Home / افيئر / !سنڌ جي اسڪولن ۾ چيني ٻولي
above article banner

!سنڌ جي اسڪولن ۾ چيني ٻولي

سنڌ جتي ويجهڙ ۾ آيل ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ ماڻهو وات جو گرهه ڪڍي ٻڄن کي ڏئي سندن زندگيون بچائڻ لاءِ سرگردان آهن. اتي سسڪيون ڏئي مرندڙ ماڻهو پنهنجي آخري وصيعت طور اهو جملو به چوندا ٿا وڃن ته سندن موت جي ذميوار هاڻوڪي پ پ حڪومت آهي، ان ڪري اهو ڏوهه ان جي کاتي ۾ لکيو وڃي. اهو ان ڪري جو پ پ حڪومت ۽ جيالا ماڻهن جي ڪا سهائتا ۽ واهر ڪرڻ بدران پنهنجا گهر ڀرڻ ۾ پورا آهن. هڪ طرف سنڌ جو اهو تباهه حال منظر آهي ته ٻئي پاسي سنڌ جا ساڃاهه وند ، علمي ۽ ادبي حلقا

سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ٿيل ان فيصلي تي حيران ۽ پريشان آهن،جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سال 2013 کان سنڌ ۾ ڇهين درجي کان چيني ٻولي لازمي طور پڙهائي ويندي. اهڙو فيصلو ڇو ڪيو ويو آهي؟ ان جو پسمنظر ڇا آهي؟ يا ان مان سنڌ توڙي ملڪ کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ ان بابت اختيار ڌڻي اڃا تائين ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهن.

 

ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته حڪومت پنهنجي پراڻي اتحادي ۽ دوست ملڪ چين جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۽ هتي ان جي وڌيڪ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهڙو قدم کنيو آهي. جيڪڏهن ايئن آهي به سهي تڏهن به اهو خيال چريائپ کانسواءِ ڪجهه به ناهي. ڇو ته دنيا جا ٻيا به ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن جڪي معاشي طور مستحڪم، پاڪستان جا دوست ۽ سيڙپڪاري جي نڪتئه نظر کان اهم ٿي سگهن ٿا. جيئن جاپان ۽ جرمني آهن ته پوءِ سڀاڻي اهي ٻوليون به ٻارن مٿان ٿاڦيون وينديون؟

ٿيڻ ايئن کپندو هو ته حڪومت ڪو قطعي فيصلو وٺڻ کان اڳ ۾ اها ايجنڊا عوام ۾ لاهي ها، ان تي مختلف فورمن تي بحث ٿيڻ کپندو هو يا وري گهٽ ۾ گهٽ تعليمي ماهرن ۽ ساڃاهه وندن سان ڪا صلاح مصلحت ڪئي وڃي ها. ان کانپوءِ فيصلو ٻڌايو وڃي ها. پر ائين ڪرڻ بدران روايتي حڪمرانن وانگر هاڻوڪي حاڪمن طرفان سنڌ جي عوام مٿان اهو فيصلو مڙهيو ويو. ان ۾ خلق خدا جي نفعي نقصان کي بنهه نظر انداز ڪيو ويو.

ويجهي ماضيءَ کان ٿيندو ايئن پيو اچي ته اختيار ڌڻي هر مشق ۽ تجربو سنڌ ۾ ڪَن ٿا. مٿان وري اگر اختيار ڌڻي پ پ وارا آهن ته اهي ته مورڳو سنڌي عوام کي پنهنجي کيسي ۾ سمجهن ٿا ۽ ايئن ٿا ڀانئن ته اهي سندن ڪنهن به عمل خلاف ڪو ردعمل نه ڏيکاريندا. جيئن پ پ سنڌ ۾ ٻن مڪاني نظامن وارو تجربو دهرائي چڪي آهي، سڄي ملڪ ۾ ڪمشنري نظام آهي سنڌ واحد صوبو آهي جنهن ۾ مشرف دور جو ناظمي نظام بحال ڪيو ويو آهي، جنهن خلاف سنڌ جي عوام 13 آگسٽ تي قومپرست ڌرين جي اڳواڻي ۾ تاريخي احتجاج ڪري ثابت ڪيو ته اهي گونگا ۽ ٻوڙا ناهن، اهي پنهنجي حق لاءِ آواز اٿاري سگهن ٿا.

ليڪن چيني ٻوليءَ واري بيوقوفاڻي حڪومتي فيصلي خلاف خبر ناهي ڇو سنڌ جا ساڃاهه وند، علمي ۽ ادبي حلقا، استاد ۽ شاگرد تنظيمون ڇو خاموش آهن؟ انهن کي لا محاله اها خاموشي ٽوڙڻي پوندي. ڇو ته سنڌ ۾ تعليمي معيار اڳ ۾ ئي تمام گهڻو پٺتي پيل آهي، هتي پرائمري اسڪول مينهن جا واڙا يا وڏيرن جو اوطاقون بڻيل آهن. جڏهن ته استاد به اڪثر سياسي لاڳاپن آڌار ڀرتي ٿين ٿا ان ڪري اهي ٻار پڙهائڻ بدران تر جي وڏيري، ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي منشي گيري ڪرڻ کي وڌيڪ اوليت ڏين ٿا. جڏهن ته سنڌ اندر اڪثر گوسڙو استاد “ويزا” تي ويل آهن جيڪي پڙهائڻ بدران “دش کش” ڏئي گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ به سنڌ جي اسڪولي ٻارڙن تي سنڌي، اردو، انگريزي ۽ عربي پڙهڻ لازمي قرار ڏنل آهن انهن مٿان وري هڪ اجنبي ٻولي مڙهڻ، مٿن سواءِ ٻوجهه ۽ نفسياتي دٻاءُ وڌائڻ جي ڪجهه به هوندو.

هتي سوال اهو پڻ اُڀري ٿو ته سنڌ جو تعليمي کاتو جيڪو اڃا مادري ٻولي سنڌيءَ ۾ ئي مڪمل معياري تعليم مهيا نه ڪري سگهيو آهي اهو وري هليو آهي سنڌي ٻارڙن کي چيني سيکارڻ؟ جيڪا کل جوڳي ڳالهه آهي. اهو نه وسارڻ کپي ته ڪراچي ۾ ماضيءَ ۾ وڏي پئماني تي سنڌي ميڊيم اسڪول هئا جيڪي هوريان هوريان ختم ڪري باقي چند وڃي بچايا ويا آهن. جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جو بل پاس ٿيل آهي ته صوبي جي سمورن خانگي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي لازمي طور پڙهائي وڃي پر سٽي اسڪول، بيڪن هائوس، دي ايجوڪيٽر ته ڇڏيو عام ۽ وچولي درجي جي خانگي اسڪولن ۾ به سنڌي نٿي پڙهائي وڃي. جيڪا حڪومت مادري ٻولي هڪ سبجيڪٽ طور پڙهائڻ ۾ ناڪام ٿي نظر اچي اها آخر چيني ٻوليءَ واري شوق جو سنڌ ۾ پورائو ڇو ٿي ڪرڻ گهري؟

چيني ٻولي سکڻ سان جا شاگرد ڪي آڙيڪاپ ٿي ويندا، انهن جا اسڪلز وڌي ويندا يا ڪو ٻيو انقلاب اچي ويندو. اها اختيار ڏڻين جي ڀُل آهي ڇو ته چين وارا جيڪي اڳ ۾ پنهنجي اسڪولن ۾ مادري ٻولي کانسواءِ ٻي ٻولي پڙهائڻ کي خراب سمجهندا هئا اهي پڻ هاڻ پرائمري سطح کان ٻارن کي انگريزي پاڙهين ٿا. ڇو ته هاڻي اهي اها ڳالهه سمجي چڪا آهن ته سندن نسلن کي انگريزي نه اچڻ سبب اهي دنيا سان وک وک ۾ ملائي نه پيا هلي سگهن. ان ڪري انهن هاڻ پاڻ انگريزي سکڻ تي زور ڏنوآهي.

ٻي ڳالهه اها ته اسان وٽ جيڪو تعليمي نظام رائج آهي ان ۾ مٿين ڪلاسن ۾ ٻار کي فزڪس، ڪميسٽري، بايولاجي، رياضي، اڪائونٽنگ ۽ ڪافي سارا ٻيا سبجيڪٽ انگريزي ۾ پڙهڻا پون ٿا. جڏهن ته يونيورسٽي ڪلاسز ۾ استاد ليڪچرز به گهڻو ڪري انگريزي ۾ ڏين ٿا. تڏهن اسان جا ٻار جيڪڏهن انگريزيءَ کان واقف نه هوندا ته خاڪ سمجهندا. ان ڪري اسان کي ان پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ساڳي وقت مادري ٻولي يعني سنڌيءَ کي به سڄي صوبي جي هر تعليمي اداري (خانگي ۽ سرڪاري) ۾ لاڳو ڪرڻ گهرجي ته جيئن صوبي ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ هم آهنگي سان گڏ مادري ٻولي به ترقي ڪري سگهي.

باقي 18 مهينن اندر هڪ ٻي ڌاي ٻولي يعني چيني جو ٻوجهه سنڌ جي اسڪولي ٻارن مٿان وجهڻ انتهائي بي عقلي واور فيصلو آهي. ايتري ٿوري عرصي ۾ نه ته معياري نصاب تيار ٿيڻ ممڪن آهي نه وري اسٽاف جي ڀرتي. اهو خيال جنهن به سنڌ حڪومت جي ڏاهي وزير مشير جو آهي، اهو دٻي ۾ ٺڪرين کانسواءِ ڪجهه به ناهي. ان ڪري سنڌ حڪومت کي کپي ته تڙتڪڙ ۾ ورتل اهڙو غير دانشمنداڻو فيصلو واپس وٺڻ جو اعلان ڪري، جيئن سنڌ جي تعليمي حلقن، والدين ۽ اسڪولي ٻارڙن ۾ ڦهليل بي چيني دور ٿي سگهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو