Home / پروفائيل / !معصوم سانگهڙائي: پريم نگر جو پانڌيئڙو
above article banner

!معصوم سانگهڙائي: پريم نگر جو پانڌيئڙو

اهو ته غالب چيو هو ته “ڪنهن جو نانءُ منهنجي چپن تي آيو آهي جو منهنجي چپن تارونءَ کان چميون ورتيون آهن” پر ان کي اها خبر نه هئي ته ڪي نانءُ اهڙا به هوندا آهن جو نه رڳو چپ، تارونءَ کان چميون وٺندا آهن پر چپ، به هڪٻئي سان بوسي جو لطف وٺندا آهن. اهڙا آسمان جي ڇَٽيءَ هيٺان هوندا ته ڪيئي پر الائي ڇو منهنجي دل وطن يا ڪفن جي نعري سان گونجندڙ سانگهڙ جي معصوم سانگهڙائي تي اٽڪي بيهي رهي آهي. هو جيڪو وفا جو پتلو هو پر دل جيڪا ڪڏهن به ان جي چئي ۾ نه رهي هئي

۽ نيٺ ان جي ئي بي وفائي جي نتيجي ۾ سڀني دوستن ۽ پيارن کي انتطار جي موسم “ڏيئي، ٽڙڻ جي مند ۾ ئي ڇڻي پيو. ته سڄي سنڌ کان دانهن نڪري ويئي.

 

معصوم سانگهڙائي، هڪ محبتي انسان، شاعر، اديب، موسيقي جو ڄاڻو، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن ۽ سڀ کان وڌيڪ ته بيحد خوبصورت انسان هو، پر هن عاشق مزاج ۽ صوفي منش انسان جي چنڊ چهري ۽ دل جي حسن ۾ ڪو فرق نه هو ۽ جيڪڏهن وقت جي ڦيٿي کي پوئتي موٽائي سگهجي ها ۽ ڪونيه جي روميءَ جي مٿس نظر پئي ها ته هو ديوان شمس تبريز سان گڏ ديوان معصوم به لکي ها.

منهنجي ساڻس ملاقات 83ع ڌاري سندس ڳوٺ جهول ۾ پنهنجي دوست عاشق سولنگي معرفت ٿي. عاشق سولنگي به عجيب مزاج جو محبتي انسان آهي، جڏهن به مونکي ياد ايندو آهي ته ازخود غالب جي سٽ زبان تي تري ايندي آهي ته “شوق هي رنگ ۾ بي سروسامان نڪلا” ايئن هو اسيءَ جي شروعاتي سالن ۾ راڳ سکڻ جي شوق ۾ اسانجي شهر ڪنڌڪوٽ بلڪه اسانجي پاڙي ۾ اچي نڪتو، جتي ساڻس ڪافي روح رچنديون ڪچهريون ٿيون ۽ اها ته ڪافي دير جي ڳالهه آهي ته هو وڃي سياست جي ريگزار جو مسافر بڻيو هو.

جهول ۾ ٽي چار ڏينهن لاڳيتو معصوم وٽ رهڻ ٿيو. ان وقت هو سياست ۽ زندگيءَ جي تجربن ۽ حادثن جي ٻاٻرن ڪنڊن وارا پنڌ طئي ڪري چڪو هو. آزادي جي لفظن ۾ ته انهي پنڌ ۾ لڳل ڪنڊا ڪڍي رهيو هو ۽ اسان جهڙن جي اڃا شروعات هئي. سندس مرڪ، گفتگو جو سهڻو سيبتو، انداز، ڪشادو دسترخوان، هڪ سلجهيل ۽ سمجهدار سياسي ڪارڪن وانگر سياست جي گوناگوني جا تجزبا ۽ڌيمو لهجو ۽ مکڻ جي پاڻي جهڙا ٽهڪ اڃا تائين نه وسريا آهن. معصوم واقعي پنهنجي تخلص وانگر معصوم هو. انهن ڪچهرين ۾ اهو راز به کليو ته بخشڻ مهراڻوي جي لفظن ۾ “ضلعي سانگهڙ” جو ننڍڙو شهر پيرو نمل معصوم لاءِ “پريم نگر” ۽ پرينءَ جو شهر هو، اتان جي هاءِ اسڪول ۾ بطور استاد جي هن جيڪي ورهيه گذاريا، ان لاءِ هي اکيون گواهه آهن”، ته پرينءَ جي لاءِ لکيل دوهو معصوم پاڻ ٻڌايو هو جيڪو مونکي اڄ تائين ياد آهي.

“جيڪي توکي ارپي سگهيس، ارپي ڏيندس آنءَ

پنهنجي پٽ نانءُ رکيو اٿم، ساجن تنهنجو نانءُ”

سنڌ جي صوفي روح “۾ اهڙا عشق بيدل کان وٺي معصوم سانگهڙائي تائين ۽ معصوم کان وٺي اسانجي استاد رضا محمد تائين پکڙيا پيا آهن. رضا محمد به سرمد وانگر اڀيچند تي جي دل جو کولي هيو، جنهن پنهنجي دل ۾ اهو وچن ڪيو هو ته محبوب جيستائين اچي پاڻ نه ڳالهائيندو، تيستائين روزا رکڻا آهن ۽ رڳو کجور سان روزو رکندو هو پوءِ ان سان ئي کوليندو هو. نيٺ ٽن مهينن جي تپسيا کان پوءِ جڏهن محبوبن کيس ڀٽائي جي لفظن ۾ “جن منٿون ڪري سڪڻ، سيکاريو ۽ انهن ئي اچي کيس کلي کيڪاريو…

“پرين” جي تڪيه ڪلام سان مخاطب ٿيندڙ معصوم پنهنجي علمي ۽ سياسي سرگرمين جي شروعات نازسنائي جي ٻاريل جو ت “چڻنگ سنگت” سان ڪئي هئي، هو چڻنگ سنگت ضلعي سانگهڙ جو صدر ۽ مرڪزي نائب صدر رهيو هيو. اهو 77_78ع جو زمانو هو ۽ ضيائي مارشل لاءَ جي سراپ سنڌ کي ساهه کڻڻ لاءِ اجازت وٺڻ سان مشروط ڪري ڇڏيو هو. ان سنڌ ۾ معصوم، حيدر شاهه، متارو ڏاهري، چڻنگ ۽ لاٽ بڻجي اڀريا هئا ۽ پوءِ معصوم سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد ٿيو ۽ شيرين سومرو واري ڪيس جي هيري حيدر شاهه جو گهرو دوست ۽ ان سان گڏ ئي حيدرآباد ۾ گرفتار ٿيو ۽ ٽارچر سيلن ۽ جيلن سندن استقبال ڪيو ۽ هن اتساه ۽ اميد جي شهزادن ان جي مرڪي، آجيان ڪئي. سندن گرفتاريءَ واري ڳالهه سائين جي ايم سيد دلچسپ انداز ۾ ٻڌائيندو هو ته “حيدر شاهه روپوش ٿيو، کيس رني ڪوٽ کان مٿي ڪنهن ماڳ تي رهايم، پر وڃي حيدر آباد نڪتو ۽ گرفتار ٿيو، آزاديءَ کانپوءِ پڇيو مانس ته حيدرآباد ڇو وئين؟

جواب ڏنائين ته ”سائين! معصوم چيو ته هل فلم ڏسي اچون، فلم ڏسڻ ويا هئاسين”

سن جي ڏوريءَ ۾ اهڙيون الائي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ٻڌل آهن. سرخ گلابن جا خواب کڻي نڪتل هن قافلي جو پنڌ به نرالو هو ۽ سفر جو انداز به انوکو هو، عاشق، محبتي، پياڪ ۽ مومن مليرائي جهڙا حسن پرست سڀئي گڏگڏ روان دوان هئا. مومن ته سچل جي ڪافي جو ئي آهيان سوئي آهيان” جهڙو هو، جيڪو هر سياسي ڪارڪن جي شنوائي تي ذميواري سان ڪورٽ پهچندو هو جنهن جي شاعري جو مجموعو سائين پاڻ ڇپرايو هو، ۽ جنهن لاءِ حسن، پوڄا، پيار اکين جو ٺار هو، جنهن هڪ سياسي ڪارڪن کي چرچي ۾ چيو ته “ مون سان سنگت رک، نه ته جنت ۾ غلمان ڪري گهرائيندو سانءِ.” سچ ته معصوم جي ياد ان پوري دور کي ياد ڪرڻ آهي، جاڳ ۽ جدوجهد ۾ سامايل اهو نسل هاڻ آڍڙو ٻڍڙو ٿي چڪو آهي. ان پيڙهيءَ جي نشاني ويساه، اتساهه ۽ سنڌ انهن لاءِ محبتن جو مرڪز ۽ پهريون ۽ آخري پيار هو ۽ ٻيون سڀ تندون صرف معرفت ئي هيون.

معصوم شاگرد سياست ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ جڏهن اسيءَ جي شروعاتي سالن ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ اختلاف ٿيا ۽ شاهه محمد شاهه، قمر راڄپر ۽ حيدر شاهه سان گڏ معصوم به جيئي سنڌ آرگنائيزنگ ڪميٽي ۾ شريڪ ٿيو، جنهن کي عرف عام ۾ “کڙتالي” سڏيو ويو. مير مولا بخش لغاري ۽ رسول بخش ٿيٻو جيئي سنڌ جي ٻئي حصي جا نمائندا بڻيا. جن کي “صالحين” به سڏيو ويو.

صالحين ۽ کڙتالين جي اختلاف ۽ جهيڙن تي بحث ڪرڻ کان پاسيرو ٿي اسان اڳتي وڌي ڏسون ٿا ته ڪالهوڪا مخالف اڄ هڪ پارٽيءَ ۾ ويٺا آهن. جن هڪٻئي جي مخالفت ۾ پرجوش تقريرون ڪيون هيون جنهن ۾ هڪ سيد سڳوري چيو هو ته “مان سيد سان غداري نٿو ڪري سگهان ڇاڪاڻ جو منهنجي رڳن ۾ سيد جو رت ڊوڙي ٿو“ جنهن جي جواب ۾ نيو سعيدآباد جي جهوني جوڳيءَ چيو هو ته “مان سيد سان غداري نٿو ڪري سگهان ڇاڪاڻ جو منهنجي رڳن ۾ سيد جو نظريو ڊوڙي ٿو، رت ته سفيد به ٿي سگهي ٿو.” هاڻي ته جيئي سنڌ جا اختلافي مامرا ٻارن جي راند جهڙو تماشو ٿا لڳن” هڪ سمجهدار سياسي ڪارڪن مونکي چيو هو. پوءِ معصوم سياست جي ٻاٻرن ڪنڊن واري پنڌ کي وڃي هڪ ٻئي پيچري سان ڳنڍيو. جيڪو علم، ادب، شاعري، عشق ۽ راڳ سان ٿو وڃي ملي ۽ پوءِ هو بهترين شاعر بهترين راڳ جو ڄاڻو ۽ وڃي پنهنجي ڪٽنب، ڀائرن ۽ دوستن جو ڀرجهلو ٿيو.

هن پنهنجون سرگرميون سنڌي ادبي سنگت ۾ وڌائي چڏيون، هاءِ اسڪول جو استاد بڻيو ۽ سخي طبيعت ۽ محبتي رنگ سبب سڀني جي دلين ۾ محبت جو ميلو مچائي ويهي رهيو، ۽ هٿ، دل ۽ طبيعت جي سخي شخص سڀني کي پنهنجي پيار جو قرض ڪري ڇڏيو.

معصوم سان ٻي ملاقات الفقراءُ پريس سانگهڙ ۾ ٿي. جيڪا دونهين به سندس ئي دکايل هئي، جتي سنڌي، ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون. جنهن ۾ سندس ڀاءُ ۽ دوست بخش مهراڻوي، عاجز منگي، عاشق سولنگي ۽ ٻيا دوست شريڪ ٿيندا هئا.

انهيءَ کان پوءِ مونکي ”رتيءَ جي رهاڻ” جهڙيون ٻه ڪچهريون ياد اچن ٿيون، هڪ جڏهن هو ڪراچيءَ ۾ فزيڪل ڪاليج جي ٽريننگ تي آيو هو، ٻيو سندس مسلم ڪاليج جي هاسٽل ۾ سندس سڀ کان پياري ۽ ويجهي دوست عزيز گوپانگ جي ڪمري تي ڪچهري ٿي ۽ آخري ڀيرو اسان اتفاقي طور صدر حيدرآباد ۾ مليا هئاسين عزيز به ساڻس گڏ هو. پوءِ وڃي ڪنهن هوٽل تي وڃي ويٺا هئاسين. ڪچهري ڪندي ٻڌايوهئائين ته سندس شاعري جو مجموعو اچي پيو. سندس ڪتاب “انتظار جي موسم” وڇوڙي کان پوءِ آيو آهي. اهو ته اقبال هو جنهن ڊگهي ڄمار جو بهانو بڻائي خدا کي انتظار ڪرڻ لاءِ چيو هو، ۽ هيڏانهن معصوم اسان سڀني کي انتطار جي موسم حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پر هو پاڻ ئي اسان کي سمجهائي ويو هو ته:

زندگي ماهه وصال آهي پرين

نيٺ ان کي زوال آهي پرين.

معصوم سانگهڙائي جي شاعري پڪي پختي، جاندار ۽ دل جا دروازا کڙڪائڻ جهڙي آهي. هن کي موسيقيءَ جي پوري ڄاڻ هئي ان ڪري ان ۾ ترنم ۽ ردم ۾ آهي. تازگي ۽ گرمجوشي آهي.

هن جي ڪم، عشق ۽ زندگيءَ جي پوکي کي اڃا خوشبو ڪرڻي هئي ۽ ان مهڪ سان هن ڏيهه کي واسڻو هو. پر اوچتوئي اوچتو ڪنهن رمتي جوڳيءَ وانگر زندگيءَ جي ٻئي پنڌ کي پسڻ لاءِ اسهي پيو ۽ اسان سندس دوست ۽ پيار ڪندڙ، سندس يادگيرين کي سميٽڻ، دهرائڻ، سندس محبتن ۽ ٽهڪن کي ياد ڪرڻ ۽ کيس پنهنجي شاعريءَ جي گهونگهٽ ۾ ڳولهڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ٿا ڪري سگهون.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو