Home / افيئر / !هالينڊ: بئنڪ کاتيدارن کي نفعي ۾ پنير ڏيندي
above article banner

!هالينڊ: بئنڪ کاتيدارن کي نفعي ۾ پنير ڏيندي

 

هالينڊ جي هڪ بئنڪ پنهنجي کاتيدارن کي نفعي ۾ رقم ڏيڻ بدران پنير ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اي ايس اين نالي بئنڪ هڪ سيڙپڪاري فنڊ شروع ڪرڻ تي ويچاري رهي آهي، جنهن جو مقصد حياتياتي دٻاءُ پئدا ڪرڻ آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ کاتيدارن کي نفعي طور پنير ملندو. منصوبي مطابق هڪ هزار يورو جي سيڙپڪاري تي ساليانو چار ڪلو گرام پنير نفعي طور ڏنو ويندو. اهو پنير ان ئي علائقي مان حاصل ڪيو ويندو، جنهن علائقي سان سيڙپڪار جو تعلق هوندو. کاتيدارن کان حاصل ٿيندڙ سرمائي مان زمين خريد ڪئي ويندي ۽ پوءِ اها زمين هارين کي مارڪيٽ ويليو جي هڪ سيڪڙو تي ليز تي ڏني ويندي. ليز تي زمين حاصل ڪندڙ هارين کي بئنڪ طرفان مقرر ڪيل قاعدن ۽ ضابطن جي پوئواري ڪندي ڀاڻ ۽ ڪيڙي مار دوائون استعمال ڪرڻيون پونديون ته جيئن زرعي پئداوار ۾ واڌ آڻي سگهجي. جڏهن ته بئنڪ جا وڪيل ان ڳالهه جي پڪ ڪندا ته سيڙپڪارن کي ملندڙ نفعي تي ٽيڪس ڪهڙي ريت لاڳو ڪيو وڃي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو