Home / افيئر / !ڪراچي: لينڊ مافيا جي 200 ماڻهن خلاف ڪريڪڊائون
above article banner

!ڪراچي: لينڊ مافيا جي 200 ماڻهن خلاف ڪريڪڊائون

سنڌ اسيمبليءَ ۾ اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي استعيفيٰ اڃا تائين پيش نه ٿي آهي. جڏهن ته ڊاڪٽرمرزا پنهجون چار استعيفائون شرجيل ميمڻ ذريعي صدر آصف زرداريءَ کي موڪلي ڇڏيون هيون. جن ۾ سينيئر وزارت، ورڪس اينڊ سروسز جي وزارت، سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر شپ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر نائب صدر جي عهدن جون استعيفائون شامل آهن. ذوالفقار مرزا جنهن ڏينهن بغاوت جو علم کنيو ته ان چيو هو ته هو پاڻ وٽ صرف پارٽيءَ جي ڪارڪن واري حيثيت رکندو، جنهن تان کيس ڪير به هٽائي نه ٿو سگهي. سندس چوڻ هُئو باقي سڀ عُهدا صدر آصف علي زرداريءَ جون امانتون آهن. جيڪي کيس واپس ڪري ڇڏيون. انهن استعيفائن کانپوءِ جيڪو طوفان آيو، ان مُلڪي سياست ۾ خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ وڏي تبديلي آندي. شهر جي مالڪي جا دعويدار اڃا تائين “ماٺ” ۽ سرڪار ۾ شامل ٿيڻ جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن. مهيني ڏيڍ ۾ سندن 200 کن نامي گرامي ماڻهو گرفتارٿيا آهن ۽ اِهو سلسلو جاري آهي. اهڙي گرفتاري ۽ ليپاپوتي واري آپريشن لاءِ اصل ۾ سرڪار تي سپريم ڪورٽ جو دٻاءُ آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جون ٻيون استعيفائون ته منظور ٿيون پر سندس سنڌ اسيمبليءَ واري استعيفا اڃا تائين آسمان ۾ لڙڪي رهي آهي. سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر نثار احمد کهڙو چوي ٿو ته وٽس اُها استعيفا ڪانه پهتي آهي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ذوالفقار مرزا جيڪو طوفان اُٿاريو ان جي ڌوڙ سندس دبئي وڃڻ کان پوءِ ويهي وئي آهي. ذوالفقار مرزا جي سنڌ اسيمبليءَ تان استعيفا هاسيڪار سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ئي نه ڪئي وئي آهي. صدر آصف علي زرداريءَ ان ڏس ۾ صلاح لاءِ بابر اعواڻ کي مقرر ڪيو هئو. بابر اعواڻ ڪجهه ڏينهن اڳ وزير اعليٰ هائوس ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار احمد کهڙو سان ان مامري تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ قانون نقطا کوليا. ان کانپوءِ اهو ڪارڻ سامهون آيو ته جيئن ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي استعيفا هٿ سان لکيل ناهي ان ڪري ڪيئن منظور ڪجي. ذريعن چواڻي پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ۽ڊاڪٽر مرزا کي سندس وني ۽ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر فهميده مرزا ذريعي پيغام به پهچايو ويو آهي. ڊاڪٽر مرزا جا ويجها حلقا ٻڌائين ٿاته سندس خاموشي عارضي آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي حمايت ڪندڙ ڪيترن ماڻهن جا نالا سرڪاري ادارن جي ان رپورٽ ۾شامل آهن جيڪا وزير اعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. اهڙن 80 ماڻهن لاءِ چيو ويو آهي ته اُهي ڪراچي ۾ زمينن ۽ پلاٽن تي قبضا ڪندا آهن ۽ سندن قبضي هيٺ زمينون آهن. ذريعن چواڻي وزير اعظم کي جيڪا لسٽ پيش ڪئي وئي آهي اُها سڄي ڪراچيءَبابت نه پر مخصوص علائقن بابت آهي. ڇو ته ڪراچيءَ ۾ انٽيليجنس ادارن “لينڊ مافيا” يا قبضوگيرن جي جيڪا لسٽ ٺاهي آهي انهن ماڻهن جو انگ 200 کان وڌيڪ آهي ۽ ان ۾ سياسي پارٽين سان واسطو رکندڙ ماڻهو به آهن. ذريعن چواڻي ته اصلي لسٽ مان هڪ پارٽيءَ جي اهم ماڻهن جا نالا غائب ڪري ڪجهه مخصوص ماڻهن تي هٿ وجهڻ لاءِ اجازت گهري ورتي آهي. جن ۾ سنڌي ، بلوچ، پشتون گهڻا آهن. جن ۾ ڪجهه قومپرست پارٽين جي ماڻهن جا نالا به شامل آهن پر اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا وٽ پڻ لينڊ مافيا، قبضاگيرن ۽ پلاٽ اسڪينڊل ۾ شامل ماڻهن جي لسٽ آهي. ان لسٽ ۾ شهر اندر شهري علائقن جي زمينن تي قبضي جا تفصيل آهن. شهر جي نالن، فٽ پاٿن، فلاءِ اورز، ۽ اهم پلاٽن تي قبضا شامل آهن. ذوالفقار مرزا جي لسٽ مطابق شهراندر اڪثر قبضاگيرن کي شهري جماعت جا اهم ماڻهن جي سرپرستي حاصل آهي. ذوالفقار مرزا جي لسٽ مطابق زمينن ۽ پلاٽن تي قبضا ڪندڙن ۾ سنڌ جو گورنر عشرت العباد، بابر غوري ۽ مصطفيٰ ڪمال به شامل آهن. ذريعن موجب وزير اعظم کي پيش ڪيل 80 ماڻهن جي لسٽ پڻ اڃا تائين لڙڪيل آهي. ساڳي لسٽ ۾ سپريم ڪورٽ پاران پڻ آءِ جي سنڌ کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي آهي ۽ پوليس کي ان لسٽ تي عمل ڪرڻ لاءِ وقت پڻ مليل آهي پر مقرر وقت تي ان لسٽ تي عمل ٿيڻ جو امڪان گهٽ نظر اچي رهيو آهي. ڇو ته ڪراچي ۾ لينڊ مافيا جو مسئلو ضرور آهي پر سپريم ڪورٽ کي پيش ڪيل تفصيلن ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي ۾ زمين تي قبضا پڻ ”سياست زده” آهن ۽ ان ۾ سياسي پارٽين جا ماڻهو ملوث آهن. قانوني ماهرن جو خيال آهي ته هي خود هڪ الڳ ڪيس آهي. ڪراچي ۾ زمينن تي قبضن جو اسڪينڊل کربين روپين جو آهي. ان کي رڳو ٽارگيٽ ڪلنگز ۽ دهشتگردي سان ڳنڍي مسئلو حل نه ڪري سگهبو. ان لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ڪير الڳ پٽيشن داخل ڪري يا خود سپريم ڪورٽ هلندڙ ڪيس دوران اهڙيون هدايتون ڏئي جو ان بابت ڪارروائي ڪئي وڃي يا الڳ بئنچ جوڙي وڃي جيڪا هن ڪيس کي ٻڌي سگهي.

ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ڪراچي دهشتگردي ڪيس هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن پر ظاهر آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ذوالفقار مرزا کي طلب نه ڪيو ويو پر ذريعن موجب سپريم ڪورٽ ۾ اي اين پي جي وڪيل افتخار گيلاني ۽ عوامي تحريڪ جي سرواڻ رسول بخش پليجو اهڙا ڪيترائي تفصيل پيش ڪيا جن جا ثبوت ذوالفقار مرزا وٽ آهن. ڪراچي ۾ لينڊ مافيا ۽ زمينن تي قبضي خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ لاءِ ڪجهه قانوني ماهرن ۾ صلاحون جاري آهن ۽ شايد جلد هڪ وڏو اسڪينڊل سامهون اچڻ وار وآهي. پر جيڪڏهن سپريم ڪورٽ وزير اعظم جي هدايتن تي پيش ڪيل 80 ماڻهن خلاف ڪارروائي جا تفصيل طلب ڪيا ته ممڪن آهي ته ان دوران هي ڪيس به سامهون اچي وڃي. ڪراچي ۾ زمينن تي قبضي ۾ ملوث 80 ماڻهن جي تيار ڪيل لسٽ بابت خود وزير اعليٰ هائوس جي ذميوارن چيو ته اها لسٽ تڪراري آهي ۽ اصلي ناهي. جنهن جو مطلب آهي ته اصلي لسٽ اڃا ڪا ٻي آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جيڪڏهن ٻيهر ميدان تي آيو ته شايد هاڻي هُو 200 ماڻهن جي لسٽ منظرعام تي کڻي اچي جنهن ۾ وڏا وڏا نالا شامل آهن. پر في الحال سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال سبب ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ويجهن حلقن چواڻي هُو ڪو ٻيو سياسي طوفان اٿارڻ بدران ڪجهه وقت ٻوڏ متاثرن تي وقت ڏيندو ۽ وقت اچڻ تي هُو ٻيهر ڪو نئون ڌماڪو ڪندو. ڇو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تي تنقيد ڪندڙ ن جي اڪثريت مٿس اِهو الزام هڻي ٿي ته هُو قبضا ڪندڙن جي سرپرستي ڪري ٿو. اهڙي الزام کي ڌوئڻ لاءِ هُو انهن 200 ماڻهن جي لسٽ جاري ڪري سگهي ٿو جنهن ۾ سنڌ جا وڏا وڏا سياسي نالا شامل آهن.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو