Home / ڪرنٽ افيئر / !مرزا ۽ متحده سياسي گيم جو ڊراپ سين
above article banner

!مرزا ۽ متحده سياسي گيم جو ڊراپ سين

ٽي وي ميڊيا صحافت جي جهان ۾ جيتري جِدِتَ آندي آهي اها عام ماڻهوءَ لاءَ مُفيد آهي يا مونجهاري جو نئون ماڳ، دانش جي جهان ۾ رُلندڙ ڳالهه جي ان رخ تي ضرور سوچيندا! متحده قومي موومينٽ کي جنهن خبريت ۽ بحثا بحثيءَ جي جهان ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا گهلي آيو ان چسڪيدار ۽ سنسني خيزيءَ واري ڪهاڻيءَ کي ماڻهن ٻن ٽن هفتن تائين ورجايو ۽ ان مان من پسند مطلب ڪڍيا. ڳجهه جي ڳالهين کي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جنهن ڀڙڪيدار انداز سان ٽي وي اسڪرين تي اُڇليندو رهيو، ان جارحاڻي انداز واري راند کي سمجهڻ جي دعويٰ ڪندي هڪ سياسي تبصري نگار دوست اها وائي وڏي وات ڪئي ته ”سپريم ڪورٽ 12 مئي وارن واقعن جو ڪوئي سوئو موٽو نوٽيس نه ورتو هو، پر ڪراچيءَ ۾ شروع ٿيل ٽارگيٽ ڪلنگ کي بنياد بڻائي سپريم ڪورٽ اگر ڪراچيءَ ۾ ڊاٻو ڪيو آهي ۽ هاڻي ٽي وي چينلن جا بااثر اينڪر به ايم ڪيو ايم خلاف ڳالهائڻ وقت زمان ۽ مڪان کان لاپرواهه ٿي رهيا آهن، ان جو مطلب ته ملڪ جا مالڪ ايم ڪيو ايم خلاف ڪا عدالتي ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن“. متحده جي قائد پنهنجي ”بچا جمهورا“ ٽائيپ ڪارڪنن کي هميشه ٽيليفون وسيلي ئي خطاب ڪيو آهي، ايئن هڪ يا ٻه ڀيرا ئي ٿيو هوندو ته هن وڊيو پريس ڪانفرنس ڪئي هجي يا Live خطاب ڪيو هجي، سندس تصويري خطاب ڪيترو پُراَثر ۽ سحر انگيز هو ان تي ٿيل اڻ کٽندڙ ۽ طنزيه بحث کان قطع نظر دلچسپيءَ جو جهان اِهو هو ته مهري اُٺ ٿي متحده کي لفظن هيٺيان لتاڙيندڙ اينڪرپرسن خاموش، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پردي پٺيان ۽ عدالت مختصر فيصلي جي مهلت وٺي پنهنجي پنهنجي نَون خَفَن ۾ مگن ٿي ويا آهن. ۽ اسان جي دوست جو اِهو تجزيو غلط ثابت ٿيو آهي ته ملڪ جا مالڪ ڪو ايم ڪيو ايم جي سياست تي بندش وجهڻ وارا هئا.

رئيس آصف علي زرداريءَ جي دوست ذوالفقار مرزا پاڻ ئي واضح ڪيو ته سندس تَن تي پيل ڪپڙا به هن کي سندس جگري دوست پاران ڏنل آهن، شگرملون ۽ ٻي جهان درازي به سندس دَم سان آهي، هُو اِها ڳالهه نه به چوي ها ته صحافي پيٽارو ۾ پيدا ٿيل سندن دوستيءَ جو سينو ضرور چاڪ ڪن ها ۽ اهي خبرون به ضرور اخبارن جي زينت بڻائن ها ته ڊاڪٽر مرزا زمينداريءَ توڙي سرمائيداريءَ واري جهان ۾ آصف زرداريءَ جي ڪيترو ويجهو رهيو ۽ ڪهڙن ڪيسن ۾ ساڻس گڏ جوابدار طور نامزد ٿيل آهي! ايڏي پختي دوستي هوندي به، ذوالفقار مرزا ڪيئن آصف زرداريءَ جي منشا کي مانُ ڏيڻ کان انڪار ڪندي سندس مفاهمت جو پيروڪار ٿيڻ کان انڪار ڪيو ۽ کيس ان خطرناڪ کيل جو حصو اهي لفظ چئي بڻايو ته ”جيڪڏهن پيپلزپارٽيءَ پاران ايم ڪيو ايم کي ٻيهر حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جو ٺاهه ڪيو ويو ته اهو پاڪستان ٽوڙڻ جي برابر هوندو ۽ پاڪستان ٽوڙڻ ۾ آصف زرداري به برابر جو شريڪ هوندو“. اسٽيبلشمينٽ جيڪا ملڪ جي مالڪيءَ وارو هوڪو هڻڻ لاءِ ڪڏهن به سامهون ناهي ايندي، ان اڻڏٺي طاقت لاءِ ”پاڪستان کپي“ وارو نعرو هڻندڙ آصف زرداريءَ تي ان بعد به ڪو شڪ ڪرڻ جي ڪا گنجائش نه هئي يا کين پتو هو ته ڊاڪٽر مرزا جا ڊائيلاگ ڪنهن اعتماد واري لکاريءَ لکيا آهن! اصل ڳالهه اِها آهي جيڪا بحث جي چيڀٽ مان نڪري وئي آهي ۽ اسڪرينن تي ڦهلجي ويل ڳاڙهي رنگ واري پٽيءَ ۾ وڪامجندڙ وَکر جو نتيجو نه نڪري سگهيو. پيپلزپارٽيءَ لاءِ سنڌ جي قومپرستن شايد اِهڙي ڪا به مشڪل پيدا نه ڪئي هئي جو ڊاڪٽر مرزا جي سياسي ڪردار جو خاتمو آڻڻ وارو قدم پيپلزپارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين کي کڻڻو پوي ها ۽ سنڌ ۾ اهڙي سياست ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽيءَ تي ڪو دٻاءُ بظاهر نظر نه آيو جنهن مان لڳي ٿو ته قومپرست سنڌ جي سياست تي ڪنٽرول ڪرڻ وارو ڪرشمو ڪري چڪا آهن. ان ڪري نجم سيٺيءَ جي اِها ڳالهه گهڻي ڀاڱي درست سمجهي وئي آهي ته ايم ڪيو ايم کي ديوار سان لڳائڻ واري قسط وار ڪهاڻي نوابشاهه ڄائي جي مرضيءَ سان تحرير ٿي. جنهن جي هيرو طور هُن پنهنجي بااعتماد ساٿيءَ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي پيش ڪيو. منظور وساڻ ۽ ڊاڪٽر مرزا وچ ۾ بيان بازي يا آغا سراج درانيءَ لاءِ ڪي ڏوراپا اهي سڀ ڳالهيون به ڪهاڻيءَ جو معيار بهتر ڪرڻ جو حصو ئي هونديون. ڪجهه به هجي جنهن ميڊيا کي متحده خلاف هڪ لفظ به پنهنجي پاران ڳالهائڻ جي مهلت نه ملندي هئي، ان ميڊيا جي لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ويٺل پنجابي ڳالهائيندڙ ميزبانن ۽ تجزئي نگارن متحده جي قائد پاران ڪيل پريس ڪانفرنس کي ”مداري پڻو“ قرار ڏنو ۽ تجزئي نگارن به اهو موقف اختيار ڪيو ته هو جرئت جو مظاهرو ڪري رهيا آهن.

ميڊيا کي اهڙي جرئت ڪٿان آئي، سپريم ڪورٽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي ڪيس جي شنوائي ڪندي اجمل پهاڙيءَ ۽ ڪامران ماڌوريءَ جي سياسي وابستگيءَ تي گهڻو زور ڇو ڏنو يا ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پيپلزپارٽيءَ ۾ اڌ وڏ وزارت، پارٽي عهدو ۽ بظاهر پنهنجي پراڻي دوستي ڇو خراب ڪئي؟ اهي اهڙا سوال آهن جن کي اگر هڪ وقت تي رونما ٿيندي ڏٺو ويو ته اهو سوال پڇڻ فطري هيو ته ڇا سڀ معاملا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هئا ۽ اگر ڳنڍيل هئا ته انهن کي ڳنڍڻ وارو ڪير هو؟ ان جو جواب اهو هرگز نه ٿو ٿي سگهي ته آصف علي زرداري! آصف علي زرداري ملڪ جو صدر ۽ سڀ کان وڏي پارليماني پارٽيءَ جو سربراهه هجڻ باوجود ايڏو طاقتور نه آهي جو ايڏا وڏا فيصلا ڪري سگهي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي استيعفيٰ کان اڳ ئي اها ڪهاڻي ميڊيا وسيلي عام ٿي هئي ته متحده جي لنڊن ۾ قتل ٿي ويل اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق جا ٻه مبينا قاتل سري لنڪا کان ڪراچيءَ ايندي گرفتار ڪيا ويا آهن، جن کي ڳجهن ادارن پنهنجي تحويل ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي آهي ۽ انهن ٻن نوجوان ڇوڪرن جيڪي تعليمي ويزا تي لنڊن ويا هئا انهن اعتراف ڪيو آهي ته کين ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن لنڊن موڪليو هو. اها ڪهاڻي جڏهن ”وقت نيوز“ ۽ ٻين غيرملڪي اخبارن وسيلي پاڪستان اندر ماڻهن کي پڙهائي ياد ڪرائي وئي ، ته ان کانپوءِ ميڊيا اجمل پهاڙيءَ جو اهو بيان به نشر ڪيو ته هن هڪ سو کان وڌيڪ ماڻهن کي چونڊي ماريو آهي ۽ هن ڀارت ۾ دهشتگرديءَ جي ٽريننگ ورتي. جڏهن ته لوهار وارو آخري ڌڪ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا اِهو ڪيو ته الطاف حسين پاران برطانيه جي وزيراعظم کي لکيل خط منظرعام تي آندو، جنهن ۾ پاڪستان جي هڪ ڳجهي اداري کي قابوءَ ۾ آڻڻ، برطانيه کي جاسوسيءَ لاءِ پنهنجا ڪارڪن فراهم ڪرڻ ۽ ملڪ کي توڙي ڪراچيءَ کي انڊيا سان ملائي اردو ڳالهائيندڙن لاءِ نئون صوبو ٺهرائڻ واريون ڳالهيون ڪيو ويون هيون. هاڻي سوال اِهو آهي ته سنڌ صوبي جي گهرو وزير کي اهڙو خط جيڪو لنڊن ۾ ويٺل هڪ سياسي اڳواڻ پاران برطانيه جي وزيراعظم کي لکيو ويو هجي، ڪنهن فراهم ڪيو هو؟ ملڪ جا اهي عسڪري ادارا جيڪي ملڪ جي سرحدن ۽ خاص مفادن جو تحفظ ڪرڻ جا ذميوار آهن ۽ سندن نيٽ ورڪ انتهائي وسيع آهي انهن کي اهڙي خط جي خبر ڇو نه هئي يا خبر هوندي به ماٺ ڇو ڪيائون، اهو سوال، حقيقت ۾ سوال نه پر اهو ئي اصل راز هو جيڪو ڪنهن به ٽي وي چينل پاران کولي بيان نه ڪيو ويو. لڳي ٿو ته ان راز کي ڪير پڌرو ڪري به نه سگهندو!

اسلام آباد ۾ صحافت ڪندڙ دوستن جو خيال اِهو آهي ته جڏهن مهاجر قومي موومينٽ جي ڪارڪنن ڪراچيءَ ۾ هڪ حاضر سروس ميجر کي اغوا ڪري قتل ڪيو هو ۽ جناح پور جا نقشا ٺهيا هئا، تڏهن اسٽيبلشمينٽ لاءِ مجبوري ٿي پئي هئي ته هو مهاجر قومي موومينٽ جي طاقت کي ٽوڙي کيس نِستو ڪن. ۽ بعد ۾ ڪراچيءَ ۾ آپريشن ڪيو ويو هو، مهاجر قومي موومينٽ (حقيقي) جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو هو. ( ان مهاجر قومي موومينٽ جي جيل ۾ بند اڳواڻ سان ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ملاقات ڪئي هئي ته متحده وارن اهو الزام هنيو ته ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ پيپلزپارٽيءَ جا وزير حقيقي واران سان گڏجي ڪرائي رهيا آهن، پر بعد ۾ متحده وارن کان اهو الزام به وسري ويو ۽ هو پنهنجي پارٽي ۽ قائد جو رتبو بچائڻ ۾ مصروف ٿي ويا). برطانوي وزيراعظم کي لکيل خط به ان ڪري منظر عام تي آڻڻو پيو ته بغير ڪنهن فوجي آپريشن جي ڪراچيءَ جي مالڪيءَ واري دعويٰ ڪندڙ پارٽيءَ کي اهو باور ڪرائجي ته ملڪ جا مالڪ جاڳن پيا اڃا هن رياست جي مالڪي ٿئي پئي ۽ برطانوي وزيراعظم کي خط لکندڙ ايڏا مضبوط نه آهن. اهو خيال هو اسلام آباد جي صحافتي حلقن جو. لڳي ٿو ته ان تجزئي ۾ گهڻي جان آهي، ڇو ته فوج قبائلي علائقن ۾ طالبان سان جنگ ۾ مصروف آهي، بلوچستان ۾ حالتون خراب آهن، سنڌ ۾ برسات سبب ڦهليل تباهيءَ ۾ به فوج امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهي، ڀارت سان لڳندڙ سرحد تي ٿيندڙ جهڙپون ننڍيون آهن پر ان سرحد کي ويران ڇڏي نه ٿو سگهجي ان ڪري اها حڪمت عملي ته ڪنهن صورت ۾ قابل عمل نه هئي ته فوج ڪراچيءَ ۾ به اچي ۽ وري جلد ئي واپس به هلي وڃي. ان ڪري اي اين پي، جماعت اسلاميءَ، عمران خان ۽ ٻين پاران ڪراچيءَ ۾ فوج مقرر ڪرڻ جا جيڪي مطالبا ڪيا ويا اهي صرف اهو وجهه ٺاهڻ لاءِ هئا ته سياستدان ڀلي پيا مطالبا ڪن پر فوج نه اچڻ وارو فيصلو ڪري جمهوريت کي مضبوط ڪيو. متحده کي ميڊيائي جهاد جي منهان منهن ڪيو ويو ۽ اهو نئون هوڪو تيار ٿي چڪو آهي ته ميڊيا آزاد ٿي چڪي آهي مشرف هجي يا متحده صحافي ڪنهن کان به نه ٿا ڊڄن. عدالت اجمل پهاڙيءَ جي ”مالڪن“ کي کليل ڌمڪيون ڏنيون ۽ ڪراچيءَ ۾ رينجرز طئي ٿيل انداز سان ڪارروائي ڪرڻ شروع ڪئي ته خاموشي ٿي وئي. عجب اتفاق آهي ته ٽارگيٽ ڪلرز، پيپلز امن ڪميٽي، اي اين پي، متحده، ميڊيا ۽ مرزا سڀ هڪ ئي وقت خاموش ٿي ويا. حيرت آهي!

متحده جي قائد پاران وڊيو پريس ڪانفرنس ۾ اهو سڀ کان وڏو جملو چيو ويو ته ”اگر متحده، ملڪ جي ڳجهي ايجنسي ۽ پاڪ فوج گڏجي وڃن ته پاڪستان کي ڪير به ٽوڙي نه ٿو سگهي“. تجزئي نگار چون ٿا ته الطاف حسين اهو پيغام ڏنو ته مان ملڪ جي ادارن سان ٻيهر پراڻي انداز ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، ان ڪري خط لکڻ واري غلطي معاف ڪئي وڃي. صحافتي حلقن جو اهو خيال به آهي ته متحده خلاف ٻيا به ڪيترائي دستاويز موجود هئا پر اهي پيش ڪرڻ جي ضرورت پيش نه آئي، ڇو ته مقصد صرف هڪ خط سامهون آڻڻ سان ئي حاصل ٿي ويو. ڪشمير، گلگت بلتستان، پنجاب ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ سياست جي مالڪي ڪندي منظم ٿيندڙ متحده مهاجرن جي مينڊيٽ تائين محدود ٿي وئي، ڪراچيءَ ۾ متحده آڏو محدود ٿيل ميڊيا آزاديءَ جو نعره مستانه هنيو، پيپلزپارٽيءَ کي اهو دليل سڀاڻي، ايندڙ چونڊن کان اڳ واري وقت لاءِ دستياب ٿي پيو ته اگر ڪراچيءَ جي چونڊ تڪن ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي ۽ ايم ڪيو ايم ڪا سرڪشيءَ ڪئي ته ڊاڪٽر مرزا ۽ سندس همنوا وري اُها ئي قوالي ڳائيندا جيڪا ڳائجڻ سان ملڪ جا مالڪ محتاط ٿي پون ٿا ۽ هر ان پارٽي خلاف وٺ پڪڙ ڪن ٿا جيڪا ملڪ ٽوڙڻ وارو مواد تحرير ڪندي هجي!

پوءِ ڀلا اهو سمجهڻ ۾ به ته ڪو ئي عارُ ناهي ته ميڊيا ڪنهن طاقتور ڌر سان سلهاڙيل هوندي آهي. بلڪل سڄي ميڊيا مطلب ته ميڊيا جا سمورا ڪارڪن ته طاقتور ڌر جا رازدار ناهن هوندا پر ميڊيا جا پاليسي ساز ضرور سياست ۾ اڻ ڏٺو ڪردار ادا ڪن ٿا. ميڊيا جي آزادي، حقيقي آزادي ناهي اهڙي دعويٰ ڪندڙ شايد ته پنهنجي نعري ۾ سچ نه ڳالهائيندا هوندا، جيڪڏهن ايئن هجي ها ته هو اهو ضرور ٻڌائن ها ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي پريس ڪانفرنس ڇو ڪرڻي پئي ۽ هن جيڪو خط ميڊيا کي ڏنو اهو ڪنهن صحافيءَ ايئن ئي ڇو نه پڌرو ڪيو جئين محترمه بينظير ڀٽو شهيد خلاف ايس جي ايس ڪوٽيڪنا ۽ سوئيز بينڪن ۾ اڪائونٽ هجڻ واريون اسٽوريون گهڙي اخبارن ۾ شايع ڪيون ويون!! باقي ڊاڪٽر مرزا جي گهر واري اڃا به قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر آهي ته مطلب ڊاڪٽر مرزا آصف عليءَ جو دوست به آهي ۽ پيپلزپارٽيءَ جو اڳواڻ به آهي. جيئن هن جي سياست ۽ دوستيءَ جو رشتو ٽٽڻ کان بچي ويل آهي تيئن ئي ڪهاڻي پوري ٿيڻ کانپوءِ اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم به هڪ ٻئي سان تعلقات بحال ڪري رهيون آهن. اهو ئي سبب آهي ته ميڊيا ايم ڪيو ايم متعلق بحث وارو پنو ويڙهي سيڙهي ڪنهن وڏي کيسي ۾ وجهي ايم ايم اي ٺهڻ گهرجي يا نه؟ وارو بحث اسٽارٽ ڪرائي ڇڏيو آهي. مطلب ايم ڪيو ايم جي جان في الحال بخشجي وئي آهي ۽ بهرحال خبرون جاري رهنديون.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو