Home / افيئر / !فرانس: اڳوڻي صدر شيراڪ تي رشوت وٺڻ جو الزام
above article banner

!فرانس: اڳوڻي صدر شيراڪ تي رشوت وٺڻ جو الزام

فرانس جي اڳوڻي صدر شيراڪ جي هڪ اڳوڻي صلاحڪار مٿس الزام مڙهيو آهي ته آفريقي اڳواڻ ياڪ شيراڪ ۽ سندس وزير اعظم ڊومنيڪ ڊي ولپان کي چونڊ مهم لاءِ ڏوڪڙن سان ڀريل بريف ڪيس ڏنا هئا. ان حوالي سان ايندڙ سال ٿيندڙ چونڊن جي امڪاني اميدوار ولپان اهڙن الزامن جي ترديد ڪئي آهي. آفريقي رابطن جو نيٽ ورڪ رکندڙ هڪ وڪيل رابرٽ بروگي جيڪو 2005 کان اڳ ياڪ شيراڪ ۽ ڊي ولپان کي صلاحون ڏيندو هو هڪ فرانسيسي اخبار سان ڳالهائيندي اهي الزام مڙهيا هئا. هن چيو ته هو ذاتي طور تي ياڪ شيراڪ کي پئرس ۾ ڪيترائي بريف ڪيس ان وقت ڏيڻ ۾ شامل هو. هو پئرس جو ميئر هو. هو وڌيڪ چي ٿو ته جيڪا رقم ياڪ شيراڪ کي ڏني ويندي هئي اها ڪڏهن به 50 ملين فرانڪ کان گهٽ نه هوندي هئي بلڪه اها 15 ملين فرانڪ به هوندي هئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو