Home / افيئر / ! اوڻانوي لک ٻوڏ متاثر: بدترين ڏڪار جو خطرو
above article banner

! اوڻانوي لک ٻوڏ متاثر: بدترين ڏڪار جو خطرو

 

سنڌ ۾ آگسٽ 2011ع جي برساتي ٻوڏ جا سنڌ سرڪار جيڪي تازا انگ اکر جاري ڪري ٿيل نقصان جو جيڪو ڪاٿو لڳايو آهي، تنهن موجب هن ٻوڏ ۾ 89 لک ماڻهو سخت متاثر ٿيا. 67 لک 91 هزار 87 ايڪڙ زرعي ۽ انساني آبادي واري ايراضي پاڻي هيٺ آئي. جنهن ۾ 21 لک 66 هزار 663 ايڪڙن تي بيٺل زرعي فصل تباهه ٿيا، 15 لک 24 هزار 773 گهرن کي نقصان پهتو. 400 کان وڌيڪ معصوم انسان موت جو کاڄ بڻيا،

سنڌ حڪومت مجموعي ٿيل معاشي نقصان جو انگ 454 ارب روپيه ڄاڻايو آهي. اهي انگ اکر سنڌ جي سڌ سماءُ واري وزير شرجيل ميمڻ 28 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ ڪيل هڪ پريس ڪانفرنس ۾ پڌرا ڪيا آهن. مٿين سرڪاري انگن اکرن ۾ انساني موتن جو انگ 28 سيپٽمبر تائين فقط 400 ڄاڻايو ويو آهي جڏهن ته غير سرڪاري طور تي اهو انگ هيل تائين ٻيڻ تي پهچي ويو آهي ۽ ٻوڏ متاثر تيزي سان ايل بي او ڊي سم نالن مختلف بيمارين، حادثن ۽ پاڪستان ڪارڊ جا فقط 10 هزار روپيه وصول ڪرڻ لاءِ قيامت خيز گرمي ۽ اس ۾ خالي پيٽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين نادرا جي مقرر ڪيل سينٽرن اڳيان قطار ۾ بيٺل مسڪين ٻوڏ متاثر تيزي سان فوت ٿي رهيا آهن. فقط سيپٽمبر جي آخري هڪ هفتي ۾ بدين ضلعي ۾ چار معصوم انسان پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا. جنهن ۾ ڪڍڻ شهر لڳ ڳوٺ ابراهيم دل جو هڪ ويهه ورهين جو ڳڀرو نوجوان اسلم پٽ حاجي دل، سم نالي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. ڪڍڻ شهر لڳ ئي يوسي مٺي ٿري جي ڳوٺ محمد حسن لنڊ جا 18 ورهين جو حيدر لنڊ ۽ 19 ورهين جو سندس چاچو ميهار لُنڊ ايل بي او ڊي جي خوني سم نالي ڪي پي او ڊي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا. جڏهن ته 27 سيپٽمبر تي بوائز هاءِ اسڪول بدين ۾ قائم ٿيل نادرا سينٽر جي اڳيان چئن ڏينهن کان قطار ۾ بيٺل هڪ ٻڍڙو پورهيت عمر ملاح دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو. 10 هزارن جي پاڪستان ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ غريب عمر ملاح پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو پر کيس اهو ڪارڊ ملي نه سگهيو. پاڪستان ڪارڊ حاصل ڪرڻ موت کي دعوت ڏيڻ جي برابر ٿي ويو آهي.

 

بدين ضلعي ۾ مقرر ڪيل نادرا جي سينٽرن تي ماڻهن جا انبوهه آهن جن تي پوليس وارا لٺيون وسائي رهيا آهن. ٻوڏ متاثرن جي ڪابه خاطر خواهه واهر بجاءِ سرڪاري ڪارندا بيوس بڻيل انهن ماڻهن سان جانورن وارو سلوڪ ڪري انهن کي اذيتون ڏئي رهيا آهن، سرڪاري رليف ڪئمپون خالي ڪرائي لکين ماڻهن کي واپس سندن اجڙيل ماڳن ڏانهن روانو ڪيو پيو وڃي. جتي سندن اجها ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، سندن سمورا زرعي فصل سو سيڪڙو ناس ٿي ويا. سندن ڍور مري ويا. باقي بچيل ڍور بک ۽ وچڙندڙ بيمارين ۾ تيزي سان مري رهيا آهن. جتي انسانن جو ڪو خاطر خواهه علاج نه ٿيڻ ڪري تڙپي بکن ۽ بيمارين ۾ پنهنجا پساهه پورا ڪري رهيا آهن اتي ويچارن جانورن جا وري ڪهڙا علاج حڪومت ڪرائيندي. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بيٺل ڇر پاڻي وڌيڪ ڪنو ۽ بدبودار ٿي رهيو آهي. ان پاڻي ۾ مئل ڍورن جا ڍونڍ تري رهيا آهن. جتي انسانن جي دفن ڪرڻ لاءِ ڌرتي جو ڪو ٻه گز ٽڪرو پاڻي کان خالي نه بچيو اهي. اتي مئل ڍورن جا ڍونڍ ڪير ڪٿي ڌرتي ۾ دفن ڪند؟ هر هنڌ مئل ڍورن جا ڍونڍ پکڙڻ ڪري، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ خطرناڪ وبائي بيمارين جي پکڙڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. ان سان گڏ خالي هٿين اهي ٻوڏ متاثرن ماڻهو جن جو انگ سنڌ حڪومت هاڻ 89 لک ٻڌائي رهي آهي. اهي هاڻ ڪيڏانهن ويندا؟ اهي بي يارو مددگار ان حڪومت ڏانهن واجهائي رهيا آهن. جيڪا حڪومت سندن ٿيل بربادي جو معاوضو في خاندان هن وقت فقط 10 هزار روپيه ڏيئي رهي آهي ۽ وڌيڪ 10 هزار روپين جو سرڪاري تحفو کين ٻي قسط ۾ اهڙي طريقي سان ڏنو ويندو، جهڙي طرح سان کين هاڻوڪا 10 هزار روپيه نادرا سينٽرن جي اڳيان لٺيون کائڻ سان ملي رهيا آهن. رليف جو سرڪاري راشن وارو سامان پڻ چند مخصوص ساڳين ماڻهن تائين پهچي رهيو آهي. جنهن ۾ اڪثر وڏيرا، سرڪاري ڪامورا ۽ جيالا ٻنهي هٿن سان ڦرلٽ ڪري مسڪين ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل امدادي سامان سان پنهنجا گهر ۽ اوطاقون ڀري رهيا آهن. هوڏانهن لکين ننڌڻڪا ٻوڏ متاثرن مسڪين ۽ هيڻا ماڻهو بکن ۾ پاهه ٿي، سرڪاري امدادي سامان جي گودامن ۽ سرڪاري ٺاهيل رليف ڪميٽي جي ميمبرن جي درن جا ڌڪا کائڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. انهن جي هر هنڌ رڙ لڳي پئي آهي ته ٻيلي اسانجا ٻچا ٿا بک مرن خدا جي واسطي ڪا اٽي جي ٿيلهي ڏيو. هن خوني ٻوڏ ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل بدين ضلعي ۾ ته قيامت جو منظر آهي. اڪيلي زرعي معيشت تي مدار رکندڙ ضلعي جي زرعي معيشت 100 سيڪڙو تباهه ٿي ويئي آهي. جتي وڏا زميندار به ڪنگال ۽ واپارين جا قرضي ٿي ويا آهن، اتي هاڻ 90 سيڪڙو انهن هارين ۽ ڏهاڙي ڪمائيندڙ پورهيت لڏي جي لکين ماڻهن جو ڇا ٿيندو؟ جيڪي پڻ سڌي ۽ اڻ سڌي طرح زرعي شعبي سان وابسته آهن. سندن الهه تلهه ٿلهه جي تباهي سان گڏ انهن جي روزگار جا سمورا ذريعا ختم ٿي ويا آهن.

ٻوڏ واري پاڻي جي نيڪال جي اها ئي رفتار رهي ته خريف وارن زرعي فصلن جي تباهي سان گڏ چيٽ وارن فصلن جي پوکائي پڻ مشڪل سان ٿي سگهندي. جنهن سان ايندڙ مهينن ۾ حالتون انتهائي سنگين ٿي وينديون ۽ سڄو بدين ضلعو هڪ انتهائي ڀيانڪ ڏڪار جي ور چڙهي ويندو. چوري ڦرلٽ ۽ ڌاڙن جون وارداتون وڌي وينديون ۽ بکن جا ماريل بدين جا 18 لک ماڻهو ڪجهه به ڪري سگهن ٿا.

هن وقت حڪومت به پيلپز پارٽي جي آهي ۽ موجوده وزير اعظم گيلاني جي سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه سميت پيپلز پارٽي جا مک اڳواڻ بدين ۾ اچي پنهنجن سياسي جلسن ۾ فخريه اندازا سان اهو راڳ آلاپين ٿا ته بدين ضلعو پي پي جو هڪ مضبوط قلعو آهي. پ پ جي ان مضبوط قلعي جا لکين ماڻهو هن وقت تباهه ۽ برباد ٿي فاقا ڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ جيڪڏهن بدين جا هزارين ماڻهو بک وگهي مرڻ شروع ڪن ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي شرمناڪ ڳالهه ٿيندي. انڪري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي بدين ضلعي کي ڀيانڪ ڏڪار کان بچائڻ ۽ هزارين ماڻهن کي بک وگهي مرڻ کان بچائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪي تڪڙا اپاءَ وٺي ٻوڏ متاثرن جي اهڙي طرح حقيقي نموني سان واهر ڪن جيئن اهي ماني ڳڀي جا محتاج نه ٿين ۽ سندن بحالڪاري لاءِ هڪ اهڙو پيڪيج ڏنو وڃي جنهن سان سندن پٽ ٿي ويل گهر ٻيهر ٺهي سگهن. شهرن ۽ زمينن مان جلد ٻوڏ وارو پاڻي ڪڍرائي چيٽ جي زرعي فصلن جي پوکائي کي ممڪن بڻائڻ لاءِ تڪڙا اپاءَ وٺي هارين ۽ ننڍن آبادگارن کي ٻج ۽ ڪيميائي ڀاڻ مفت ۾ فراهم ڪري وڏن ۽ ننڍن سمورن آبادگارن ۽ هارين کي زمين جي کيڙائي ۽ پوکائي لاءِ آسان شرطن تي بنا وياج جي گهٽ ۾ گهٽ 2 لکن جو زرعي قرض، چيٽ جي فصلن جي پوکائي لاءِ بر وقت چند ڏينهن ۾ هنگامي طور تي ڏنو وڃي. زرعي قرضن جي فراهمي جي اڳوڻي زرعي بئنڪ جي رشوتي طريقيڪار کي بدلائي ان کي آسان ڪيو وڃي. ڏهاڙي ڪمائيندڙ سڀني مزدورن لاءِ پڻ ڪنهن خاص سرڪاري پئڪيج جو اعلان ڪيو وڃي. باقي جيڪڏهن بدين جي چونڊيل عوامي نمائندن بدين جي لکين ٻوڏ متاثرن کي 20 هزار روپين وارن ڪارڊن ۽ ڏهه ڪلو اٽي جي ٿيلهي وارن حڪومتي قدمن تي ڇڏي ڏنو ته بدين ۾ هزارين معصوم انسانن جي بکن وگهي امڪاني موتن کي ڪير به نه روڪي سگهندو ۽ اهو سانحو موجوده چونڊيل عوامي نمائندن ۽ خود پيپلز پارٽي لاءِ بدين ۾ ڪنهن سياسي موت کان گهٽ نه هوندو.

هن وقت بدين ضلعي جي حالت انتهائي رحم جوڳي آهي ضلعي جا اهم شهر ڪڍڻ، پنگريو، ٽنڊو باگو، شادي لال، کوسڪي، نندو شهر، لنواري شريف اڃا تائين پاڻي ۾ ٻڏل آهن. زرعي معيشت جي مڪمل تباهي سان شهرن جون بازارون ويران آهن، عوام جي قوت خريد ختم ٿي وڃڻ ڪري وڻج واپار ٺپ ٿي ويو آهي. ضلعي جي ٻئي ٻوڏ سٽيل عوام سان گڏ بدين جا هزارين ننڍا واپاري پڻ ڪاروبار بند ٿيڻ سان ڪنگال ٿيڻ لڳا آهن. ڪڍڻ شهر جي ڀاڻ ۽ ٻج جي واپاري ۽ سماجي ڪارڪن ڪفايت سنڌي “افيئر” کي ٻڌايو ته هن شهر ۾ سندس ڀاڻ ۽ ٻج جو سڀ کان وڏو دڪان آهي جتي ڏهاڙي سيزن ۾ سندس دڪان تان لکين روپين جو ڀاڻ ۽ ٻج وڪرو ٿيندو هو. پر هن ٻوڏ بعد گذريل اٽڪل ٻن مهينن جي دوران سندس دڪان مان ڀاڻ جي هڪ ٻوري به وڪرو ٿي نه سگهي آهي. سندس لکين روپين جو قرض رهيل آهي. سندن ڪاروبار جو ڏيوالو نڪري ويو آهي. هن چيو ته مها ٻوڏ ۾ بدين جا ننڍا دڪاندار ۽ واپاري پڻ سخت متاثر ٿيا آهن. هن حڪومت کي اپيل ڪئي آهي ته بدين جي هزارننڍن واپارين لاءِ پڻ ڪنهن خاص رليف پئڪيج جو اعلان ڪيو وڃي. هن ٻوڏ ۾ جتي خريف جا ٻيا سمورا زرعي فصل ناس ٿي ويا آهن. اتي سنڌ ۾ ساين ٻاڄين ۽ مرچن جو ڄڻ ته وجود ئي ختم ٿي ويو آهي. گذريل اٽڪل ٻن مهينن کان بدين ضلعي جي ڪنهن هڪ شهر ۾ ڪنهن هڪ سائي ڀاڄي جو ڪو پن ۽ پتو نظر نه آيو آهي. سايون ڀاڄيون اڻ لڀ ٿيڻ ڪري، نه فقط خلق سخت پريشان آهي پر سايون ڀاڄيون وڪرو ڪندڙ پورهيت لڏي جا هزارين ماڻهو پڻ بيروزگار ٿي ويا آهن. جن جو پڻ جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. بدين ضلعي ۾ لکين ٻوڏ متاثرن جي ريسڪيو ۽ رليف وارن ڪمن ۾ جتي حڪومتي مشنري بري طرح سان ناڪام ٿي وئي آهي اتي مقامي اين جي اوز به ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاريو آهي. هڪ ته حڪومت انساني ڀلائي وارن عالمي ادارن کي تمام دير سان امداد جي اپيل ڪئي ۽ ٻيو ته بدين جي ڪنهن به اين جي اوز وٽ ريسڪيو آپريشن ڪرڻ ۽ بروقت لکين ماڻهن تائين رليف ۽ خاص طور تي پڪل کاڌو پهچائڻ جي سري سان صلاحيت ئي ناهي ان ڪري اهي اين جي اوز پڻ بروقت ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيون آهن. هاڻ ڪجهه ڏينهن کان ڪجهه اين جي اوز عالمي اداري ورلڊ فوڊ پروگرام جو راشن متاثرن ۾ ورهائڻ شروع ڪيو آهي. جيڪو پڻ محدود علا.ئقن ۾ آهي جنهن ۾ پڻ ڪرپشن ۽ ٻه اکيائي واريون شڪايتون عام آهن.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو