Home / شوبز / !قطرينا سلمان کانسواءِ اڌوري
above article banner

!قطرينا سلمان کانسواءِ اڌوري

جيتوڻيڪ سلمان خان ۽ قطرينا ڪيف وچ ۾ نينهن جو ناتو ٽٽي به عرصو ٿيو، پر پوءِ به هي جوڙو هڪ ٻئي کانسواءِ رهي نٿو سگهي ۽ جڏهن به کين هڪٻئي جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي هو ويجهو اچيو وڃن. قطرينا ڪيف تازو ئي لنڊن ياترا دوران جڏهن پنهنجي فلم “ميري برادر ڪي دلهن” جي پريميئر لاءِ هوٽل ويندي رستو ڀلجي وئي ته به سلمان خان ئي کيس ڪم آيو ۽ هن پنهنجو هڪ دوست قطرينا ڪيف وٽ موڪلي کيس پنهنجي منزل تائين پهچرايو. ايئن ئي ابوظهبي کان لنڊن ويندي قطرينا ڪيف کي ايئرپورٽ وڃڻ لاءِ گاڏي هٿ نه پئي آئي ۽ هوءَ اڌ ڪلاڪ تائين روڊ تي پريشان ٿيندي رهي، ايتري ۾ سندس فلائيٽ به وڃڻ واري هئي جو هن لنڊن ۾ ويٺل سلمان خان سان رابطو ڪري سندس مدد لاءِ چيو. قطرينا ڪيف ڀارت ۾ هجي يا ڀارت کان ٻاهر سلمان خان ئي اهو پهريون ۽ آخري شخص هوندو آهي جيڪو قطرينا جا سمورا مسئلا حل ڪري وٺندو آهي ۽ قطرينا به سلمان خان کانسواءِ رهي نٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته اهو ناتو ورهين جو آهي، ڪجهه به هجي ٻنهي جي دلين ۾ هڪٻئي لاءِ تمام گهڻو پيار اڃا تائين موجود آهي. ڏسجي ته هن جوڙي جو ميلاپ وري ٿئي ٿو، يا هر ڪو پنهنجو گس ٿو وٺي؟

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو