Home / افيئر / !برطانوي ڳجهي اداري ۽ قذافي وچ ۾ ڳٺ جوڙ
above article banner

!برطانوي ڳجهي اداري ۽ قذافي وچ ۾ ڳٺ جوڙ

 


برطانيا جي جاسوس اداري
MI-6 ۽ لبيا جي معمر قذافي وچ ۾ ڳٺ جوڙ جي انڪشافن کانپوءِ برطانوي حڪومت جي ايوانن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي. لبيا جي راڄڌاني طرابلس تي باغين جي قبضي کانپوءِ قذافي جي انٽيلجنس سربراهه مولي ڪوسن جي آفيس مان هيومن رائٽس واچ کي جيڪي ڪاغذ پٽ مليا آهن انهن ۾ MI-6 ۽ قذافي وچ ۾ ڳجهن سودن ۾ قذافي جي مخالفن کي لبيا جي سيڪيورٽي سروسز جي حوالي ڪرڻ ۽ کين تشدد جو نشانو بنائڻ جي باري ۾ ڪيترائي انڪشاف سامهون آيا آهن. سڀ کان پهرين باغين جي طرابلس برگيڊ جو ڪمانڊر عبدالحڪيم بالحج جو معاملو منظرعام تي آيو. هو اسلامي تنظيم جو اڳواڻ هو کيس MI-6 جي مخبري تي سي آءِ اي بئنڪاڪ کان اغوا ڪرايو هو، پهرين مٿس اُتي سي آءِ ڊي تشدد ڪيو بعد ۾ کيس لبيا آڻي ڪيترن ئي سالن تائين MI-6 طرفان تشدد جو نشانو بڻايو ويو.

ڪمانڊر بالحج جي معاملي جو انڪشاف ٿيڻ کانپوءِ لبيا جي ٻي اسلامي تنظيم جي هڪ ٻئي اڳواڻ سميع السعدي تي MI-6 ۽ قذافي انٽيلجنس طرفان تشدد جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي.

لبيا ۽ برطانيا جي MI-6 وچ ۾ ڳٺ جوڙ ۽ قذافي جي مخالفن تي تشدد جي انڪشاف کانپوءِ برطانوي وزير اعظم ڊيوڊ ڪيمرون ۽ سندس حڪومت ان سلسلي ۾ انڪوائري جو اعلان ڪيو آهي ليڪن دنيا ان کي ڍونگ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو