Home / افيئر / ڪراچي: ٻرندڙ لاوو ڪيئن ڦاٽو؟
above article banner

ڪراچي: ٻرندڙ لاوو ڪيئن ڦاٽو؟

آمر ضياءَالحق جي دور ۾ جڏهن ڪراچي جو ٻرندڙ لاوو ڦاٽو هو تڏهن ٽريفڪ حادثي ۾ هڪ شاگردياڻي بشريٰ زيدي جي فوت ٿي وڃڻ کانپوءِ فساد شروع ٿي ويا هئا ۽ پوءِ ڪراچي جون حالتون انتهائي سنگين ٿي ويون هيون. ان وقت وفاقي حڪومت ڪراچي جي صورتحال، مسئلن ۽ امن امان بابت هڪ تحقيقاتي ڪميشن پڻ قائم ڪئي هئي، جنهن جو مقصد ڪراچي جي جهيڙن، بدامني ۽ لاقانونيت ۽ فساد جو پسمنظر معلوم ڪرڻ هو. اها ڪميشن وفاقي حڪومت جي ڪيبنيٽ ڊويزن جي نوٽيفڪيشن 1985()212/DSL هيٺ تاريخ 10 آڪٽوبر 1985ع تي قائم ڪئي وئي هئي. ڪميشن جو چيئرمين مسعودالزمان هو، ميمبرن ۾ ڊاڪثر معين الدين بقائي (تڏهوڪو وفاقي سيڪريٽري پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ ڊويزن) ڊاڪٽر ايم ايم حسن (تڏهوڪو فيڊرل انسپيڪشن ڪميٽي جو ميمبر) پرويز احمد بٽ (تڏهوڪو سيڪريٽري سنڌ) هئا.

ڪميشن طرفان بعد ۾ جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته ڪراچي ڊويزن جي مجموعي ايراضي 3366 چورس ڪلو ميٽر آهي، 1843ع ۾ جنهن وقت انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو هو ان وقت ڪراچي شهر جي مجموعي آبادي 14000 تي مشتمل هئي. 1941ع جي آدمشماري مطابق ڪراچي جي آبادي 3،86،655 ماڻهن تي ٻڌل هئي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ آباديءَ ۾ تيزي سان واڌ آئي جنهن جو ڪارڻ ڀارت مان مهاجرن جي لڏپلاڻ ۽ صنعتي ترقي پڻ هو.

ڪميشن ڪراچي ۾ بدامني جي ڪارڻن ۾ اهو پڻ لکيو آهي ته آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ به ان جو سبب آهي. رڳو پاڪستان جي ٻين علائقن نه پر سريلنڪا، ڀارت، افغانستان، ايران ۽ بنگلاديش جا ماڻهو به وڏي تعداد ۾ ڪراچي ۾ ترسيل آهن. ڪميشن تڏهن واضح ڪيو هوته هڪ اندازي موجب هن وقت به ڪراچي ۾ پنج لک بنگالي موجود آهن. آبادي ۾ واڌ سبب مسئلن ۾ به واڌارو ٿيو آهي. ڪراچي ۾ ٻهراڙين مان آبادي شهرن طرف به منتقل ٿي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته پاڪستان جون ٻهراڙيون پٺتي پيل آهن. انڪري روزگار کان وانجهيل ٻهراڙين جا ماڻهو شهرن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن. ڪميشن ان سلسلي ۾ ڀارت جي شهر ڪلڪتي جو مثال ڏنو آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪلڪتي ۾ به ڀارت جي ٻهراڙين مان سنگين مسئلن جو شڪار ماڻهو ايندا آهن ۽ تڪليفن کي منهن ڏيندي ڪلڪتي جي رستن تي ئي مري ويندا آهن.

ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته ڪراچي ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي ۾ گهٽتائي، آباديءَ ۾ واڌ، مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن وچ ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻي آهي. ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ اهو نتيجو پڻ ڪڍيو آهي ته ڪراچي ۾ بدامني ۽ لاقانونيت جو اصل سبب رڳو آبادي ۾ واڌ ۽ سهولتن جي کوٽ نه پر لساني بنيادن تي آبادين جو قيام آهي. ڪراچي جي صنعتي ۽ ڪاروباري اهميت جو ذڪر ڪندي ڪميشن واضح ڪيو هو ته ڪراچي جي مختلف وسندين ۾ جتي لساني بنيادن تي آباديون قائم آهن. اهڙي طرح شهر ۾ وڻج واپار تي به مختلف گروهن جو قبضو آهي. مثال طور ٽرانسپورٽ جي شعبي (ٽئڪسي رڪشا سميت) تي پٺاڻن جو قبضو آهي. اهڙي طرح صنعتي مزدورن ۾ وڏو انگ سرحد ۽ پنجاب جي ماڻهن جو آهي. ڪراچي پورٽ جي ملازمن ۾ گهڻو تڻو لياري جا بلوچ ۽ جزوي طور پٺاڻ آهن، جڏهن ته ڪراچي م ننڍي سطح جو ڪاروبار ۽ دڪان اهڙن ماڻهن وٽ آهن جيڪي 1947ع ۾ ورهاڱي کانپوءِ ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيا هئا. ڪراچي ۾ هاڻوڪن فسادن کي ا ن پسمنظر ۾ ڏسي سگهجي ٿو. بشريٰ زيدي جي ٽريفڪ حادثي ۾ مري وڃڻ خلاف شديد رد عمل جو سبب اهو هو جو ڊرائيور، پٺاڻ هو ۽ مري ويندڙ ڇوڪري اردو ڳالهائيندڙ هئي. ان ٽريفڪ حادثي جي ڪري ڪراچي ۾ مهاجر پٺاڻ فساد شروع ٿيا جيڪي پوءِ اورنگي ٽائون تائين ڦهلجي ويا. ان بعد ملڪ جي مختلف علائقن ۾ هٿوڙا گروپ جو سرگرميون به ڏسڻ ۾ آيون، جنهن لاءِ چيو اهو ٿو وڃي ته آمر ضيا پنهنجي اقتدار کي طول ڏيڻ لاءِ نفسياتي حربي طور اهو سلسلو شروع ڪرايو هو، ان کانپوءِ لياري به جهيڙن جي لپيٽ ۾ اچي وئي.

ڪميشن ڪراچي جي بدامني جي سماجي ۽ معاشي پهلوئن تي نظر وجهندي رپورٽ ۾ لکيو هو ته ڪراچي ۾ پڙهيل لکيل ماڻهن جو انگ تمام گهڻو آهي، سياسي شعور به وڌيڪ آهي. تعليم يافته نوجوان ۽ عورتون پنهنجي حقن بابت وڏيڪ حساس آهن. ان ڪري ڪراچي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ لاقانونيت جو هڪ ڪارڻ وڌندڙ بيروزگاري پڻ آهي. ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي، بجلي پبلڪ ٽرانسپورٽ، گيس سميت ٻين مسئلن بابت واضح ڪيو هو ته بنيادي سهولتن جي اڻاٺ به شهرين ۾ بي چيني جو ڪارڻ آهي.

ڪميشن ڪراچي ۾ مقامي عدالتن ۽ قانوني نظام جي خامين، ڪمزورين ۽ انصاف ۾ دير کي به رپورٽ جو حصو بڻائيندي موقف ڏنو ته ڪرمنل ۽ سول عدالتن ۾ هن وقت به هزارين ڪيس هلندڙ آهن جنهن ڪري شهرين جي مشڪلاتن ۾ واڌ آئي آهي، ججن جي گهٽتائي به انصاف ۾ دير جو ڪارڻ آهي. پوليس جو نظام به فرسوده آهي ۽ جديد تقاضائن سان هم آهنگ ناهي. ان ڪري ڪراچي ۾ اهڙن پوليس آفيسرن جي مقرري ضروري آهي جيڪي هتان جي مقامي صورتحال کان واقف هجن.

ڪميشن ڪراچي ۾ غير قانوني هٿيارن جي واپار ۽ منشيات جي ڦهلاءُ کي به اهم ڄاڻايو هو، ساڳي وقت شهري ادار ن ۾ بدعنوانين جي خاتمي لاءِ به تجويزون مرتب ڪيون هيون. ڪميشن عدالت ۾ انصاف جي تڪڙي فراهمي ۽ پوليس جي ناقص جاچ نظام کي تبديل ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. ڪميشن شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڊگهي مدي وارا قدم کڻڻ جي سفارش پڻ ڪئي هي.

ڪميشن يونيورسٽين لاءِ اعليٰ تعليم يافته پسمنظر رکندڙ عملدارن تي ٻڌل يونيورسٽي پوليس فورس ٺاهڻ جي سفارش ڪندي چيو هو ته يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليمي نظم و ضبط کي يقيني بڻايو وڃي.

بدقسمتي چئجي جو 1985ع ۾ وفاقي حڪومت جي قائم ڪيل ان ڪميشن طرفان ڏنل تجويزن ۽ سفارشن تي عمل نه ڪيو ويو ۽ هاڻي 2011 ۾ به ڪراچي جو ٻرندڙ جبل عالمي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ٺوس تجويزون مرتب ڪيون وڃن ۽ انهن تي عمل ڪيو وڃي. ڪراچي جو بحران گهڻ رخو آهي، اهو حل ڪرڻ لاءِ تدبر گهرجي. ڪراچي ۾ بدامني سبب سڄو ملڪ متاثر ٿئي ٿو ۽ ڪراچي جي صورتحال جي ڪري قومي معيشت تي به منفي اثر پون ٿا. رڳو مسئلن جو اظهار ڪرڻ ضروري ناهي، بلڪه انهن مسئلن جي حل لاءِ عمل جوڳيون تدبيرون به اختيار ڪرڻ ضروري آهن، بلڪه اهڙي ريت جيئن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ قائم خصوصي بئنچ ڪراچي جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ تي زور ڏنو آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو