ شروع ۾ هن ايمسٽرڊم ۾ گذاريل ڏينهن ۽ زندگيءَ ۾ ايندڙ تبديلين بابت لکيو. هن انهن پابندين جو ذڪر ڪيو جيڪي هالينڊ جي يهودين تي لاڳو ڪيون ويون ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي ڏاڏيءَ جي وڇوڙي جي ڏک کي به هن پنهنجي ڊائريءَ ۾ قلمبند ڪيو. ايني کي فلمون ڏاڍيون وڻنديون هيون ۽ هو فلمي اداڪاره بڻجڻ جا خواب ڏسندي هئي پر هالينڊ جي يهودين جي سئنيما ۾ وڃي فلم ڏسڻ تي پابندي هئي. ايني جي 13 هين جنم ڏينهن کان فقط هڪ مهينو اڳ يعني جون 1942 تي هو ۽ هن جو ڪٽنب نازين جي ڊپ کان روپوش ٿي ويا. ٿيو ايئن جو هن جي ڀيڻ مارگوٽ کي يهودين جي لڏپلاڻ جي مرڪزي آفيس مان سڏ آيو ته هو ڪميپ ۾ وڃي رپورٽ ڪن. اهو ٻڌي سندس پيءُ اوٽو پنهنجي خاندان کي چيو ته اهي روپوش ٿي وڃن. هو پنهنجي گهر کي ايئن ڇڏي ويا جيئن ڏسڻ واري کي ايئن لڳي ڄڻ هو هڪدم ان گهر مان هليا ويا هجن. هو گهر ۾ هڪ خط به ڇڏي ويو جنهن ۾ لکيل هو ته هو سوئزرلينڊ ٿا وڃن. اوٽو خاندان وارن کي ٻڌايو ته هڪ اهڙي گهر ۾ وڃي رهندا جتي سندن ملازم هنن جو خيال رکندا ۽ هو ان گهر جي پٺيئن حصي جي ٻن ڪمرن ۾ روپوش ٿي رهندا. جيئن ته يهودين کي پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه هئي تنهن ڪري هو ڪيئي ميل پنڌ ڪندا رهيا. ماڻهن کان لڪڻ لاءِ هنن ڪپڙا کڻڻ بجاءِ ڪيئي جوڙا پنهنجي جسم تي پهري گهر کان نڪتا.

هنن جي رهڻ لاءِ ڪمرا هئا جيڪي هڪ عمارت ۾ ڳجهي ريت ٺهيل هئا جن جو رستو مٿان کان ٺهيل آفيس ۾ ٿي هيٺ ڪمرن تائين ايندو هيو. ڪمرن مان هڪ رستو هيو جيڪو هڪ ڇت جي هيٺان اچي ختم ٿيندو هيو هي رستو ڏاڪڻ ذريعي ٺهيل هيو. هنن خفيه ڪمرن ڏانهن ويندڙ رستي جي دروازي جي منهن ۾ ڪتابن جي شيلف رکي ان کي بند ڪيو ته جيئن ڪنهن کي به شڪ نه ٿئي. وڪٽر، جوهانس، ميپ ۽ بيپ ووسڪوجي جيڪي هنن جا ملازم هئا تن کي سندن بابت خبر هئي جڏهن ته ميپ جو مڙس ۽ ووسڪوجي جو پيءُ به سندن پرگهور لهڻ ايندا هئا. هو کين نه صرف کاڌي پيتي جو سامان آڻي ڏيندا هئا پر گڏوگڏ سياسي صورتحال کان پڻ باخبر رکندا هئا. هنن کي خبر هئي ته هو جڏهن به اهو ڪم ڪندي پڪڙيا ويا ته پوءِ موت کي منهن ڏيندا. ايني انهن جي ڪيل خدمتن کي پڻ پنهنجي ڊائري ۾ لکيو ته هو ايتري مشڪل حالتن ۾ به سندن ٻانهه ٻيلي هئا.13 جولاءِ تي هڪ ٻيو خاندان به اچي انهن سان رهڻ لڳو جنهن جو نالو پيلس هو ۽ پوءِ نومبر ۾ وري ٻيو خاندان فرزپفر جيڪو هنن جو ڏندن جو ڊاڪٽر هيو سو به پنهنجي خاندان سان اچي ا نهن سان گڏ رهڻ لڳو. هڪ موقعي تي ايني اهو محسوس ڪرڻ شروع ڪيو ته هن جي ماءُ هن تي صحيح طور تي ڌيان نٿي ڏي پر جلدئي هن کي محسوس ٿيو ته هن جي سوچ غلط هئي. هن ان تجزئي سميت پنهنجا احساس، خواب، ارادو ۽ رونما ٿيندڙ واقعن کي پڻ پنهنجي ڊائري ۾ پابنديءَ سان لکيو. هوءَ ۽ سندس ڀيڻ روپوشيءَ جي دوران ووسڪوجي جي نالي سان پوسٽ وسيلي شارٽ هينڊ جو ڪورس سٺن نمبرن سان پاس ڪيو ۽ ان انتظار ۾ رهيون ته هو ڪڏهن ٿيون اسڪول واپس وڃن. وقت سان گڏ هن جي لکڻين ۾ سونهن وڌندي وئي ۽ هن خدا، پنهنجي عقيدي ۽ انساني فطرت تي پڻ لکيو ۽ هن اڳتي هلي صحافي بڻجڻ جو به سوچيو. 14 آگسٽ 1944 جي صبح ڪنهن مخبر جي اطلاع تي پوليس سندن گهرن تي ڇاپو هنيو ۽ ٽنهي خاندانن کي گيسٽايو جي ڪئمپ ۾ پڇا ڳاڇا کان پوءِ هڪ ڪئمپ ۾ سخت پورهئي جي سزا لاءِ موڪليو ويو. هنن تي روپوشيءَ جو الزام مڙهيو ويو ۽ سزا ۾ کين پورهئي لاءِ موڪليو ويو.

هنن جي ملازمن ۾ ميپ ۽ وسڪوجي کي پڇا ڳاڇا کان پوءِ آزاد ڪيو ويو. هو جڏهن واپس آيا ته انهن کي ايني جا لکين پنا ۽ خاندان جا فوٽو مليا جيڪي هن ان خيال سان سنڀالي رکيا ته هو جنگ کان پوءِ انهن کي واپس ڏيندا. 7 آگسٽ 1944 تي ميپ فرينڪ خاندان کي آزاد ڪرائڻ لاءِ انچارج آفيسر کي رشوت جي آڇ به ڪئي پر هن جي اها ڪوشش ناڪام وئي.

3 سيپٽمبر 1944 تي هن سموري گروپ کي ويسٽر بورڪ مان آشوز ڪنسنٽريشن ڪئمپ ڏانهن نيو ويو. هو جنهن ٽرين ذريعي اماڻيا ويا ان ٽرين ۾ ايني ۽ مارگٽ جو اسپمٽرڊم وارو دوست ايورس ايمڊم به هيو.

ڪئمپ ۾ آندل سمورن قيدين ۾ مردن کي عورتن ۽ ٻارن کان جدا ڪيو ويو. ايني جي پيءُ اوٽو فرينڪ کي به پنهنجي ڪٽنب کان الڳ ڪيو ويو. 1019 قيدين مان 549 اهڙا ٻار هئا جن جي عمر 15 سالن کان به گهٽ هئي جيئن ته ايني ان وقت 15 سالن جي ٿي چڪي هئي تنهن ڪري هن کي ٻارن جي گروپ ۾ نه وڌو ويو. الڳ ٿيندڙ گروپ کي نازين جي مشهور گئس چئمبر وسيلي موت جي ننڊ سمهاريو ويو. جڏهن ته ايني کي ڪپڙن کان آجو ڪري هن کي “جراثيم کان پاڪ” ڪرڻ لاءِ هن جو مٿو ڪوڙيو ويو ۽ ٻانهن ۾ سڃاڻپ نمبر ٻڌي پٿر کي ٽوڙڻ ۽ تڏا ٺاهڻ لاءِ موڪليو ويو. ايني ، سندس ڀيڻ ۽ ماءُ ڪيئي ڏينهن جبري پورهيو ڪنديون رهيون جتي ايني کي چمڙيءَ جي خارش واري بيماري ٿي ويئي جنهن ڪري هن کي ڀيڻ سان گڏ هڪ شفاخاني ۾ موڪليو ويو جتي انداهه ۽ ڪوئا جام هئا. ايني جي ماءُ پنهنجو کاڌو به وڃي ايني کي ڏيندي هئي ۽ پاڻ بکون ڪاٽيندي هئي. ايني کي ڇڏي باقي ان جي ماءُ، ڀيڻ ۽ انهن سان گڏ جهليل ٻين عورتن کي آڪٽوبر 1946 ۾ هڪ ليبر ڪئمپ ۽ پوءِ 8000 عورتن سميت هڪ ٻي ڪئمپ نيو ويو پر ايني جي ماءُ ايڊٿ کي اتي ئي ڇڏيو ويو جيڪا پوءِ بک وگهي گذاري وئي. ڪئمپ ۾ ايني سان هن جون ڀينرون، پراڻيون ساهيڙيون هينيلي ۽ نينيتي به مليون. هي ٻئي موت کان بچي ويون ۽ اڳتي هلي هنن ڪئمپ ۽ اتان جي قيدين جي درد ڪٿا به ٻڌائي جن ۾ هو مارگٽ کي ان ڪري نه سڃاڻي سگهيون جو هوءَ بک وگهي انتهائي ڪمزور ۽ سڃاڻ جي لائق نه رهي هئي.هنن ٻڌايو ته ايني جا ٻيا جيڪي دوست هئا تن کي خبر هئي ته هنن جا والدين مارجي چڪا آهن تنهن ڪري هنن جي جيئڻ جي ڪابه خواهش نه هئي. ڪئمپ ۾ بيماريون پکڙجڻ سبب قيدي وڏي انگ ۾ مري رهيا هئا. مارگٽ پڻ بيماريءَ وگهي اڌ مئي ٿي چڪي هئي. ٻنهي کي نازين بجلي جا شاڪ ڏئي ماري ڇڏيو ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ايني به گذاري وئي. ستت ئي برطانيا جي فوج ان ڪئمپ تائين پهتي ۽ باقي قيدي آزاد ڪرايا ايني ۽ سندس ڀيڻ کي هڪ اجتماعي قبرستان ۾ دفنايو ويو ۽ وڌيڪ بيماري ڦهلجڻ کان بچڻ لاءِ ڪئمپ کي باهه ڏئي ساڙيو ويو.

خوش قسمتيءَ سان ايني جو پيءَ اوٽو فرينڪ به يهودين جي قتل عام کان بچي ويو. سندس نوڪرياڻي ميپ پاڻ سان گڏ سانڍيل ايني فرينڪ جي ڊائري کيس ڏني. ايني جي اها ڊائري هڪ پيءُ ڪيئن پڙهي هوندي ان جي ته ان کي ئي خبر جنهن هڪ معصوم ڌيءَ جي مرڻ کان پوءِ هن جي لکيل اها ڊائري پڙهي جنهن ۾ هن هڪ لمحي کي لکيو هو جنهن ۾ هن جا احساس مري مري وري جيئن پيا. هن جي ڊائري نازين جي ظلم جي دور ۾ ان وقت جي نوجوانن جي احساسن جي ترجماني ٿي ڪري. اوٽو پنهنجي ڌيءَ جي اها ڊائري هڪ تاريخدان ايني کي ڏني جيڪا ان کي نه ڇپرائي سگهي ۽ پوءِ پنهنجي مڙس کي ڏنائين ان تي، “هڪ ٻار جو آواز” جي نالي سان مضمون لکيو جنهن مان پبلشرز ان طرف ڌيان ڏنو ۽ پوءِ اها ڊائري جرمني، فرانس، برطانيا، آمريڪا، هالينڊ ۾” ايني فرينڪ هڪ ننڍڙي ڇوڪريءَ جي ڊائري جي نالي سان شايع ٿي جنهن جو وڏي انگ ۾ وڪرو ٿيو. جاپان ۾ ان جون لک کان وڌيڪ ڪاپيون وڪاميون. 1959 ۾ ان موضوع تي هڪ فلم ٺاهي وئي جيڪا پڻ ڪامياب وئي. آمريڪا جي ڪيئي اسڪولن ۾ اها ڊائري هڪ مضمون طور پڙهائي وئي. آمريڪي صدر جان ڪينيڊي، روسي لليڪ اليا ايرنبرگ، شاعر جان بيري مين ۽ گهڻن ٻين ايني جي لکڻ جي انداز ۾ ان وقت جي ڪرب ۽ تڪليفن جي بهترين عڪاسي ڪرڻ تي ايني جي تعريف ڪئي آهي. نيلسن منڊيلا پنهنجي قيد جي زندگيءَ دوران جيل ۾ ايني فرينڪ جي لکيل ڊائري پڙهي ۽ هن مطابق ان سان هن جو حوصلو وڌيو.

1999 ۾ ٽائيم رسالي ايني فرينڪ کي 20 صديءَ جي سورمي جو درجو ڏنو. اوٽوفرينڪ پنهنجي ايمسٽرڊم جي گهر کي ايني فرينڪ جي يادگار طور محفوظ رکيو جنهن کي ڏسڻ لاءِ اڄ به اڻ ڳڻيا سياح سموري دنيا کان ايندا آهن. ان ئي گهر ٻاهران معصوم ايني جو هڪ مجسمو به نصب آهي.

ورهيه گذري ويا پر اڄ تائين اها خبر نه پئي ته آخر اهو ڪير هيو يا هئي جنهن فرينڪ خاندان جي مخبري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هو گرفتار ٿي زندگيءَ جي دردناڪ لمحن مان گذري وکري ويا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو