Home / ڪور افيئر / !ٻوڏ جي تباهي ۽ سرگرم جهان خاني گروهه
above article banner

!ٻوڏ جي تباهي ۽ سرگرم جهان خاني گروهه

9 آگسٽ کان شروع ٿيل برساتن جو سلسلو 16 هين سيپٽيمبر تائين جاري رهيو، انهي برساتن کانپوءِ جيڪا بدين ۽ٻين ضلعن ۾ تباھي آئي آهي ويجھي تاريخ ۾ انهي جو مثال نٿو ملي، هن دفعي ضلعي بدين ۾ ڦٽين جو بهترين فصل ٿيو هو، جيڪو اڃا مارڪيٽ ۾ وڃڻ ئي شروع ٿيو هو ته برساتن سبب مڪمل طرح ختم ٿي ويو، اهڙي ريت ساريون،ٽماٽو.گدرا ڇانهيون، مرچ ۽ سبزيون به مڪمل طرح ختم ٿي ويون،ڪمند جي فصل کي تمام گھڻو نقصان ٿيو آهي ساريون ذري گھٽ ختم ٿي ويون آهن،

شهرن جا شهر ٻڏي ويا ۽ سوين ڳوٺ ميسارجي ويا آهن،وڏي تعداد ۾ چوپايو مال مري ويو آهي، هڪ وڏي علائقي جو زميني رابطو ڪٽيل آهي، جنهن ڪري انيڪ اهڙا علائقا آهن جن بابت خبر ناهي ته انهن جي صورتحال ڪهڙي آهي،پنگريو شهر ۾ ٻيڙيون هلائي ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍيو ويو، هن شهر ۾ سول انتظاميا جي اپيل تي پهرين پاڪستان نيوي ۽ آرمي پهتي،( پر سول انتظاميا نه پهتي)جنهن جي جوانن بوٽس ذريعي پنگريو جي آس پاس علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍيو،. انهي سموري تباهي جو مُک سبب برسات گهٽ، پر سم نالن ۽ واهن ۾ لڳل گھارا وڌيڪ هئا، پر بدقسمتي جي ڳالهه اها آهي ته انهي الزام کي سرڪاري سطح تي ڪير به قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، مون جڏهن بدين جي دربار هال ۾ اسپيڪر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر فھميده مرزا جي موجودگي ۾ آبپاشي جي سيڪريٽري طارق حيدر ميمڻ کان پڇيو ته هيستائين مختلف شاخن ۽ واهن کي ڪيترا گھارا پيا آهن،ته هن انتهائي فخريا انداز ۾ چيو ته ” ايل بي او ڊي سميت صرف 12 گهارا لڳا آهن۽ اسان ڪينال سسٽم کي بچائڻ ۾ڪامياب ٿي وياآهيون“ هن اهو به چيو ته ايل بي او ڊي کي صرف هڪ گهارو لڳو آهي، هي اڃا آگسٽ وارين برساتن جي ڳالهه آهي ،انهن ڏينهن ۾ اڃا پنگريو شهر نه ٻڏو هو، پنگريو سيپٽيمبر وارين برساتن ۾ ٻڏو هو،پر ٺيڪ هڪ مهيني کانپوءِ ليفٽ بينڪ ڪينال ايريا واٽر بورڊ(جنهن کي عام ماڻهن سميت اسان جا صحافي به سيڊا لکنداآهن) جي ڊائريڪٽر حبيب الله عرساڻي سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته هن به اهو ئي چيو ته ايل بي او ڊي کي صرف هڪ ئي گهارو لڳو آهي اهو به رليف گهارو آهي،جنهن ڪري نقصان گهٽ ٿيو آهي، عرساڻي صاحب جو موقف پنهنجي جاءِ تي ،پر انهي ڳالهه جو حساب اڃا تائين ڪير به ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ته پنگريو شهر ڇو ٻڏي ويو،۽ انهي شهر ۾ ڪيترو نقصان ٿيو آهي. سرڪار انهي کان مڪمل لاتعلق نظر اچي ٿي.ڳوٺن جا ڳوٺ مڪمل برباد ٿي چڪا آهن، ۽ هزارين ماڻهو دربدر آهن، پر حڪمران پنهنجو ڪردار ادا ڪندي نظر نٿا اچن، ملڪاڻي شريف جو 10 سيڪڙو علائقي کانسواءِ 90 سيڪڙو علائقو مڪمل ٻڏي چڪو آهي، ۽ هزارين ماڻهو هن شهر مان لڏ پلاڻ ڪري جرڪس شاخ جي ڪنڌي تي ويهي رهيا آهن، 2 هفتا گذرڻ باوجود هڪ تپيدار به هنن وٽ نه پهتو آهي، هن علائقي ۾ يونين ڪائونسل ڏيئي کڏهرو ۾ به هيستائين هڪ به سرڪاري اهلڪار نه پهتو آهي، هن علائقي ۾ به ڪيترائي ڳوٺ مڪمل طور تي ميسار جي چڪا آهن، هن علائقي ۾ وڃڻ بعد اسان کي انهي ڳالھ جو اندازو ٿيو ته اسان کان اڳ ۾ هتي ڪوبه صحافي نه پهتو هو، هتي اسان کي خميسي ابڙي نالي هڪ شخص ٻڌايو ته سندن ڳوٺ ۾ آچار نالي هڪ شخص گذاري ويو هو ،جنهن جي تدفين لاءِ ڳوٺ ۾ زمين نه هئي ۽ ڳوٺ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ رستو نه هو،” پوءِ اسان ڪفن ڏئي ،دعائون گهري کيس پاڻي ۾ لوڙهي ڇڏيو،انهي کانسواءِ اسان وٽ ٻيو ڪوبه رستو نه هو“،هن اسان کي ٻڌايو هو، هن سڄي علائقي ۾ تڪ مان چونڊيل ايم اين اي غلام علي نظاماڻي ۽ ايم پي بشير احمد سريوال به دورو نه ڪيو آهي، ۽ عوامي رد عمل جوحال اهو آهي ته هاڻي علائقي جي ماڻهن هنن نمائندن جا علامتي جنازا ٺاهي انهن جون جنازي نمازون پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، کڏهرو ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ايم اين اي غلام علي نظاماڻي ۽ ايم پي اي بشير احمد سريوال جو علامتي جنازو پاڻي ۾ لوڙهي ڇڏيو،

 

بدين جي انتظاميا جو حال به سنڌ جي اندر ٻين ضلعن اندر موجود انتظاميائن جهڙو ئي آهي، هن دفعي جيڪا آفت آئي آهي انهي کي سرڪار اڪيلي سر منهن نٿي ڏئي سگھي، پر انهي حقيقت کي آڏو رکي ڇا انتظاميا کي ست خون معاف ڪري ڇڏجن؟؟!!

نه!! آفت واقعي وڏي آهي ،پر انتظاميا ۾ صلاحيت ۽ حڪمت عملي جي ايتري کوٽ هئي جو انهي جي لڇڻن جي ڪري بدين جي ماڻهن کي وڌيڪ ڀوڳڻو پيو، برساتن جو سلسلو سوا مهينوهليو، پر انهي سڄي عرصي ۾ ڇا ڇا ٿيو يا ڇا ڇا ٿيڻ گھرجي، انهي بابت نه ڪڏهن ضلعي جي انتهائي اهم ماڻهن(حڪمران پارٽي جي به چند ماڻهن کانسواءِ) کي ڪڏهن آگاهي ڏيڻ جي زحمت ڪئي وئي ۽ نه ڪڏهن صحافين کي به ان بابت ٻڌائڻ کي اهم سمجھيو ويو، ضلعي جي سمورن آفيسرن جي نمبرن جا اخبارن ۾ اشتهار ته شايع ڪرايا ويا پر اهي سمورا نمبر بند هئا،جنهن جو مُک بهانو نيٽ ورڪ جو ڪم نه ڪرڻ هو، هي پهريون دفعو هو جڏهن هيڏي وڏي آفت اچڻ جي باوجود به حڪومت سمورين سياسي ،سول سوسائٽي، ۽ شهر جي اهم ماڻهن کي گهرائي نه انهن جي راءِ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نه انهن کي ڪنهن ڪم ۾ شامل ڪيو، ۽ ان جي نتيجي ۾ مٿس جيڪي به الزام لڳڻ شروع ٿيا آهن ،هتان جو عام ماڻهو انهي کي الزام سمجھڻ بدران حقيقت سمجھڻ ۾ حق به جانب آهي، 9 ۽ 10 آگسٽ تي ٿيل شديد برساتن کانپوءِ ٿيل تباھي جو مشاهدو ڪرڻ بعد ميڊيا جا ادارا اهوآواز اٿاريندا رهيا ته گڏيل قومن جي اداري کي اپيل ڪئي وڃي، ته هو هن هيڏي وڏي تباهي ۾ هتان جي ماڻهن جي مدد ڪري. پر انهي تي به ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته فلحال انهي جي ضرورت ناهي، نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي ( اين ڊي ايم اي) ۽ پراوينشل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(پي ڊي ايم اي) کي اپيلون ڪيون ويون ته هو بدين جي ماڻهن لاءِ فوري طور تي راشن ۽ خيما موڪلين پر انهي تي ڪڏهن به وقت سر عمل نه ٿيو،رمضان شريف جي آخري ڏهي ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فھميدا مرزا سڄو هفتو بدين ۾ ڪيمپ ڪري ويهي رهي، ۽ هو روز شام جو بريفنگ جو اهتمام ڪندي هئي، ضلعي جا سمورا آفيسر به موجود هوندا هئا، اسپيڪر جي خواهش هوندي هئي ته صحافي به روزانو فيلڊ ۾ وڃن ٿا،۽ آفيسر به اها ئي دعوا ڪن ٿا ،انهي ڪري انهن کان سوال جواب ڪيا وڃن، انهن بريفنگس ۾ ڊاڪٽر فھميدا مرزا سدائين اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي تي ناراضگي جو اظھار ڪندي رهي،ته هنن ادارن جي نالائقي جي ڪري بدين ۽ ان جي ماڻهن کي تمام گهڻو نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي، انهن ادارن مٿان ناراضگي جي باوجود به پاڪستان ۽ عالمي ادارن کي امداد جي مشروط اپيل ڪئي وئي،ته هو هتي اچي ضلعي حڪومت جي ،معرفت ڪم ڪن، جيڪو گھٽ ۾ گھٽ ممڪن نه هو، ۽ پوءِ نيٺ جڏهن صدر آصف علي زرداري گڏيل قومن کي اپيل ڪئي ته گھڻو ڪم لھي چڪو هو،اها اپيل جيڪڏهن آڳاٽو ڪئي وڃي ها ته ايڏي وڏي تعداد ۾ ماڻهو متاثر نه ٿين ها،

ليفٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين لاءِ ڪير ڪهڙيون به ڳالھيون ڪري، پر انهي رٿا تي تبصري لاءِ هڪ ئي اهو جملو ڪافي آهي ته” اها رٿا سمنڊ کي بدين جو گس ڏيکارڻ لاءِ تعمير ڪئي وئي“ هن کان اڳ ۾ انيڪ قدرتي ڇوڙ هئا جن ذريعي برساتن ۽ سيلابن جو اضافي پاڻي نڪري ويندو هو، پر انهي رٿا کانپوءِ سمورا قدرتي وهڪرا بند ڪيا ويا، هن رٿا جو افتتاح محترمه بينظير ڀٽوڪيو هو، افتتاح وقت انهي رٿا جي ڀيانڪ نتيجن بابت هاڻوڪي ۽ تڏهوڪي ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر منڌري محترمه بينظير ڀٽو کي آگاھ ڪندي کيس گذارش ڪئي هئي ته ”توهان رڳو واپڊا جي چيئرمين کان پڇو ته سمنڊ هتان کان ڪيترو پري آهي ،

جنهن تي محترمه جڏهن واپڊا جي چيئرمين کان اها ڳالھ پڇي ته هن وٽ واقعي ڪوبه جواب نه هو، هن رٿا ۾ بدعنوانين جا ته رڪارڊ قائم ڪيا ويا پر جيڪا بنيادي خرابي هئي انهي تي هاڻي ڪير به نٿو ڳالھائي، اها هئي سنڌ جي چئن ضلعن جي اهم ماڻهن جي اها مجرماڻي خاموشي جيڪا ڏوڪڙن ملڻ عيوض اختيار ڪئي وئي هئي، ايل بي او ڊي جن جن علائقن مان نڪتي پئي انهن علائقن جي زمينن جو معاوضو ادا ڪرڻ لاءِ ايل بي او ڊي ۽ تپيدارن تي مشتمل هڪ مافيا پيدا ٿي، جنهن سوين ڪلوميٽرن جي انهي علائقن ۾ ڏاڙهون ۽ ڪيلن جا باغ ڏيکاري ڪروڙين رپيا حاصل ڪيا،۽ هر ماڻهو انهي ڪري انهي معاملي ۾ خاموشي اختيار ڪئي ته جيئن واپڊا جا ڪامورا ڪاوڙجي نه پون ۽ انهي ڪاوڙ جي ڪري سندن رقم نه ٻڏي وڃي،اصل ۾ اها هڪ اهڙي رشوت هئي جنهن سمورين ڌرين کي خاموش ڪرائڻ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو،اڄ ضلعي بدين جي تباھي ۾جيترو هٿ ايل بي او ڊي جو آهي ايترو هٿ انهن ماڻهن جو به آهي جن بنجر زمينن تي ڏاڙهوئن جا باغ ڏيکاري لکين رپيا حاصل ڪيا،

اسان جي مسلم معاشري ۾ دولت مند هندو گھڻي قدر عزت جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو پر اسان جي سماج ۾ رهندڙ ڪولھي ۽ ڀيل جو اهو مقدر ناهي،جنهن جو مُک سبب انهي جي معاشي حالت به آهي، سنڌ ۾ هن دفعي انهي قسم جا رويا وڏي پئماني تي سامهون آيا آهن، سوا مهيني دوران رليف ڪيمپن جو تعداد 280 تائين پهتو هو جن ۾ متاثرن جو تعداد هڪ لک 44 هزارن تائين به هو پر انهن ڪيمپن ۾ اسان کي اهڙا منظر ڪٿي به نظر نه آيا ته هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ گڏ رهيا هجن، اڄ به بدين کان ڪراچي روڊ تي رستي جي ٻنهي پاسن کان عارضي خيما اڏي ويٺل متاثرن جي اڪثريت غير مسلمن جي آهي ۽ هيستائين راشن جي عدم فراهمي ۽ پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سوين مظاهرا ٿيا آهن پر انهن ۾ هڪ به اهڙومظاهرونه ٿيو آهي جنهن ۾ ڪولهي ۽ ڀيل به شامل هجن، مذهبي شدت پسندي کان آجي سنڌ ۾ هن قسم جي روئي تي اسان سڀني کي سوچڻ گهرجي، انهي حد تائين جو اين جي اوز پاران به هنن سان انهي قسم جو رويو روا رکيو ويو آهي ٻي اهم ڳالهه اها ته جڏهن هن علائقي ۾ ڪابه اين جي او نه آئي هئي ته فلاح انسانيت فائونڊيشن(لشڪر طيبه ۽ بعد ۾ جماعت دعوا) ملڪاڻي شريف ۽ آسيلي ۾ ڪم شروع ڪيو،،ڇاڪاڻ ته هنن جي انهن علائقن ۾ حمايت موجود آهي، پر ٻئي ڪنهن به علائقي ۾ هو نظر نه آيا،هنن جو هيڊ ڪوارٽر گولاڙچي هو،

تازين برساتن سبب جيڪا تباھي آئي آهي انهي جو ازالو ايندڙ ڳچ سالن تائين ٿيندي نظر نٿو اچي ،ان جو مُک سبب حڪومت جو عوامي مسئلن ڏانهن رويو آهي،پر هن دفعي جيڪا خراب ترين ڳالھ سامهون آئي آهي اها هي آهي ته اسان جي ئي ماڻهن انهن ماڻهن کي به بخش نه ڪيو آهي جن جا گھر تڙ لُٽجي ويا آهن، اسان وٽ ٻهراڙين ۾ اتان جي ماڻهن جو معاش چوپائي مال ۽ ٻنين تي آهي، هن برسات ۾ فصل جو وجود ته ڪٿي رهيو ئي ناهي پر انهي پاڻي مان سلامت ٻاهر نڪرڻ به ڀاڳ طور ڳڻيو ٿي ويو، هزارين ماڻهو انهي پاڻي مان انهي ڪري ٻاهر نٿي نڪتا ته سندن چوپايو مال ڪيڏانهن ويندو؟ پر پاڻي جڏهن سِر تي چڙهي آيو ته هو مجبور ٿي ٻاهر نڪتا، هن صورتحال ۾ ٽرڪ ڊرائيورن.مزدائن جي مالڪن ۽ ٽريڪتر ٽرالين وارن سندن ڀاڙن ۾ هزار سيڪڙو اضافو ڪري ڇڏيو آهي ، گاھ ختم ٿيڻ جي ڪري هزارن جي تعداد ۾ چوپايو مال ٿر روانو ڪيو ويو، پر سيپٽيمبر وارين برساتن بعد، ٿر ڏانهن ويندڙ رستا ٽٽي پيا جنهن ڪري ٿر سان رابطو ڪٽجي ويو، چوپايو مال سڄو علائقو پاڻي ۾ ٻڏڻ سبب گاھ جي سخت کوٽ کانپوءِبکن ۾ پاھ ٿي رهيو آهي، اهڙي صورت ۾ اڄ به انيڪ ماڻهواوهان کي اهڙا نظر ايندا جيڪي مالوندن جي مدد ڪرڻ بدران انهن کان لک واري مينهن 10 هزارن ۾ خريد ڪرڻ جا واڪ لڳائين ٿا، ساڳيو حال ٻاڪري مال جو به آهي، پر ٻاڪري مال ۾ هڪ عادت اها آهي ته اهو گپ ۾ گھڻو وقت نه گذاري سگھندو آهي، ۽ بيمار ٿيڻ بعد مرڻ شروع ٿي ويندو آهي، انهي جو اگهه به تمام گھڻو ڪري پيو آهي، ٻئي طرف خيمن جي شديد کوٽ سبب متاثر ماڻهو سخت پريشاني جو شڪار آهن، پر ڪجھ ڏڍا مڙس روز خيما کڻي اچن ٿا ۽ 3 کان 4 هزار ۾ وڪرو ڪن ٿا،ڪجھ علائقن ۾ سرڪار پاران ملندڙ امدادي سامان به وڪرو ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، ڳوٺاڻن علائقن ۾ ته ماڻهن دڪان کولي ڇڏيا آهن، پلاسٽڪ جي شيٽن جو اگھ 40 يا 50 رپيا ميٽر هو اهو واپارين 150 رپيا ڪري ڇڏيو،

رمضان شريف جي وچ ڌاري ميان شهباز شريف بدين آيو هو، هن بدين ۽ گولاڙچي جي وچ ۾ ڳوٺ بادل چانڊيو ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته هو پاڻ سان گڏ36 راشن جون ٽرڪون به کڻي آيو آهي، هن جي چوڻ موجب بدين جي برسات متاثر ڀائرن لاءِ هو اڃا به امداد موڪليندو، پر حيرت جي ڳالھ اها آهي ته اهو امدادي سامان هڪ مهيني کانپوءِ ضلعي انتظاميا بدين پاران فراهم ٿيندڙ راشن جي ٿيلهن مان نڪتو آهي، اٽي جي ٿيلهي تي ” پنجاب حڪومت پاران رمضان پيڪيج“ لکيل آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف پاران آندل ٽرڪون متاثرن ۾ ورهائجڻ بدران مسلم ليگ جي چند اڳواڻن جي ور چڙهي ويون، بدين جي ضلعي انتظاميا کي جڏهن انهي ڳالھ جي خبر پئي ته انهي تي ڇاپو هنيو ويو، پر اها ڳالھ ميڊيا کان لڪائي وئي، جڏهن بدين جي ڊي سي او ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي کان انهي بابت پڇيو ويو ته هن انهي جي تصديق ضرور ڪئي پر اهو به چيو ته بعد ۾ مسلم ليگ وارا سندن سامان کڻي ويا هئا، ڪيتريون ٽرڪون هيون؟ واري سوال تي ڊاڪٽر جتوئي ڪاوڙجي فون ئي بند ڪري ڇڏيو. سندس ڪاوڙ جو سبب معلوم نه ٿي سگھيو، ساڳي صورت حال اسان جي واپاري ڀائرن جي آهي جيڪي سڄو ڏينهن نمازن جي وارو وار لاهيو ويٺا آهن پر انهن جي گدامن ۾ اهو خريد ڪيل سامان ضلعي حڪومت راشن جي ٿيلهن ۾ بيگ تبديل ڪرڻ جي زحمت ڪرڻ کانسواءِ ئي بند ڪيو پيو وڃي، انهي سڄي عمل ۾ بدين جو هڪ تپيدار ملوث آهي جيڪو انهن واپارين جو ڪاروباري ڀائيوار آهي، ۽ بدين ۽ ٻين علائقن ۾ 70 ڪروڙ جي جائيداد جو مالڪ آهي. هن جو ڪمال اهو آهي ته ارباب جي دور ۾ ارباب امير حسن مرحوم جا فوٽو، ۽ مرزا جي دور ۾ مرزائن جا فوٽو سندس آفيس ۾ لڳائي هر دور جي حڪمران کي خوش ڪرڻ جوفن ڄاڻي ٿو، اوهان جو ڪم هجي ۽ اوهان فون ڪريو ته هو اوهان کي ٻڌائيندو ته ذوالفقار مرزا جي ٽنڊو محمد خان ۾ ورتل زمين جي ماپ ڪرڻ آيو آهيان، سڄي شهر کان رشوت به ٻيڻي وٺندو آهي پر ڪم لاءِ هڪ سال رلڻو پوندو آهي، ايتري وڏي جائيداد هجڻ جي باوجود به اهو تپيدار متاثرن جي مال تان به نٿو ٽري، جڏهن ته ٻئي پاسي متاثرن جي نالي ۾ لُٽ مار جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن ڪري راشن جي ورهاست ڪندڙ ڌرين ڏينهن جو سامان کڻڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي پر رات جو لُٽ مار جو ڪم وڌيڪ آسان ٿي پيو آهي انيڪ جاين تي ٽولا رستن تي رات جو مٽي جا اسپيڊ بريڪر ٺاهي ڇڏين ٿا ۽ اتان جيئن ئي گاڏيون لنگھن ٿيون ته پوليس ۽ ٻئي عملي تي تشدد ڪري اهو سامان ڦريو وڃي ٿو، تازو ٽنڊي باگي لڳ ڳوٺ بچل پنهور وٽ انهي قسم جو واقعو پيش آيو جنهن ۾ هڪ اي ايس آءِ سميت 4 پوليس اهلڪار به زخمي ٿي پيا ۽ 20 ويلر ٽرالر ڦري همراھ فرار ٿي ويا،

صدر زرداري جي اپيل کانپوءِ عالمي امداي ادارن بدين ۾ پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي، جنهن ۾ هنن جي پهرين ترجيح اها آهي ته متاثرن لاءِ فلحال ٽن مهينن تائين راشن جو بندوبست ڪجي انهي کانپوءِ انهن جي بحالي لاءِ سوچيو ويندو، هن وقت لکين ماڻهو ڪيمپن ۽ ڪيمپن کان ٻاهر ضرور آهن ، پر جيئن ئي سندن علائقن مان پاڻي نڪرندو ته اهي واپس ٿيندا،انهي ڪري هنن لاءِ فوري طور تي اهو مسئلو هوندو ته هنن جا گھر ۽ ٻني ٻاري جو مسئلو حل ٿي سگھي، هن دفعي هزارين گھر ڊهي چڪا آهن ۽ ٻنيون مڪمل برباد ٿي چڪيون آهن، اسان جي رياستي ڍانچي ۾ نه ايتري ايمانداري آهي ۽ نه هن ۾ سگهه ۽ صلاحيت آهي ته هو هن مرحلي ۾ ماڻهن جي سهائتا لاءِ ڪي قدم کڻي سگھي پر هو اهو ضرور ڪري سگھي ٿي ته عالمي ادارن جي مدد ڪرڻ سان گڏوگڏ ماڻهن ۾ حوصلو وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪري، جيئن اهي ماڻهو هڪ دفعو نئين زندگي جي شروعات ڪري سگھن، هنن ماڻهن کي ٻج ۽ ڀاڻ مفت ۾ ڏيڻ سان گڏ ايتري رقم به ڏني وڃي ته جيئن سندن نئون فصل تيار ٿئي تيستائين هنن جو گاڏو هلي سگھي،

باقي هن تباھي جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ واري ڳالھ ڪرڻ انهي ڪري به فضول آهي ته اسان جي هي سرڪار ڪامورن تي ڪک سهڻ لاءِ به تيار ناهي، آبپاشي واري کاتي ڇا ڇا ڪيو آهي ، هو انهي تي ڳالهائڻ بدران انهن جي واکاڻ ڪندي نٿا ٿڪجن،اهڙي صورت ۾ اسان ڪنهن کان اهو مطالبو ڪريون ته سوين ماڻهن جي قتل ۽ اربين رپين جي فصلن جي نقصان جو ڪيس ڪنهن تي داخل ڪرائجي، ڇاڪاڻ ته هو چون ٿا ته سموري تباهي برسات جي ڪري ٿي آهي ،۽ اسان چئون ٿا ته انهي تباهي ۾ وڏو حصو سم نالن کي لڳل گھارن جو آهي، جهان خاني جھان آهي وڃجي ته ڪيڏانهن وڃجي!!!!!

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو