Home / ڪور افيئر / !سنڌ لاءِ سوناميءَ جهڙي ٻوڏ
above article banner

!سنڌ لاءِ سوناميءَ جهڙي ٻوڏ

10 آگسٽ 2011 کان ڏکڻ سنڌ ۾ آيل برساتي ٻوڏ جهڙي طرح سان ڀيانڪ تباهي مچائي جيڪا دهشت ۽ وحشت پيدا ڪئي آهي. ان المناڪ تباهي جا دل ڏاريندڙ منظر ڏسي هانوَ ڦاٽي ٿو. ڏکڻ سنڌ ۾ هن کان اڳ پڻ اهڙيون بيشمار قدرتي آفتون اينديون رهيون آهن. پرهن ڀيري آيل آفت کي لکين ٻوڏ متاثر ۽ ساڃاهه وند ماڻهو قدرتي گهٽ ۽ هٿرادو پيدا ڪيل آفت وڌيڪ قرار ڏئي رهيا آهن. ويجهي ماضي ۾ ڌکڻ سنڌ ۾ لاڙ جي ٻن تاريخي ضلعن بدين ۽ ٺٽي ۾ 19 مئي 1999ع ۾ آيل دهشتناڪ سامونڊي طوفان ۽ 25 جولاءِ 2003 جي ايل بي او ڊي

وگهي آيل ڀيانڪ سامونڊي ٻوڏ اهڙيون آفتون هيون جن کي هتي جي مقامي ماڻهن گذريل هڪ صدي جون سڀ کان وڏيون خوفناڪ آفتون قرار ڏنو هو.جنهن تي ملڪي حڪمرانن ۽ واسطيدارن سرڪاري ڪامورن کي يقين نه آيو ۽ انهن سامونڊي طوفان ۽ تيز برساتن کي قدرتي آفتون سڏيو. پر بعد ۾ سڀني کي خبر پئي ته مٿيون ٻئي آفتون واپڊا ۽ ورلڊ بئنڪ جي ناڪام ايل بي او ڊي ميگا پراجيڪٽ وسيلي آيون. جنهن ۾ هزارين ماڻهو موت جو کاڄ ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿيا. جن جو الهه تلهه تباهه ٿي ويو. 2003ع جي ٻوڏ ۾ بدين ضلعو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو جنهن ۾ ضلعي جو ڏاکڻو قديم ڊيلٽائي ڀاڱو ولاسو مانڌر جتان 6 عدد قديم درياهه وهندا هئا، اهو هڪ رات ۾ 10 کان 17 فوٽ کاري سامونڊي پاڻي هيٺ اچي ويو، رات جو اک ڇنڀ ۾ اهڙي طرح سان پاڻي ماڻهن جي سرن تي چڙهي ويو جو ماڻهن کي سر بچائڻ جي به مهلت نه ملي. ملاح ذات جا ماڻهو جيڪي ٻاررين ٻچين خانداني طور تي مها تارو آهن. پر ٻهڊمي لڳ ڳوٺ صالح ملاح جا هڪئي ڪٽنب جا 11 ڀاتي لهرن ۾ لڙهي موت جو بک بڻجي ويا. جن مان ڪيترن جا لاش به لڀي نه سگهيا جن جا لاش مليا انهن جي دفن ڪرڻ لاءِ سڄي ٻوڏ متاثر علائقي ۾ پاڻي کان خالي زمين جا ٻه گز به نه بچيا هئا. ايل بي او ڊي، جي ان خوني ٻوڏ ۾ بدين ضلعي جي انتظاميه طرفان سرڪاري طرح 300 ماڻهن جي موتن جي تصديق ڪئي وئي. جڏهن ته غير سرڪاري سروي ۾ انساني موتن جو انگ 500 کان وڌيڪ ٻڌايو ويو. ان ٻوڏ ۾ لکن جي تعداد ۾ چوپايو مال مري ويو ۽ ان سان گڏ جهنگلي جانور ۽ پکي پڻ لکن جي تعداد ۾ موت جو شڪار ٿي ويا. جڏهن ته ان ٻوڏ ۾ اربين روپين جي ماليت جا زرعي فصل مرچ، ساريال، ڪمند، ٽماٽا، آرڻ ۽ ڀاڄيون سو سيڪڙو تباهه ٿي ويون.

 

هن سال وري بدين ضلعي ۾ لکين ايڪڙن تي ڦٽين جو قيمتي فصل پوکيو ويو ۽ بدين جي آبادگارن جي دعويٰ هئي ته اهي هن سال سڄي ملڪ ۾ ڪپهه جي پيداوار ۾ اول نمبر حاصل ڪندڙ ضلعي سانگهڙ سان مقابلو ڪندا. پر هن تازي آيل برساتي ٻوڏ ۾ بدين ضلعي ۾ ٻين سمورن زرعي فصلن سان گڏ ڪپهه جو نازڪ فيصل اهڙي طرح سان سو سيڪڙو تباهه ٿي ويو ڄڻ ته اهو پوکيو ئي نه ويو هو. 2003ع جي ٻوڏ ۾ سنڌي سمنڊ ايل بي او ڊي جي غير فطري طور تي سمنڊ سان ڳنڍيل تباهه ٿيل اجگر سم نالي ٽائيڊل لنڪ روڊ رستي بدين تي اٿلي پيو هو. جنهن ۾ بدين ضلعي جا ٽي تعلقا بدين، گولاڙچي ۽ ٽنڊو باگو تباهه ٿي ويا. اهو ان ڪري جو، مذڪوره ٽنهي تعلقن جي حدن مان ايل بي او ڊي راڪاس جا ٽي مک سم نالا گذرن ٿا، جن اٿل ڪري ابتو وهي کاري سامونڊي پاڻي سان ٽنهي تعلقن کي غرق ڪري ڇڏيو. جولاءِ 2003ع جي ڀيانڪ سامونڊي ٻوڏ 36 ڪلاڪن جي اٽڪل 250 ملي ميٽرن جي برسات ۾ آئي هئي. رڪارڊ موجب ان سال سڄي سانوڻي ۾ بدين تباهه ٿي وئي. جڏهن ته سال 1994ع ۾ بدين ضلعي ۾ ان کان ٽيڻي برسات يعني 900 ملي ليٽر رڪارڊ ڪئي وئي. جنهن سال جي ٻوڏ ۾ جيتوڻيڪ زرعي فصلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو، هزارين گهر تباهه ٿيا پر جاني نقصان تمام گهٽ ٿيو ۽ چوپايو مال به وڏي تعداد ۾ نه مئو هو ۽ بدين مان ٻوڏ جو پاڻي چند ڏينهن ۾ نڪري ويو هو. ان جو مک ڪارڻ اهو هو ته 1994ع ڌاري اڃا تائين تباهي مچائيندڙ ايل بي او ڊي جي غير فطري سم نالي. ٽائيڊل لنڪ ڊرين کي خوفناڪ سامونڊي ويرن جي سامهون شاهه سمابو ڪريڪ وٽان سمنڊ سان نه ڳنڍيو ويو هو. هاڻوڪي آيل ٻوڏ نه فقط بدين ضلعي جي پنجن ئي تعلقن کي نيست نابود ڪري ماضي جي آفتن جا اڳوڻا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن پر بدين سان گڏ سڄي ڏاکڻي سنڌ ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ ۽ سانگهڙ جا ضلعا پڻ تباهه ٿي ويا آهن. 2003ع جي ٻوڏ ۾ بدين ضلعي جي ٻن تعلقن بدين ۽ گولاڙچي جي ڏاکڻي سامونڊي پٽي واري علائقي ۾ سوين انساني لاش لهرن ۾ لڙهي ويا هئا ۽ هزارين ماڻهو هفتن تائين گهرن جي ڇتين ۽ وڻن تي چڙهي جان بچائي. اڃن ۽ بکن ۾ پاهه ٿيل انهن پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪير نه اتان ڪڍڻ وارو نه هو. آگسٽ 2011 واري هن ٻوڏ ۾ ايل بي او ڊي، جي اسپائنل ڊرين ۽ ڍوري پراڻ مان فوجين 7 انساني لاش ۽ پوليس چار لاش پاڻي مان ڪڍيا. جڏهن ته 14 آگسٽ تي شادي لال واري علائقي مان ايل بي او ڊي، جي سم نالي مان ٽن معصوم ٻارن جا لاش پڻ پاڻي مان ڪڍيا ويا آهن. جيڪي سڀئي ڳريل لاش اڻ ڄاتل معصوم انسانن جا آهن. چيو وڃي ٿو ته ايل بي او ڊي جي انهن سم نالن م وڏي انگ ۾ انساني لاش رات جي وقت لڙهي ويا، جن کي ڪير به ڪڍي نه سگهيو. ڪڍڻ شهر ۽ شادي لال کان وٺي عمر ڪوٽ ۽ ميرپور خاص جي شهرن تائين هزارين چورس ڪلوميٽرن وارو وسيع پرڳڻو 8 کان 10 فوٽ پاڻي ۾ ٻڏي سمنڊ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. جنهن ۾ لکين معصوم انسان گذريل هڪ مهيني کان به وڌيڪ عرصي کان ڦاٿل آهن. گهرن جي ڇتن ۽ وڻن تي پڻ ماڻهو ويٺل آهن. جن کي هڪ مهيني جي عرصي ۾ حڪومت ڪنهن ريسڪيو آپريشن ذريعي نه اتان ڪڍي سگهي آهي ۽ نه ئي انهن لکين ماڻهن تائين حڪومت ڪو کاڌ خوراڪ ۽ پيئڻ جو مٺو پاڻي پهچائي سگهي آهي. جڏهن ته مختلف روڊن، سم نالن ۽ واهن جي بندن تي پناهه ورتل لکين ماڻهو کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن جن مٿان هفتن تائين برسات وسندي رهي جن تائين پڻ ڪوبه کاڌو خوراڪ ۽ پيئڻ جو پاڻي حڪومتي اهلڪار پهچائي نه سگهيا. بي يارو مددگار انهن لکين مصيبت جي ماريل مظلوم ماڻهن جون آهون ۽ دانهون ڪوئي نه پيو ٻڌي حڪمرانن جون اکيون بند ۽ ڪنن ۾ ڪپهه پيل آهي. اهي ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ دهشتگرد ڌرين سان ڳالهيون ڪرڻ ۾ مصروف آهن.

ساڳي طرح هن مها ٻوڏ ۾ بدين، ٽنڊو محمد خان، ميرپور خاص، عمر ڪوٽ، سانگهڙ ۽ ٺٽي ضلعي جا جيڪي لکين ماڻهو پنهنجا سر بچائي، پنهنجا ڍور ڪاهي پنهنجي مدد پاڻ تحت ٿر جي ڀٽن تي وڃي پناهه ورتي آهي. انهن لکين ماڻهن تائين پڻ ڪوبه کاڌو خوراڪ پهچي نه سگهيو آهي. ٿر جي ڀٽن تي پاڻ مرادو وڃي ڪيترن ٻوڏ متاثرن پناهه ورتي آهي. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ رپورٽ موجب فقط ڪلوئي شهر جي ويجهن ڀٽن تي هن وقت تائين اٽڪل ساڍا ٽي لک ٻوڏ متاثر لڏپلاڻ ڪري پهتا آهن. جڏهن ته ٿر پارڪر ضلعي جي خاص طور تي ٻن تعلقن ڏيپلو ۽ مٺي جي ڀٽن تي پناهه وٺڻ لاءِ مختلف روٽن تان جن لکين ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي آهي ان مان اندازو آهي ته اٽڪل 10 لک ٻوڏ متاثرن ٿر جي ڀٽن تي وڃي پناهه ورتي آهي جيڪي سڀئي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. جن جي سرڪاري ۽ غير سرڪاري طور تي ڪابه واهر نه ٿي آهي. نه کين رليف ۽ نه ئي ڪي خيما فراهم ڪيا ويا آهن. اٽڪل 10 لک ٻوڏ متاثرن جي ٿر ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ کان سواءِ هن مها ٻوڏ ۾ لاڙ ۽ ڏاکڻي سنڌ جو جيڪو چوپايو مال ٿر ڏانهن ويو آهي. هڪ سروي موجب مان ۾ ٻڪريون، ڳئون، رڍ، مينهن اٺ وغيره شامل آهن ان جو انگ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آهي ۽ اڃا تائين ٿر ڏانهن مال تيزي سان وڃي رهيو آهي. ڪيڏي نه رحمدلي ۽ فراخدلي آهي مظلوم ٿرين جي جيڪي صدين کان لاڙ واسين لاءِ ٻوڏ ۾ ڀرجهلا ٿي کين دلين ۾ جايون ڏين ٿا. جيتوڻيڪ وڌيڪ برساتن ۽ لاڙ مان آيل گهڻي مال جي ڪري ٿر ۾ مال جي چاري جي سخت کوٽ ٿي وئي آهي. هن ٻوڏ ۾ هڪ سروي موجب اڌ کان وڌيڪ چوپايو مال ٻوڏ متاثر علائقي ۾ مري ويو آهي ۽ باقي جيڪو مال ٿر ڏانهن وڃي نه سگهيو آهي اهو پڻ تيزي سان بکن ۽ بيمارين ۾ مري رهيو آهي. ماوئڙن جو مال ايترو ته مري رهيوآهي جو هر طرف ڳوٺن ٻنين ۽ روڊن تي مئل مال جا ڍانچا نظر اچي رهيا آهن. پاڻي تي ترندڙ مال جي ڍونڍ کي کائڻ لاءِ ڳجهون آهن ۽ نه ئي ڪانو ٿا نظر اچن. انسان دوست ڳجهه پکيءَ جو ته چون ٿا ته نسل ئي ختم ٿي ويو آهي پر ويچارا ڪانءَ به شايد هن قيامت خيزٻوڏ ۾ هزارن جي تعداد ۾ مري ويا آهن.

پهرين ته 10 آگسٽ کان شروع ٿيل برساتن ڀيانڪ تباهي مچائي ۽ ڪجهه ڏينهن جي وقفي کانپوءِ وري عيد وارن ڏينهن ۾ 29 آگسٽ کان شروع ٿيل برسات ته اڳ کان وڌيڪ قيامت برپا ڪري ڇڏي. اڳين ٻوڏ ۾ ڏاکڻي سنڌ جا ست ضلعا تباهه ٿيا ۽ بعد ۾ سانگهڙ ۽ نواب شاهه پڻ پاڻي جو نيڪال نه هئڻ ڪري ٻڏي ويا، سنڌ حڪومت پڻ چوي ٿي ته سنڌ جا 22 ضلعا هن ٻوڏ ۾ متاثر ٿيا آهن. سنڌ جي چيف سيڪريٽري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هن سال جي هي ٻوڏ گذريل سال 2010ع جي ٻوڏ کان چار ڀيرا وڌيڪ ۽ وڏي ڀيانڪ ٻوڏ آهي. جنهن چئوڻ تي وڌيڪ تباهي مچائي آهي. هن ٻوڏ ۾ وارياسو ٿر وارو علائقو پڻ سخت متاثر ٿيو آهي جتي پڻ لکن جي تعداد ۾ چوپايو مال مري ويو آهي. جهانگين جا جهوپا چٽ ٿي ويا ۽ هزارن جي تعداد ۾ چوپايو مال مري ويو آهي. هن سال سڀ کان وڌيڪ برسات ٿرپاڪر ضلعي جي مٺي تعلقي ۾ پئي جيڪا 1100 ملي ميٽر کان به وڌيڪ رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته بدين ضلعي ۾ هيل تائين 560 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته 1994ع ۾ 900 ملي ميٽر ۽ 1970 واري ٻوڏ ۾ بدين ۾ 875 ملي ميٽر برسات جو رڪارڊ آهي. بدين، سانگهڙ، نواب شاهه، ميرپور خاص ۽ ٽنڊو محمد ۽ عمر ڪوٽ ضلعي جي ٻڏي تباهه ٿيڻ سان هاڻ باقي سنڌ ۾ ڇا بچيو آهي. اهي ئي ضلعا ته اصل زرعي بيلٽ وارا آهن جن سڀني ضلعن جي زرعي معيشت 100 سيڪڙو تباهه ٿي وئي آهي. لکن جي تعداد ۾ ڍور مري ويا آهن. هن ٻوڏ ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ سنڌي لوڪ بي گهر ٿي دربدر ٿي ويا آهن. جن جو هاڻ پويان ڪجهه به نه بچيو آهي.

گذريل سال جي ٻوڏ ۾ اڌ سنڌ تباهه ٿي. جنهن ۾ پڻ هڪ ڪروڙ کان ڌيڪ مسڪين ماڻهو بي گهر ۽ دربدر ٿي ويا. هن ٻوڏ ۾ ڄڻ ته سڄي سنڌ ٿڌتباهه ٿي وئي. گذريل سال لکين ماڻهن تاريخ جي سڀ کان وڏي لڏپلاڻ ڪئي ۽ هن سال جي ٻوڏ ۾ وري ڏاکڻي سنڌ ۽ لاڙ جي لکين ماڻهن پنهنجا سر بچائڻ لاءِ پاڻ مرادو ٿر ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي آهي. جتي ٿرپارڪر ضلعي جا سڀئي مين روڊ ٻڏي ۽ ٽٽي وڃڻ ڪري ٿرپارڪر ضلعو گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان زميني رستي سڄي ملڪ کان ڪٽيل آهي. حڪومت جي بي حسي ۽ ستم ظريفي ته ڏسو. حڪومت هڪ مهيني کانپوءِ گڏيل قومن ۽ انساني ڀلائي وارن عالمي ادارن کي واهر جي اپيل ڪئي آهي. ان کان اڳ حڪومت عالمي ادارن کي ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪرڻ جي اجازت نه ڏني. گذريل سال جي ٻوڏ متاثرن جي حڪومت جيڪا واهر ڪئي ۽ سرڪاري رليف ڪئمپن ۾ لکين ماڻهن کي جيڪي عذاب ڏنا ويا اهي سڄي دنيا ڏٺا. هاڻ هن سونامي جهڙي آفت ۾ حڪومت هڪ ڪروڙ ٻوڏ متاثرن جي جهڙي طرح سان هيل تائين واهر ڪئي آهي اها ڪنهن کان لڪل ناهي. اهڙي حڪومت مان هاڻ ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي. سڄي سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن جو جياپو فقط زراعت ۽ ڪجهه چراگاهي معيشت تي آهي. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ زراعت 100 سيڪڙو ختم ٿي وئي آهي ۽ سندن ڍور پڻ مري ويا آهن سندن ڪچا پڪا گهر 90 سيڪڙو تباهه ٿي ويا آهن، ڪڍڻ، کوسڪي، جهڏو، پنگريو، ٽنڊو باگو، ملڪاڻي، خيرپور گنبو، نندو شهر، لنواري شريف، ڊگهڙي، سيراڻي، ترائي، کور واهه وغيره جهڙا ڪيترائي شهر ۽ هزارين ڳوٺ مڪمل طور تي ٻڏي تباهه ٿي ويا آهن، پڪا روڊ، اسپتال، اسڪول ۽ ٻين سرڪاري عمارتن سميت انفرا اسٽرڪچر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي. ٻوڏ متاثر علائقي جي ڳوٺن، شهرن ۽ زمينن مان پاڻي جي نيڪالي لاءِ مهينا نه پر سال لڳي ويندو. خريف جا ته سمورا فصل تباهه ٿي ويا پر چيٽ جا زرعي فصل به پوکجي نه سگهندا اهڙي حالت ۾ جنگي بنيادن تي جيڪڏهن عالمي ادارن هڪ ڪروڙ ٻوڏ متاثرن جي جياپي ۽ بحاليءَ لاءِ ڪابه ڪارروائي نه ڪئي ته خاص طور تي ڏکڻ سنڌ ايٿوپيا ۽ صوماليه بڻجي ويندي ۽ ماڻهن کي ڇپنو ۽ ڇنو جا ڏڪار وسري ويندا.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو