Home / ڪور افيئر / !برساتي ٻوڏ ۽ ايل بي او ڊي جو راڪاس
above article banner

!برساتي ٻوڏ ۽ ايل بي او ڊي جو راڪاس

سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌ لاءِ جيڪي انتهائي نقصانڪار فيصلا ڪيا ويا آهن، انهن ۾ ايل بي او ڊي رٿا جو غلط ۽ هاڃيڪار فيصلو به هڪ آهي. گذريل هڪ صدي جي تاريخ ۾ سنڌ جي قومي تشخص_ سياسي معاشي حالتن جي تباهي لاءِ جيڪي هاڃيڪار ۽ دير اثر وجهندڙن فيصلا ڪيا ويا انهن مان ڪجهه هيٺيان فيصلا اهم آهن.

1_ هن ملڪ ٺهڻ شرط، سنڌ مان لکين پڙهيل لکيل خوش حال سنڌي، غير مسلم هئڻ سبب سنڌ مان بي دخل ڪيا ويا. سنڌ جو سڄو وچولو ڪلاس ڀڄايو ويو،

 

2_ ٻاهران لڏپلاڻ ڪري ايندڙ غير سنڌي ۽ اردو آبادي کي مستقل طور صرف سنڌ ۾ ئي آباد ڪيو ويو.

3_ سنڌ جي سمورن معاشي وسيلن تي خاص طور وڏن شهرن ۾ واپار، نوڪرين، اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن ۾ صرف غير سنڌي آبادي کي ڀرتي ڪيو ويو،

4_ هن ملڪ جي اهم قديمي ٻولين سان زيادتي ڪندي، صرف ۽ صرف اردو جيڪا هن ملڪ جي ٻولي ئي نه هئي ان کي قومي ٻولي قرار ڏئي. سنڌي زبان سان ناانصافي ڪئي وئي.

5_ سنڌ جي سياسي خود مختياري کي ون يونٽ مڙهي ختم ڪيو ويو ۽ سنڌ جي آمدني جو تمام وڏو حصو مرڪز حوالي ڪيو ويو.

6_ اسڪولي نصاب شعوري طرح عوام کي منجهيل، جاهل ، سائنس ۽ ٽيڪنوڪريٽ دشمن بنائڻ وارو لاڳو ڪيو ويو.

7_ هر سال ملڪ جي اربين روپين جي بجيٽ ورهائڻ وقت سنڌ کي اٽي ۾ لوڻ برابر حصو به نه ڏنو ويو.

8_ هٿ وٺي سنڌ ۾ ترقياتي رٿائڻ کي لاڳو ئي نه ڪيو ويو. زراعت، صنعت ۽ ٻين مالياتي وسيلن کي برباد ڪيو ويو.

9_ عالمي مالياتي ادارن کان ترقياتي منصوبن لاءِ اربين ڊالر قرض کڻي سنڌ تي ايل بي او ڊي، آر بي او ڊي جهڙن عوام دشمن، ملڪ دشمن منصوبن تي خرچ ڪري سنڌ جي عوام کي مقروض ڪيو ويو.

10_ ملڪ جي سمورن وڏن ادارن کاتن ۾ سنڌين کي داخل ئي نه ٿيڻ ڏنو ويو. جهڙوڪ فارين منسٽري، پي آءِ اي فوج ۽ ٻين مالياتي کاتن وغيره ۾ اهي ۽ اهڙا ٻيا کوڙ فيصلا ڳجهي سازش، ويساهه گهاتي عوام دشمني ۽ ملڪ دشمني خاطر سنڌي عوام مٿان مڙهيا ويا. اهڙن فيصلن سبب مني صدي کان سنڌي عوام غربت، جهالت، بي روزگاري، احساس محرومي ۽ بيمارين جي اڻ کٽ قيامتن ۾ گذاري پئي. انهن ۽ اهڙن غلط فيصلن مان ايل بي او ڊي رٿا به هڪ اهم فيصلو آهي. جنهنجي غلط رٿا ئي گذريل 20 سالن کان بدين جو عوام دانهون ڪندو اچي. خاص طور 2003ع جي شديد برسات کان پوءِ وڏي همت سان هن منصوبي خلاف جنگ ۾ رڌل آهي. پر ڪوبه کڙ تيل نه ٿو نڪري.

ايل بي او ڊي رٿا جي موجوده صورتحال

ايل بي او ڊي رٿا چئن وڏن حصن ۾ ورهايل آهي جن ۾ ٽائڊل لنڪ، ڪي پي او، ڊي پي او ڊي ۽ اسپائنل ڊرين پاڻ انهن چئني حصن جي هن وقت ڪهڙي حالت آهي ۽ اهي حصا بدين ۽ سنڌي عوام تي ڪهڙا اثر ڇڏي رهيا آهن ۽ تازين برساتن سبب انهن حصن جي ڪهڙي حالتن ٿي وئي آهي. ان جو جائزو وٺنداسين.

ٽائڊل لنڪ

ايل بي او ڊي جو ڇوڙ ڪندڙ 42 ڪلوميٽر ڊگهو هي حصو 1995ع ۾ ٺهي راس ٿيو ته 1998ع جي برساتن ۾ تباهه ٿي ويو.ياد رهي ته هن حصي تي چوليري ويئر نالي اهڙو بند ٻڌو ويو هو. جنهن جو مقصد سمنڊ مان ايندڙ وير ۽ ايل بي او ڊي ۾ مٿان کان ايندڙ پاڻي جي ٽڪراءَ ۽ دٻاءَ کي گهٽائڻ ۽ ڀرپاسي جي ڍنڍن کي تر ۽ تازو رکڻ جو ڪم ڏيڻ لاءِ استعمال ڪجي جيڪو 1998ع جي برساتن ۾ ختم ٿي ويو.

ٽائڊل لنڪ 2003ع جي تيز برساتن م مڪمل طور ختم ٿي وئي. 42 ڪلوميٽر سم جا ٻئي ڪپ ڊهي ويا. نالو جيڪو 30 فوٽ ويڪرو هو، اهو هڪ ميل کان 10 ميلن تائين ويڪرو ٿي ويو. جيڪو 15 کان 20 فوٽ گهرو هو، اهو 80 کان 200 فوٽ تائين گهرو ٿي ويو. سم نالي مان درياءَ بڻجي ويو. جيڪو روزانو 24 ڪلاڪن ۾ ٻه دفعا ابتو ۽ سبتو وهي رهيو آهي. هر قمري مهيني جي 14 ۽ 29 تاريخ تي تمام گهڻو پاڻي سمنڊ مان آڻي بدين جي خشڪ ۽ آباد زمينن کي سمنڊ ۾ بدلائي رهيو آهي. جيئن ته هي ٽائڊل لنڪ، فطري نظام جي بلڪل ابتڙ اوڀر کان اولهه طرف ٺاهيو ويو آهي. سامونڊي ڪنارن تي سال جا 9 مهينا اولهه ۽ ڏکڻ ڪنڊ کان واهوندي جي هوا لڳي ٿي جيڪا ڪن مهينن ۾ ته تمام تيز طوفاني هوائن جو ڏيک ڏيندڙ هوندي آهي. اهي هوائون هن نالي وسيلي سامونڊي پاڻي ابتو آڻين ٿيو ڪڏهن ڪڏهن ضلعي بدين جي ڏکڻ وار ڳوٺ شيخاڻي، گهاڙي، گل لنڊ، ڪنڊڙي، ڳٽو جو ڍورو ٻيا ڳوٺ ٻوڙي ڇڏين ٿيون. هن وقت تائين ۽ تازين برساتن سبب هن سم نالي جي آس پاس واري علائقي ۾ هيٺيان نقصان ٿيا آهن.

1_ هن علائقي ۾ نريڙي، جهٻو، سونهري رامسر ڍنڍن کان علاوه 10 ٻيون وڏيون ڍنڍون هيون جن تي هزارين ملاح گذران ڪندا هئا. جيڪي مڪمل طور تباهه ٿي ويون آهن.

2_ هن علائقي جي هزارين ايڪڙ ذرخيز زمين سمنڊ جي ڪريڪ جي صورت ۾ تبديل ٿي وئي آهي. سمنڊ جي ڪريڪ ۾ خالص سمنڊجو پاڻي هوندو آهي. پر هن علائقي ۾ سم نالن وسيلي ايندڙ ڪارخانن جو زهريلو ۽ بدبودار مادو هن پاڻي ۾ شامل هوندو آهي. انهيءَ ڪري هي زمين جو حصو تمام خراب آهي. جنهن ۾ ڪابه زندگي سلامت نه ٿي رهي سگهي،.

3_ هن علائقي ۾ ضلع ٺٽي ۽ بدين جا 20 کن قديمي ڳوٺ هئا. جن ۾ ملاح، منڌرا، جت، لنڊ، شيخ، ۽ ٻيون ذاتيون آباد هيون. اهي بي روزگار بڻجي لڏپلاڻ ڪري ويا.

4_ هي علائقو سنڌ جي پراڻي تاريخ جو وڏو شاهد هو. سومرن جي دور حڪومت جا يايادگار روپا ماڙي، شيخ ڪرهيو، احمد راڄو ۽ رحمڪي بازار ۽ ٻيا ماڳ مڪان ٺڪراٺ جي صورت ۾ موجود هئا. جن تي تحقيقات جي ضرورت هئي. انهي مان ڪي سمنڊ جي پاڻي، سم ۽ ڪلر سبب هميشھ هميشھ لاءِ گم ٿي ويا ۽ باقي جيڪي بچيا آهن، اهي به ٿوري وقت ۾ زمين ۾ گم ٿي ويندا.

5_ تازين برساتن هن علائقي جي آس پاس آباد زمين کي ۽ مال جي چرا گاهن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي.

ڪوٽڙي سرفيس ڊرينيج سسٽم به هن علائقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. درياهه خان ورڙ جو وڏو ڳوٺ، محمد صالح ورڙ، مٺو منڌرو، جان محمد شر، چڪ 4 جا ڳوٺ سڀ پاڻي ۾ اچي ويا آهن.

6_ ٽائڊل لنڪ هرسال 20 کان 40 هزار ايڪڙ زمين سمنڊ ۾ غرق ڪري رهي آهي.

ايل بي او ڊي رٿا جو ٻيو حصو ڪي پي او ڊي

75 ڪلو ميٽر جو هي حصو ضلعي بدين جي ٽن يونين ڪائونسلن مٺي، ٿري، ڪڍڻ، ڀڳڙا ميمڻ مان گذري ٿو. هن حصي هن وقت تائين هيٺيان هاڃا ڪيا آهن.

1_ جيئن ته ايل بي او ڊي رٿا جو هي حصو مڪمل طور زرعي آباد زمين، ڳوٺن ۽ شهرن وچان گذري ٿو. جيڪو 169 آر ڊي اسپائنل ڊرين کان شروع ٿي ٽائيڊل لنڪ جي زيرو پوائنٽ سان ملي ٿو. سمنڊ جي ابتي ايندڙ پاڻي ۽ اسپائنل ڊرين مان هزارين ڪيوسڪ ايندڙ پاڻي سبب هن سم نالي هن علائقي ۾ تمام وڏا نقصان ڏنا آهن.

2_ KPOD جي ڀرپاسي جي واري زمين ۾ زيرزمين پاڻي جي سطح تمام مٿي چڙهي آئي آهي. ايتري قدر جنهن وڻ جون پاڙون 3 فوٽن کان وڌيڪ اونهيون وڃن ٿيون. اهي سڪيو وڃي انهي ڪري هن علائقي ۾ ڪي به وڏا وڻ نه ٿا ٿين.

3_ جولاءِ 2003ع جي ٻوڏ ضلعي بدين جي 7 يونين ڪائونسلن کي تباهه هن سم نالي جي ناڪامي سبب ڪيو.اها ڳالهه ياد رهي ته جولاءِ 2003ع جي ٻوڏ هڪ ئي رات ۾ 70 انساني جانيون ضايع ڪيون هيون. اهي اثر اڃا تائين جاري آهن. اندازن 2000 هزار ماڻهو وقت کان اڳ اجل جو شڪار ٿي ويا آهن.

4­_ 2003ع جي ٻوڏ کان پوءِ هڪ سماجي تنظيم ورلڊ بئنڪ وٽ ڪمپلين داخل ڪئي هئي ته ، اوهان غلط پلاننگ ۽ رٿابندي سان غلط ماهرن جي صلاح سان پئسا ڏئي. ايل بي او ڊي رٿا جو ڪم ڪرائي، سنڌ جو تمام وڏو نقصان ڪيو آهي. جنهن جي جواب ۾ ورلڊ بئنڪ انسپيڪشن پئنل مقرر ڪيو هو. جنهن 4 مهينا تحقيقات ڪري سماجي تنظيم جي دانهن کي حقيقي سمجهندي، حڪومت پاڪستان کي آرڊر ڪيو هو ته ٿيل نقصان جو جلد ازالو ڪري ۽ ايل بي او ڊي رٿا جي ٻيهر جاچ ڪري بهتر بڻائي پر ان تي ڪوبه عمل نه ٿيو. KPOD اڄ به خطرناڪ بڻيل آهي

5_ KPOD کان اڳ ضلعي بدين جو فالتو پاڻي ازخود رڻ ڪڇ ۽ پوءِ سمنڊ وهي ويندو هو. پر هن منصوبي ان صورتحال کي روڪي تمام وڏا نقصان ڪيا آهن.

6_ تازين برساتن سبب هن سم نالي کي ڪيترن هنڌن تان قدرتي گهارا پيا آهن ۽ ڪجهه کاٽ هٿ سان عوام هنيا آهن جيئن سندن ڳوٺن ۽ ٻنين تي پاڻي جو دٻاءُ گهٽائي سگهن. پر هاڻي اهو خطرو وڌي ويو آهي ٿه مٿان ايندڙ تمام گهڻو پاڻي ۽ سمنڊ کان ايندڙ پاڻي جي ابتي وهڪري هڪ ئي وقت دٻاءُ وڌايو ته 2003 ۾ ٿيل نقصان کان به وڌيڪ نقصان جا امڪان آهن.

ڍورو پراڻ آئوٽ فال ڊرين (DPOD) جي صورتحال

ايل بي او ڊي جو هي حصو اسپائنل ڊرين جي 169 آر ڊي کان جتان (KPOD) نڪري ٿي، اتان سڌو ڏکڻ طرف جيڪو پراڻ دريا هزارن سالن تائين وهندو رهندو هو. اهوئي ڍورو هن ڪم لاءِ ڪتب آندو ويو آهي. جيڪو 25 ڪلوميٽر طئي ڪري انڊيا جي سرحد وٽ شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ياد رهي ته هن ڍنڍ جا ٻه حصا انڊيا ۾ ۽ هڪ حصو پاڪستان ۾ آهي. هن سم نالي هيٺيان مسئلا پيدا ڪيا آهن.

1_ هن سم نالي جي منهن وٽ 17 فوٽ اوچو ۽ مضبوط ڳنڍو/ ويئر ڏنل آهي. جيڪو اسپائنل ڊرين جو پاڻي ڏکڻ طرف کڻڻ ۾ وڏي رنڊڪ آهي. وڏين دانهن ڪوڪن کان پوءِ هن ڳنڍي جا صرف 2 فوٽ ڪٽيا ويا آهن جڏهن ته 15 فوٽ اڃا تائين موجود آهي.

2_((DPOD جي ڪابه مرمت ۽ کوٽائي نه ڪئي وئي آهي. هنن برساتن مٿان کان 20 هزار ڪيوسڪ مڻ ايندڙ پاڻي جو تمام گهٽ مقدار هن طرف وڃي ٿو. جيتوڻيڪ پاڻي جو هي معقول ۽ بهتر ڇوڙ آهي.

3_ ڍوري پراڻ ۽ هن سم نالي جا ڪٿان ڪٿان الڳ وهڪرا آهن. خاص طور DPOD ته صرف وڍڙي لهه کان شروع ڪيل آهي ۽ مٿان کا ايندڙ ڍورو پراڻ ٻنهي آس پاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن، آبادين ۽ پوکن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي.

4_ جيڪڏهن هن حصي کي بهتر طور مرمت ڪري صحيح رخ ۾ استعمال ڪيو وڃي ته پاڻي جي نيڪال جا ڪيترائي گس ملي سگهن ٿا جهڙوڪ: شڪور ڍنڍ، ٿر جو ڏاکڻو ميداني علائقو، هن علائقي جون ڍنڍون، ڪونج هر ناڪي وارو سامونڊي علائقو وغيره.

اسپائنل ڊرين جو مُک سم نالو

ايل بي او ڊي جو مهڙ وارو 210 ڪلو ميٽرڊگهو اهم سم نالو نواب شاهه، سانگهڙ، ميرپور خاص کان ٿيندو بدين ۾ داخل ٿئي ٿو. هي سم نالو به مٿين شهرن ۽ ضلعن لاءِ به خطرناڪ بڻجي ويو آهي.

1_ ميرپور خاص شهر کي هن کان اڳ ٻه دنعا خطرناڪ نقصان ڏيڻ کان پوءِ هيلوڪين برساتن ۾ ميرپور خاص شهر کي ۽ پوري ضلع کي تمام گهڻو نقصان ڏئي رهيو آهي.

2_ ضلع ميرپور خاص ۽ ضلع عمرڪوٽ جي علائقن مان اسپائنل ڊرين سان گڏ ڍورو پراڻ به گذري ٿو. هن وقت ٻنهي سم نالن گڏجي عمر ڪوٽ، ڊگهڙي، ٽنڊو جان محمد، خدا آباد، ربو ٽالپر، جهڏو، روشن آباد، نئون ڪوٽ ٻوڙي ڇڏيا آهن ۽ ضلع بدين ۾ داخل ٿيڻ شرط ملڪاڻي، سانگي، ڦرهو، پنگريو، سمن سرڪار، شادي لارج، کوسڪي نندو شهر، جا ڳوٺ ۽ علائقا ٻوڙي ڇڏيا آهن.

هنن ئي علائقن مان 50 انساني لاش ڪڍيا ويا آهن. جن مان ڪيترن جي اڃا سڃاڻپ به نه ٿي سگهي آهي.

3_ اسپائنل ڊرين صرف 4 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي نيڪال لاءِ ٺهيل هئي. ان تي پلون، پاڻي جي ڪراس جا ماڊيول به ان حساب سان ٺهيل هئا. هاڻوڪي برساتن ۽ پاڻي جي شديد دٻاءَ سبب اهي سڀ لڙهي يا ٽٽي ويا آهن.

4_ پاڻي جي شديد دٻاءَ سبب ونگي پتڻ وٽ اسپائنل ڊرين ٻه دفعا گهارا هڻي. ڪيترائي ڳوٺ ۽ آباديون ٻوڙيون آهن.

5 اسپائنل ڊرين جي ڪپرن ۽ پاڻي جي دٻاءَ وارو حصي تي خاص مرمت نه هئڻ سبب هر وقت آس پاس لاءِ خطرناڪ حالت ۾ رهي ٿي. هن مان هر وقت موت جي بدبوءِ ايندي رهندي آهي.

نتيجو

1 سنڌ لاءِ ڪيل سمورن فيصلن ۾ سنڌي عوام يا سنڌي جي گهڻ گهرن، سڄڻن، اديبن، دانشورن کي شامل ئي نه ڪيو ويندو آهي. نه ئي مقامي عوام سان ڪا صلاح مصلحت ڪئي ويندي آهي. نتيجي ۾ سنڌ لاءِ ڪيل سمورا فيصلا، سنڌ دشمني ۽ منافقي تي ٻڌل نظر اچن ٿا. انهن ۽ اهڙن خطرناڪ فيصلن ۾ ايل بي او ڊي رٿا لاءِ 60 ارب روپيا قرض کڻي بيورو ڪريسي ۽ آفيسر شاهي پنهنجا ڀڀ ڀريا ۽ سنڌ جو دائمي هاڃيڪار نقصان ڪيو. ان جو فورن ازالو ڪيو وڃي نه ته اهو نقصان ڪار عمل بيماري وانگر وڌندو رهندو.

2_ هن حڪومت جي مک اڳواڻن خاص طور محترمه فهميده مرزا صاحبه اقتدار کان اڳ واعدو ڪيو هو ته “اقتدار ۾ اچڻ شرط هن منصوبي جو فورن صحيح حل ڪڍيو ويندو.” پر سندس ان راءِ تي ڪوبه عمل نه ٿيو آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو