Home / ويندي ويندي / سوني جهرڪي
above article banner

سوني جهرڪي

جن سان اها ڪار ٿيل هجي تن کي خبر ته لال جهرڪي ڇا هوندي آهي_ ٻهراڙي ۾، جتي طهر عرف رسم سنت جو فرض اڃا تائين ڊاڪٽرن بجاءِ حجامن حوالي ٿيل آهي اتي ٿيندو ڇا آهي ته جنهن ٻار جي طهر ڪرڻي هوندي آهي ان کي اڇا ڪپڙا ۽ ڳاڙهي گوڏ پارائي، ڳانا ۽ موڙ ٻڌي، وٺي اچي پاٽوڙي تي ويهاربو آهي. ان کان پوءِ حجام ڪارروائي شروع ڪندو آهي. مٿان بيٺل چاچن، مامن ۽ سنگتين ڏي ڏسندڙ ننڍڙي گهوٽ جي وات ۾ ڪٽيل مصري پئي وڌي ويندي آهي، اوچتو کيس حجام يا ڪو ٻيو رڙ ڪندي چوندو آهي ته مٿي سوني جهرڪي ڏس! گهوٽ صاحب مٿي ، آسمان تي سوني جهرڪي ڳوليندو آهي ۽ هيٺ سندس ڪم لهي ويندو آهي. سوني جهرڪي ڏسڻ جي حسرت کيس تيستائين رهندي آهي جيستائين سمجهه جي عمر کي پهچڻ کان پوءِ کيس وڏڙن جي چالاڪي ۽ ساڻس ٿيل حرفت سمجهه ۾ اچي وڃي.

گذريل سال سنڌ ۾ درياءُ ٻوڙان ٻوڙ ڪئي. هن سال برسات. هونئن ته اهڙين قدرتي آفتن کان پوءِ سرڪار ئي ماڻهن جي واهر ڪندي آهي پر پاڪستان ۽ خاص طور ۾ سنڌ ۾ سرڪار پاڻ کي اهڙي خفي ۾ وجهڻ نه پئي چاهيو. ڪير ماڻهن کي رليف ڪئمپن ۾ ٽڪائي، ماني کارائي، پاڻي لهڻ کانپوءِ ڳوٺ موٽائي ۽ گهر ٺاهي ڌنڌي ڌاڙي سان لڳائي. اهي ڪم واندين سرڪارن جا آهن. اسان وارا صاحب مفاهمتي پاليسي هيٺ ڪرسي بچائڻ ۽ ايندڙ اليڪشن جو خرچ پکو ڪڍڻ ۾ ايترا ته مصروف آهن جو هاڻ سندن دل چوي ٿي ته وزارتون به ٺيڪي ۽ ڪميشن تي ڏيئي پاڻ ڏوهه گناهه بخشرائي، سليٽ صاف ڪري، وري زيرو کان اسٽارٽ ڪرڻ لاءِ ڀلي پار زيارتن تي هليا وڃن. پر پوءِ الائي ڪهڙي مجبوري سبب کين سنڌ ۾ رهڻو پوي ٿو ۽ ماڻهن جا مهڻا به سهڻا پون ٿا. سو، سرڪاري صاحبن اها ٽل ڪڍي ته ماڻهن جو ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪا سوني جهرڪي ايجاد ڪجي. ڪنهن اڪابر کين “وطن ڪارڊ” ڏيڻ جي صلاح ڏني. صلاح ڪم ڪيو. صلاح ڏيندڙ جو نالو تاريخ ۾ ميڪا ولي جي صف ۾ ورتو ويندو. اهي ماڻهو جيڪي ٽوڙيءَ بند ٽٽڻ جي نتيجي ۾ گهر ٻار رولي وڃائي ويٺا هئا تن کان وسري ويو ته سرڪار کي سندن کاڌ خوراڪ، رهائش ۽ پنهنجي اجهن ڏي باعزت واپسي جو بندوبست ڪرڻ باقي آهي. نادرا جي سينٽرن ٻاهران وطن ڪارڊ وٺڻ وارن جي رش ۾ سنڌ جي عزت نفس ۽ وقار لتاڙجي ويو. ماڻهو سرڪاري ڪارڪنن بجاءِ هڪٻئي کي ڌڪا ٿيلها ڏيڻ ۽ مڪون وسائڻ لڳا. هيل درياءُ جي الهندي ڪپ تي آيل آفت جي نتيجي ۾ ٿيل دربدري تان ڌيان هٽرائڻ لاءِ سرڪار سوني جهرڪي پارٽ ٽو عرف پاڪستان ڪارڊ متعارف ڪرايو آهي.سو روڊن جي ڪنارن تي خانه بدوش کان بدتر زندگي گذارش تي مجبور ماڻهن کي سج لٿي کان صبح تائين رڳو نادرا جي ڪارڊ سينٽر پهچڻ ۽ ڪارڊ جي ڳڻتي ۾ ننڊ نه ايندي آهي. کين وسري ويو آهي ته سرڪار سندن ڳوٺن ۽ شهرن مان پاڻي نيڪال نه ڪرڻ جي فرض ۾ ته گٿي ئي گٿي آهي پر کين دربدري ۾ جيڪا سار سنڀال ملڻ کپي سا به نه پئي ملي. کين محض ڪارڊ ملڻ جي ڳڻتي آهي ۽ جيڪڏهن ميڪاولي ۽ چانڪيه اڄ جيئرا هجن ها ته وطن/ پاڪستان ڪارڊ جي آئيڊيا جي خالق کي مڙس مڃي باقي حياتي سندس در تي پاڻي ڀرڻ وارو ڪم ڪن ها.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو