Home / افيئر / !ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ تڪرار ختم ٿيڻ جي اُميد
above article banner

!ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ تڪرار ختم ٿيڻ جي اُميد

ڀارتي وزير اعظم من موهن سنگهه يقين ظاهر ڪيو آهي ته ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ طئي ٿيندڙ معاهدي کانپوءِ هاڻي ٻنهي ملڪن جا سمورا سرحدي تڪرار ختم ٿي ويندا. اهڙو اظهار هن بنگلاديش جي سرڪاري دوري جي موقعي تي ڍاڪا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن جو چوڻ هو ته اهي تڪرار هينئر تائين ٻنهي پاڙيسري ملڪن وچ ۾ سٺن لاڳاپن ۾ وڏي رڪاوٽ آهن. واضح رهي ته ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ ڪيترن ئي معاملن بابت تڪرار موجود آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ 4 هزار ڪلو ميٽرن کان وڌيڪ ڊگهي سرحد تي طئي نه ٿيل هنڌن ۽ ٻنهي ملڪن ۾ رهڻ ۽ سرحد پار آزاد نموني چرپر ڪندڙ ڀارتي ۽ بنگلاديشي شهرين جا تڪرار به شامل هئا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو