Home / ڪور افيئر / سولين ڍال ڇو بڻجي رهيا آهن؟
above article banner

سولين ڍال ڇو بڻجي رهيا آهن؟

پاڪستان هيومن ڊويلپمينٽ انڊيڪس 2008 ۾ ناڪام رياستن جي لسٽ ۾ نائين نمبر تي آيو آهي، ۽ افغانستان پاڪستان کان فقط ٻه انگ وڌيڪ ابتر آهي، ان جا سبب پاڪستان جي 64 سالن جي تاريخ ٻڌائي ٿي، پر هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ماضيءَ جي عبرتناڪ مثالن مان ڪڏهن به نه سکيو آهي، آمريڪي هُشيءَ تي ۽ پنهنجي حرص جي نتيجي ۾ اختيار ڪيل پاليسين ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته هن ملڪ جي عام ماڻهوءَ ۽ پوري دنيا کي ڪڏهن به مستحڪم پاڪستان جي صورت نظر نه آئي آهي.

آمريڪا ۽ افغانستان جا پاڪستان تي الزامگذريل سال ڏيڍ کان پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ پيچيدگين جي مختلف اِنتهائن تي ويندي رهي آهي، ۽ پس و پيش اعتماد جي خساري تي وڃي ڇيهُه ڪندي آهي. بن لادن جي پاڪستان مان پڪڙجڻ کان پوءِ ته پاڪ آمريڪا لاڳاپا بنهه بگڙي ويا آهن. هر ڏينهن ڪو نه ڪو نئون راز ٿو کُلي، سمجهه ۾ اچي ٿو ته فوج ۽ ان جي ڳجھن ادارن جي هٺ ڌرمين ۽ پنهنجي ئي عوام سان 64 سالن کان ڪيل ڏاڍ جا کڻي ڏينهن پُنا نه به هجن، پر هاڻي سندن مٿان اچي زنجيرون پيون آهن، لڳي ٿو هاڻ وٽن ملڪ بابت فيصلن جو اهو استحقاق نه رهندو جيڪو اڳ ۾ رهيو اٿن، هاڻي آمريت جا ڪرتا ڌرتا اچي بند گھٽيءَ ۾ ڦاٿا آهن! آمريڪي چيئرمين آرمي چيف آف اسٽاف ائڊمرل مائيڪ ميولن (پنهنجي رٽائرمينٽ کان ڪجھه ڏينهن اڳ) 22 هين سيپٽمبر تي سڌو سنئون، آمريڪي سفارتخاني تي حملي جو الزام پاڪستان جي هڪ ڳجھي اداري تي هنيو، ۽ اهو به چيو ته اهو ادارو افغانستان جي انتهاپسند حقاني نيٽ ورڪ سان واڳيل آهي جنهن جو هڪ حصو پاڪستان جي ملڪي قانون کان وانجھي علائقي فاٽا ۾ به موجود آهي، جيڪو ته ملڪ جي خاص ادارن جي حمايت سان هلي رهيو آهي. مٿان افغانستان به آمريڪا سان ڌرائتو ٿي بيٺو آهي، صدر حامد ڪرزئي جي بيان مطابق برهان الدين ربانيءَ جي قتل جي پلاٽنگ پاڪستان ۾ ٿي! ٻنهي الزامن جي ٽائيمنگ اتفاق سان هڪ ئي آهي.

ان کان اڳ ۾ 2008 ۾ ڪابل جي ڀارتي سفارتخاني تي حملي لاءِ به آمريڪا وٽ پاڻ وارن همراهن جي فون تي گفتگو جا تفصيل هئا جيڪي آمريڪا موجب پاڪستان جو ان حملي ۾ ملوث هجڻ جو پختو ثبوت ڏين ٿا. ۽ هاڻي مائيڪ ميولن موجب اها ڳالهه پڌري پٽ آهي ته پاڪستاني فوج ، انتهاپسنديءَ جي لڪل حمايت ڪري پنهنجي ئي ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي استحڪام ۽ پنهنجي عالمي ساک کي نقصان رسائي رهي آهي. آمريڪي ڊفينس سيڪريٽري لِيان پانيٽا به ساڳيو ئي بيان ڏنو آهي. گڏوگڏ ناٽو ٽرڪن تي 10هين سيپٽيمبر تي حملن جن ۾ اتحادي فوج جا لڳ ڀڳ 77 فو جي مارجي ويا، انويسٽيگيشن مطابق ان جو الزام به پاڪستاني ايجنسين تي اچي ٿو، افغانستان جي سفارتخاني جي حملي ۾ به جنهن ۾ 16 افغاني پوليس اهلڪار ۽ عام ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪابل ۾ 28 جون ۾ انٽرڪانٽينينٽل هوٽل تي بمباري ۾ به پاڪستاني ڌريون ملوث ڄاڻايون وڃن ٿيون. ائڊرمرل مائيڪ ميولن ته چوي ٿو ته حقاني ۽ پاڪستاني خاص ادارو هڪ ئي جسم جيان آهن،

فوج جو سولين حڪومت جي پاڇي ۾ پناهه وٺڻ

هڪ پاسي آمريڪا طرفان پاڪستان تي گھڻ رُخي سياسي الزام تراشي ٿي رهي آهي ته ٻئي پاسي ملڪ اندر صورتحال اها آهي ته ملڪ جي طاقتور فوج اچي عوامي حڪومت جي ڪڇ ۾ لڪي پناهه ورتي آهي، جيتوڻيڪ فوج جي پارليامينٽ جي پاڇي ۾ بيهي ڳالهائڻ واري حڪمت عملي ڪافي وقتائتي آهي ۽ وٽن واحد حل به فقط اهو ئي آهي، پر عوام لاءِ اهو نظارو انتهائي دلچسپ آهي، جتي ورديءَ وارا سولين حڪومت جي اوٽ ۾ اچي لِڪا آهن.

وائيٽ هائوس جيتوڻيڪ سفارتي وضع داري جو مظاهرو ڪندي ساڳي ئي بيان کي نرم مزاجيءَ سان بيان ڪري ڇڪتاڻ کي گھٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر ائڊمرل ميولن جي ترش بيان کان پوءِ وائيٽ هائوس کڻي ڪهڙا به پنهنجا فضيلت ڀريا سفارتي حربا استعمال ڪري، پر حقيقت اها آهي ته ڳالهه سڌي ٻوليءَ ۾ چئجي به وئي ۽ پوءِ ان ساڳي ئي ڳالهه کي وري هلڪو ڪري به پيش ڪيو ويو، ان کي سياسي ٻوليءَ ۾ آمريڪا جي پاڻ وارن همراهن لاءِ لٺ چَٺ چئبي، جنهن جو اثر ڪيترو ڳرو پيو آهي ان جو مظاهرو هونئن ته ملڪ جا شهري حڪومتي آفيسرن جي بيانن ذريعي هر ڏينهن ڏسن پيا، پر ٻه اهم موقعا سامهون آيا آهن جيڪي آمريت جي ور چڙهيل هن ملڪ ۾ اڳ ڪڏهن به نظر نه آيا آهن، ۽ جيڪي نه وسرندڙ آهن، هڪ موقعو تڏهن عوام آڏو آيو جڏهن اسامه بن لادن جي جھلجڻ کان پوءِ اسانجي فوج ۽ ان جي خاص اداري پاڻ کي پارليامينٽ آڏو ”پيش “ ڪيو، اها ملڪ جي” زورآور“ فو ج جي تاريخي ”پيشي“ هئي، ۽ ملڪ جي تاريخ جو عظيم منظر هو؛ ٻيو به ڪجهه اهڙو ئي موقعو آمريڪي آرمي چيف ائڊمرل ميولن جي بيان کان پوءِ پاڻ کي ٻيهر ڏسڻ لاءِ مليو جڏهن جنرل ڪياني ۽ جنرل شُجاع پاشا ملڪ جي وزير اعظم ذريعي تڙ تڪڙ ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي! اچرج آهي، ۽ ڳالهه حيرت کان مٿي چڙهي وئي آهي ته اُها فوج جيڪا لفظ ”سِول“، ” سِولِين“ يعني غير-فوجي/عام ماڻهن کي چٿر جي نگاهه سان ڏسندي رهي آهي، اها ارڏي فوج سِول حڪومت ۽ سياسي پارٽين جي اوٽ ۾ اچي پناهه وٺي ٿي! ان سڄي لقاءَ ۾ جمهوريت جي مستقبل جي حوالي کان ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ تمام مثبت پهلو واضح ۽ اُجاگر نظر اچن پيا، جي ڀُٽي صاحب جيان فوج جي عزتِ نفس وڌائڻ جي چڪر ۾ پاڻ کي ڪمزور ڪرڻ کان بچي ان راند کي کيڏجي ته عوام دوست ۽ جمهوري مفاد حاصل ڪري سگھجن ٿا، هن حڪومت جي ڏاهپ سان ڀريل حڪمتِ عملي ئي اُهو واحد حربو آهي جيڪو ملڪ جي ڍانچاتي خاڪي کي هميشه لاءِ تبديل ڪري سگھي ٿو ته جيئن اها فوج وري ڳچيءَ تائين نه چڙهي اچي، ۽ فيصله سازيءَ ۾ هميشه حڪومت ۽ پارليامينٽ جي ماتحت رهي.

پرڏيهي وزير حنا رباني کر ۽ وزير اعظم گيلاني چٽا ۽ ڌرائتا بيان ڏنا آهن، ڪرزئي جي بيان جي جواب ۾ هڪ تنبيهي بيان ۾ وزير اعظم ڪرزئي جي الزام کي ننديندي چيو آهي ته ربانيءَ جي قتل ۾ افغان ايجنسين جو هٿ آهي. رحمان ملڪ ته اهو به چيو آهي ته ”اسين پنهنجي فوج جو اهڙو استعمال ڪندا ئي ناهيون“، سندس اهي لفظ ته ويترسندس کوکلي اعتماد ۽ چاپلوسيءَ جي ڀرپور نشاندهي ڪن ٿا ته ”پاڪستاني قوم آمريڪي بوٽن کي پنهنجي ڌرتيءَ تي ڪڏهن به نه اجازت نه ڏيندي“! ها! پاڪستاني قوم آمريڪي بوٽن کي ته پنهنجي سرزمين تي اجازت نه ڏيندي باقي آمريڪي هيليڪاپٽرن کي پاڪستاني سرزمين تي لهي ڳجھي آپريشن ڪرڻ جي اجازت هئي؟ هو توهان جي ڪڇ ۾ ويٺل اسامه بن لادن کي جھلي ويا، سو به ايبٽ آباد مان، ان مهل اوهان ڇا ڪيو؟ ۽اوهان ڪجهه ڪرڻ جي قابل ئي ڪٿي رهيا؟ رحمان ملڪ جي بيانن جي سياسي حيثيت ڪهڙي آهي ان کي ته ملڪ جو ٻار به سمجھي ٿو، سندس ڇَسي لفاظيءَ کي اسين سولي سنڌيءَ ۾ چوندا آهيون، ”هڪ سُڃ ٻي سِيٽَ گھڻي“، پر هي حڪومتي ڌريون ڇا پيون ڪن؟ جنهن علائقي فاٽا ۾ ملڪ جو پنهنجو ڪو قانون نٿو هلي حڪومتي ڌريون ان علائقي تي حملي نه ڪرڻ لاءِ ڇو ٿيون آمريڪا تي زور ڀرين ۽ فوج جي ساک کڻن؟ اهڙي فوج جي لاءِ ڌر ٿي بيهڻ جمهوري حڪومت لاءِ سياسي بلنڊر کان گھٽ نه آهي، پيپلز پارٽي کي ذوالفقار علي ڀُٽي واري غلطي نه ورجائڻ کپي.

آمريڪي سياسي وضعداري ڪيستائين هلندي؟

حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته ان کان پهرين جو پاڪستان آمريڪا کي ”هل ڙِي ٻوٿَ ڪاري“ چئي سندس الزامن کي رد ڪري، تازو ئي هليري ڪلنٽن پنهنجي بيان ۾ واضح لفظن ۾ آمريڪا جي ماضيءَ جي ڪردار کي مڃيو آهي ته طالبان ۽ حقاني گروهن جي تياري جي ذميواري رڳو پاڪستان تي نه آهي، پر آمريڪا پڻ ان ۾ ڌر رهيو آهي ۽ هليري ڪلنٽن ته اهو به مڃيو آهي ته جيتوڻيڪ انتهاپسنديءَ جو اهو هٿيار انهن روس خلاف استعمال ڪيو، پر پاڪستان انهن انتهاپسند گروهن جي ڳجھي حمايت اڃا سوڌو جاري رکندو پيو اچي. خير، ان سڌي سنئين بيان مان ته اهو ظاهر ٿئي پيو ته آمريڪي پاليسين ۾ هن خطي جي حوالي کان تمام وڏي شفٽ نظر اچي ٿي. پاڪستان به ڇا ڪري، افغان جنگ ۾ پاڻ کي پورو کپائي ڇڏيائين، ۽ ان لاءِ ملڪ ۾ آمريڪا نواز آمريتون به پئي قائم ڪيائين. هاڻي جڏهن پاڪستان جا آمريڪا سان لاڳاپا انتهائي پيچيده موڙ تي اچي پهتا آهن تڏهن اهو ڪنهن کان وسريو آهي ته پاڪستان ۾ قائم ٿيل اهي آمريتون آمريڪي منشى کان سواءِ نه هيون، خارجي سطح تي اهڙيون موتمار پاليسيون پاڪستان ۾ آمريتين کان سواءِ ته آمريڪا کي پلئه نه پون ها، پاڻ واري فوج جي واويلا به هڪ لحاظ کان غلط نه آهي. مير تقي مير جي ان شعر جيان ته:

مسجد کا امام آج ہوا آکے وہاں سے

کل تک تو یہی میرا خرابات نشیں تہا!

حقيقت اها آهي ته پاڪستاني فوج روس جي حوالي کان انهن مخصوص حالتن ۾ هڪ حربي طور استعمال ٿيڻ کان پوءِ ان شيئر جي حصيدار ٿيڻ چاهي ٿي جيڪو آمريڪا ۽ اتحادي فوجون ماڻڻ چاهين ٿيون، اتي ڀارت کي جي پاڪستان کان وڌيڪ اهميت ۽ حيثيت ملندي ته اهو پاڪستاني فوج لاءِ موت کان گھٽ نه آهي. پر کين اها ڪوڙي گوري ڳهڻي ئي پوندي! هاڻ سندن ان انتهاپسنديءَ واري حربي کي چنبڙي پوڻ سندن هڪ ڇسي سياسي چال ئي چئبي،جنهن کي کيڏندي پاڻ جيتوڻيڪ جھلجي به پيا آهن، پر مڙن نٿا!

آمريڪا جي بين الاقوامي ساک ۽ پاڪستان جا خدشا

اهو بلڪل درست آهي ته پاڪستان تي الزام هڻندڙ آمريڪا جي به دنيا ۾ ڪا چڱي ساک نه رهي آهي. آمريڪا تي سدائين بين الاقوامي سطح تي واضح تنقيد سامهون ايندي رهي آهي. تازو ئي ايراني صدر احمدي نجاد جي گڏيل قومن جي جنرل اجلاس ۾ تقرير کي اڻ ٻڌو ڇڏي آمريڪي ۽ يورپي آفيسرن گڏيل واڪ آئوٽ ڪيو، پر احمدي نجاد جي تقرير ۾ ڪافي اهم ۽ عقلي نقطا هئا، جيڪي نسورو سچ هئا، مثال طور تي سندس اهو نقطو ته اهي ماڻهو جيڪي 9/ 11جهڙي پراسرار واقعي کي استعمال ڪندي افغانستان ۽ عراق تي جنگ مڙهين ٿا، ماڻهن جو قتل عام ڪن ٿا، لکين ماڻهن کي بي گھر ڪن ٿا ۽ وچ ايشيائي ۽ وچ اوڀر جي رياستن جي وسيلن ۽ تيل تي اک رکن ٿا، اهي ڪيئن ٿا پاڻ کي جمهوريت ۽ انساني حقن جا علمبردار سڏائين؟ نيوڪليئر نان پروليفريشن ٽريٽي جو حوالو ڏيندي احمدي نِجاد اهو اعتراض به واريو ته جيڪڏهن ڪجھه ملڪ نيوڪليئر ٽيڪنالاجي ۽ توانائي پئدا ڪري ان جو مثبت استعمال ڪري سگھن ٿا، ته پوءِ ايران ۽ ان جهڙن ٻين ملڪن تي پابنديون ڇو ٿيو ن مڙهيون وڃن، جيڪو ته سندن قانوني ۽ جائز حق آهي ؟ احمدي نِجاد اهو به چيو ته آمريڪا اسٽريٽيجڪ ضرورت آهر ساڳي پابندي پنهنجن ساٿاري ملڪن تي نه مڙهي آهي (پاڪستان ۽ ڀارت مثال طور)، ورندو انهن جي نيوڪليئر هٿيار تيار ڪرڻ ۾ مدد به ڪئي آهي، هڪڙن ملڪن کي ڌمڪيون ۽ ٻين کي حمايت، اهي ٻٽا معيار ڇو آهن آمريڪا جا؟ پر تنهن هوندي به آمريڪا جي تهمت گذار عالمي ساک جو هرگز اهو مطلب نه آهي ته پاڻ وارا همراه بيڏوهه آهن ۽ مٿن الزام هٿ-ٺوڪيا آهن.

ان ۾ ڳالهه ۾ ڪي به ڳُجھا ڪڻا نه آهن ته جهادي لقاءَ جون سوچيندڙ، جوڙيندڙ، پاليندڙ ۽ هاڻي انهن جو خاتمو ڪندڙ ساڳيون ئي ڌريون آهن، اهو ئي آمريڪا ۽ ان جا هن خطي ۾ مفاد، اُها ئي پاڪستاني فوج، ۽ اهي ئي ملڪ جون مذهبي سياسي پارٽيون آهن، جن پهرين هڪ مخصوص ڪردار ادا ڪيو ۽ هاڻي ٻيو اهم ڪردار ادا ڪرڻ ڏانهن کين ڌِڪيو وڃي رهيو آهي. پر اتي ئي ته پيچيدگي آهي!

فارسيءَ ۾ هڪ ڏاڍي دلچسپ چوڻي آهي ته ”نانگ کي جھلڻ لاءِ دشمن جو هٿ استعمال ڪيو“، سو پينٽاگان به پاڪستان سان ائين ئي ڪندي رهي آهي، ان نانگ کي پهرين کير پيارڻ جو ڪم پاڪستان کان ورتو ، جنهن ڪم ۾ وڏيڪ مصالحه پاڻ وارين ڌرين به وڌا، مثال طور نانگ پالڻ مهل پاڻ ۾ به نانگ جون خصلتون پئدا ڪرڻ، ۽ کوڙ سارا ٻيا نانگ پئدا ڪرڻ شايد آمريڪي ايجنڊا نه هجي، ۽ گڏوگڏ ان نانگ چارمنگ واري ڌنڌي تي نه فقط ننڍي سطح جي فوجي ملازمن ۽ بئٽمينن کي به استعمال ڪرڻ، ويندي روس ٽٽڻ کان پوءِ به ملڪ جي نوجوانن ۽ خاص ڪري پختون نوجوانن کي به هڪ سياسي ۽ جمهوري سماج جا شهري تيار ڪرڻ بدران منجھن نفرت ۽ انتها پسنديءَ جو زهر ڀري کين بمبار بڻائڻ به شايد آمريڪي ايجنڊا نه هجي.

پر اها آمريڪي حڪومت ۽ پينٽاگان لاءِ هڪ سيکت آهي، اهو انهن ڪيئن سوچيو ته هو نانگ پئدا ڪرڻ لاءِ ڀاڙيتو خريد ڪندا، نانگ پالڻ تي ناڻو خرچ ڪندا ۽ پاڻ نه ڏنگبا؟ اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ ۽ هاڻي جڏهن اسين نانگن جا وڏا واپاري بڻجي چڪا آهيون، تڏهن وري اهي آمريڪي هڪ نئون حڪم صادر ڪن ٿا ته سڀئي نانگ ماريو! انساني وحشت ۾ ماڻهو پنهنجي ساٿي/نانگ کي ته ماري سگھي ٿو، پر جي پاڻ به نانگ بڻجي چڪو آهي ته پنهنجي پاڻ کي ڪيئن ماريندو؟ اهو آهي اُهو پيچيده ڪم جيڪو آمريڪا پاڪستاني فوج کان چاهي ٿو!

آمريڪا، پاڪستان جي سِولين حڪومت، قومي ۽ بين الاقوامي سماجي ادارا ۽ ملڪ جي ميڊيا اهو چٽيءَ طرح سمجھي وٺن ته ان مشين جا ڪجهه خاص پُرزا هرگز، هرگز، پنهنجي هلت َ ۾ ڦير نه آڻيندا. انهن جو يا ته باقائدي خاتمو ڪرڻو پوندو يا ان مشين کي ئي نئين سري سان ٺاهڻو، پوندو، نون اصولن ۽ قاعدن سان! ۽ اهو ناممڪن نه آهي، ادارن جي نئين سر جوڙجڪ ٿي سگھي ٿي، آدرش تبديل ٿي سگھن ٿا، نون نظرين تحت نئين سر وري اڀري سگھجي ٿو، هڪ نئين روپَ ۾، نئين انداز سان، اهو ملڪ جي فوج ڪري سگھي ٿي، جي چاهي ته!

پاڪستان به آمريڪا کي ڪا سڌي وضاحت پيش نه ڪري سگھيو آهي ته حقانين سان ڳٺ جوڙ ۾ آهي يا نه آهي، ۽ دنيا ان تي ڪيئن ويساه ڪري ته اسين انتها پسنديءَ جي پيدائش ۽ پرورش ۽ ان ڏاڍ جي سالميت تي ڪم نه ڪري رهيا آهيون؟ ڪيترا ڏينهن ٿيا آهن ايشين ٽائيمز جي پاڪستان جي بيورو چيف ۽ جرئتمند صحافي سليم شهزاد جي قتل کي؟جنهن مرڻ کان ڪجهه ئي ڏينهن پهرين هڪ بين الاقوامي ٽي وي کي انٽرويوءَ ۾ اهو ئي چيو جيڪو ائڊمرل ميولن چيو! ان ڪري مئي 2011 ۾ مارجي ويل ان صحافيءَ جي کڄڻ ۽ پوءِ مارجڻ پٺيان ڪنهن جا هٿ آهن اهو سڀ ڀليءَ ڀت سمجھن ٿا، پر مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ! ان کان اڳ ۾ جنوري 2011 ۾ مارجي ويل گورنر پنجاب جو سندس گارڊ جي هٿان مارجڻ، اهي ٻئي مختلف واقعا ته آهن ، پر منجھن ڪيڏي نه حيرتناڪ هڪجهڙائي آهي، ٻنهي جي قاتلن ۾ فرق هجڻ جي باوجود به انهن ۾ ڪيڏي نه نظرياتي هم آهنگي آهي؟ تجزياتي نظر سان ڏسبو ته ٻئي ڌريون ساڳيو ئي نقطئه نظر رکندڙ سمجھه ۾ اچن ٿيون! ۽ اهڙين ڪسارين حقيقتن جي نروار ٿيڻ کان پوءِ اسين ڪيئن ٿا پنهنجي معصوميت ثابت ڪري سگھون؟ اهو هڪ عجيب طنز آهي ۽ ان ۾ ڪو به مغالطو نه آهي ته آمريڪا جي انتهاپسند عناصرن مان هٿ ڪڍڻ کان پوءِ به آءِ ايس آءِ انهن کي کاڌ خوراڪ مهيا ڪري جٽادار ڪندي رهي آهي.

ان سڄي معاملي جا حل فقط چند آهن ۽ سڌا سنوا آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا:

(الف):آمريڪي حڪومت پهرين ته پڪ ڪري ته هو انتهاپسنديءَ کي واقعي ختم ڪرڻ چاهي ٿي يا نه؟ اهو سازشي نظريو نه بلڪه جاگرافيائي حڪمت عمليءَ جو اهم پهلو آهي ته آمريڪا کي هن خطي ۾ پنهنجي موجودگيءَ کي لازمن قائم رکڻو آهي، پوءِ رت ۽ بارود جي ڍير مٿان ويهي يا پرامن طريقي سان مستحڪم افغانستان ۽ پاڪستان ۾ پنهنجي موجودگي قائم رکي اهو مٿس مدار رکي ٿو؛ روس، سينٽرل ايشيائي رياستن ۽ چين جي ان خطي ۾ موجودگي ۽ چين جو مخصوص سياسي نظام اهي محرڪ آهن جيڪي پاڪ-آمريڪي مفاهمتي لاڳاپن جا گھرجائو آهن. پاڪستان کان سواءِ سندن ڪو چارو ئي نه آهي، پاڪستان سندن لاءِ بلڪل ان مثال جيان آهي ته ”نه نِگلي بني نه اُگلي بني“ . تازو جنرل پئٽرياس به چيو آهي ته آمريڪا ڊرون حملا جاري رکندو ته جيئن حقاني گروهه جو مڪمل خاتمو ٿئي، ان ڪري پاڪستان کي به گھرجي ته پاڻ ئي ان گروهه جي ٺڪاڻن جي نشاندهي ڪري آمريڪا جي مدد ڪري سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ ڇيهو رسائڻ کان پاسو ڪري.

(ب) : پارليامينٽ وزير اعظم ۽ صدرِ پاڪستان آخر ڪيستائين فوج جي آڏو بچاءَ جي ڍال بڻجندا؟ اها راند تمام ڏکي آهي، جنهن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت پنهنجو اميج برباد به ڪري سگھي ٿي، ذوالفقار علي ڀُٽي جو مثال اسان آڏو آهي ته فوج جو مورال بلند ڪرڻ جي کيس عبرتناڪ سزا ملي. هيءَ حڪومت ته اڳ ئي تمام گھڻن پيچيده مسئلن کي منهن ڏئي پئي. ٻوڏ، غربت، بيروزگاري، صوبن اندر سِول ويڙه ۽ بين الصوبائي مت ڀيد، مٿان ملڪ جا ٻه شهر ڪوئيٽا ۽ ڪراچي افغاني آباديءَ سان ٽُٻ ٽار ٿي چڪا آهن. ان کان سواءِ آمريڪي پريشر جي نتيجي ۾ اهڙي گرماگرم سياسي صورتحال هئڻ جي باوجود به ملڪ جي خاص ادارن جا رٽائر ٿيل آفيسر پنهنجي ماضي جي افغان جهاد ۾ شموليت تي فخر ڪن ٿا؛ اهڙن بيانن تي حڪومت کي کين ڇنڊ پٽڻ کپي؛ هن جڪو مت لاءِ اهڙا اجگر مامرا پيا آهن جن کي ته پهرين منهن ڏئي، انهن مسئلن جا ته ايڏا تڪڙا ۽ سولا حل به نٿا سجھن،

(ٻ) : پاڪستاني فوج کي به اهو سمجھڻو پوندو ته ملڪ جي مخصوص خارجي پاليسي رکڻ جي ڪري ملڪ جي سياسي ساک شديد مجروح ٿي آهي، جنهن جي ذميواري سڌي سنئين مٿن اچي ٿي، جيئن ته ملڪ جي ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول جو ڍانچو سندن ئي هٿ ۾ آهي، ان ڪري پاڻ ئي ان جا بهتر حل تيار ڪري سگھن ٿا. کين اهو به سمجھڻ کپي ته هاڻي سِولين حڪومت کي راز ۾ وٺي ان ذريعي ئي کين پنهنجو موقف سامهون آڻڻو پوندو، حڪومتن کي ڪمزور ڪري پاڻ کي مضبوط ڪرڻ جي چڪر ۾ ملڪ جو اچي اهو حال ٿيو آهي.

(ڀ) : حڪومت ۽ فوج کي طالبان جي گروهن سان به ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوندي، ڇو ته جن کي آمريڪا، پاڪستان ۽ سعودي عرب ملي ڪري ٻن ڏهاڪن تائين تيار ڪيو ۽ پاليو انهن بدبختن جي قسمت موت کان سواءِ ڪا ٻي به ٿي سگھي ٿي، انهن سان مذاڪرات ڪرڻ کپن، فوج ٽياڪڙيءَ جو ڪردار ادا ڪري انهن کي سرينڊر ڪرائي، ان کان سواءِ پرامن حل جو امڪان نٿو نظر اچي.

(ت) : ملڪ جي اندر وني معاملن کي به سياسي پراسيس ذريعي حل ڪرڻ گھرجي، مثال طور تي پختونن ۽ هزارن جي وچ ۾ مفاهمت، بلوچستان ۾ بلوچن سان ڳالهيون ٿيڻ کپن، ان ڳالهه کي اهميت ڏني وڃي ته بلوچستان نيشنل پارٽيءَ جي اختر مينگل ۽ نيشنل پارٽيءَ جي ڊاڪٽر عبدلمالڪ بلوچ حڪومت طرفان ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ان بنياد تي شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو ته حڪومت ۽ فوج بلوچ هٿياربندن سان ويڙه ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار نه آهي. ان ڳالهه کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ کپي.

(ٿ) : برهان الدين رباني کي بهرحال مارڻ جو مطلب اهو به آهي ته امن جي پراسيس کي روڪجي، ۽ افغانستان ۾ امن ڪهڙين ڌرين کي غير محفوظ ٿو ڪري، ان تي سوچي سگھجي ٿو، ان ڪري جو هن خطي ۾ اجگر قوتن جو واسو آهي، رڳو پاڻ وارا همراهه ئي نانگ ناهن پاليندا رهيا! ان ڪري اها به درست پيشڪش نه هوندي جو مڙني حملن جو ذميوار پاڪستان کي قرار ڏجي.

(ٺ) :جيتوڻيڪ آمريڪا پاڪستان کي سيڪيورٽيءَ جي مد ۾ هر سال ٻه بلين ڊالر ڏيندو رهيو آهي، جنهن ۾ اوباما انتظاميا ڪجهه ڪٽوتي ڪئي آهي. لڳ ڀڳ 800 ملين آمريڪي ڊالرن جي فوجي مدد ۽ هٿيارن جي فراهمي متاثر ٿي سگھي ٿي. حقيقت ۾ هي ملڪ آمريڪي فنڊن کان سواءِ به هلي سگھي ٿو، پاڪستان وسيلن ۾ پاڻ ڀرو ملڪ آهي، جي صوبن اندر سول وار جهڙي صورتحال پئدا ڪري ماڻهن کي رڇ ۽ ڪتي جيان ويڙهائڻ بدران هيءَ اسٽيبلشمينٽ ملڪ کي ترقي وٺائڻ لاءِ اُپاءَ وٺي، ۽ ملڪ جي گھٽي گھٽيءَ کي ڪينٽونمينٽ جهڙو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري ته هن ملڪ ۾ سندس ساک سڌري سگھي ٿي. پر جي فوج پنهنجي ڪردار کي هاڻي به تبديل نه ڪيو ته پوءِ ملڪ جو ته اڳي ئي حال خراب آهي، سندن پنهنجو باعزت جياپو به نا ممڪن ٿيندي نظر اچي پيو.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو