Home / افيئر / !مستونگ سانحو: بلوچستان، وزيرستان بڻجڻ لڳو
above article banner

!مستونگ سانحو: بلوچستان، وزيرستان بڻجڻ لڳو

اڄ کان ٻه مهينا کن اڳ جڏهن سينئر صحافين جي هڪ ڪچهري ۾ هڪ “ڄاڻو” احوال ٻڌائي رهيو هو ته القاعده، طالبان ۽ لشڪر جهنگوي سميت اهم شدت پسند مذهبي تنظيمن، خيبر پختونخواه ۽ پنجاب ۾ ٿيندڙ آپريشن کانپوءِ پنهنجا مرڪز بلوچستان ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيا آهن ۽ بلوچستان ٻيو وزيرستان ٿيڻ ڏانهن وڌي رهيو آهي. تڏهن سندس ساٿي مٿس ايئن مُرڪي رهيا هئا ڄڻ هن کل جوڳي ڪا ڳالهه ڪئي هُجي. سينيئر صحافين جي انهي ڪچهري کي اڃا هفتو کن مس گذريو هو جو ڪوئيٽا جي اسپني روڊ تي فقه جعفريه سان تعلق رکندڙ هزارا ڪميونٽي جي ماڻهن سان ڀريل هڪ وين تي هٿياربندن جي حملي ۾ يارهن ڄڻا مارجي ويا. واقعي جي ذميواري لشڪر جهنگوي قبولي. ياد رهي ته بندش پيل لشڪر جهنگوي هڪ وڏي عرصي جي وقفي کانپوءِ بلوچستان ۾ هڪ وڏي پئماني جي دهشتگرد ڪارروائي ذريعي “انٽري” ڏني هئي. جڏهن جون واري مهيني ۾ هزارا ڪميونٽي جي اڪثريت واري علائقي هزارا ٽائون ۾ صبح جي واڪ دوران هتان جي عوامي پارڪ ۾ واڪ ڪندڙن مٿان ٻن هٿياربندن فائر کولي ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ درجن کن ماڻهو ٿڏي تي مارجي ويا. مهيني اندر هنن اسپني روڊ واري ڪارروائي ڪري ڄڻ ته پنهنجي مضبوط نيٽ ورڪ جو اطلاع ڏئي ڇڏيو هو. روايتي طور سرڪار پاران ڏوهارين جي تُرت گرفتاري وارين دعوائن جو آواز اڃا ختم نه ٿيو هو جو شيعه آبادي وار هڪ ٻي علائقي عملدار روڊ تي اهڙي ئي قهڙي ڪارروائي ڪري ڏهه کن ماڻهن کي ماريو ويو. هزارا ڪميونٽي سميت بلوچستان جي سياسي ۽ سماجي حلقن پاران انهي صورتحال جو ذميوار حڪمرانن کي قرار ڏنو ويو. چيو ويو ته حڪومت انتظامي طور ناڪام ٿي چڪي آهي. سيڪيورٽي وارا تحفظ جي نالي تي ڪروڙين رپيا ماهوار کائي رهيا آهن. شايد انهي جي جواب طور سيڪيورٽي ادارن آمريڪي سي آءِ اي سان گڏجي ڪوئيٽا ۾ هڪ ڪامياب آپريشن ڪيو جنهن ۾ القاعده جو اهم آپريشنل ڪمانڊر يونس الموريطاني، هڪ مقامي پشتون جي گهران گرفتار ڪيو ويو. ظاهري طرح حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن پنهنجي پاران تنقيد ڪندڙن جا مُنهن بند ڪري ڇڏيا هئا. پر اڃا شايد سندن هڪٻي کي مبارڪون به ختم نه ٿيون هونديون جو طالبان هڪ وڏي خودڪش حملي جي صورت ۾ انهي ڪارروائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندي سيڪيورٽي ادارن جي ڪارڪردگي جو پول کولي ڇڏيو. ڪوئيٽا شهر جي هاءِ سيڪيورٽي زون ۾ صوبائي اسيمبلي کان چند ميٽرز، وزير اعليٰ هائوس جي پويان واقع آءِ جي ايف سي جي گهر تي ٿيندڙ انهي حملي اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته ڪوئيٽا جا شهري، بارود جي ڍير مٿان ويٺا آهن. گهرو وزير رحمان ملڪ جڏهن ڪوئيٽا ۾ انهي واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي اهو انڪشاف ڪري رهيو هو ته مذهبي شدت پسند تنظيمن پنهنجو اسٽرڪچر بلوچستان ڏانهن ٽرانسفر ڪري ڇڏيو آهي ته انهي گڏجاڻي ۾ اُهي صحافي ساٿي به موجود هئا جن جي ڪچهري ۾ اهو انڪشاف ٻه مهينا کن پهرين سندن هڪ ”ڄاڻو” ساٿي ڪري چڪو هو. ٻه مهينا اڳ هڪ صحافي جو انڪشاف جيڪو مذاق لڳي رهيو هو. گهرو وزير واتان اهوئي انڪشاف اڄ جي هيڊلائين هو!!

تازو مستونگ ويجهي هڪ ڀيرو ٻيهر هزارا ڪميونٽي خلاف لشڪر جهنگوي جي ڪارروائي گذريل ڪاررواين جي مقابلي ۾ گهڻن ئي پهلوئن کان اهم هئي. هڪ ته مارجي ويلن جو تعداد گذريل ڪاررواين کان وڌيڪ آهي. ٻيو ته جنهن نموني ڪوئيٽا کان ايران سان لڳندڙ تفتان بارڊر ويندڙ ڪوچ کي واچ ڪيو ويو. اهو تنظيم جي مضبوط اسٽرڪچر جي گواهي ڏئي ٿو. ڪوچ کي نشانو بڻائڻ لاءِ اهڙي جاءِ جي چونڊ ڪئي وڃي ٿي جتي سيڪيورٽي کي پهچڻ ۾ ڪلاڪ کن لڳي وڃي ۽ ڪوچ ۾ سوار ماڻهن کي لائين ۾ بيهاري گولين جو کاڄ بنائڻ کانپوءِ جڏهن واقعي جي ٻن ڪلاڪن بعد جڏهن ڪوئيٽا ۾ وارثن تائين اطلاع پهتو ۽ ڪجهه ماڻهو لاش کڻڻ لاءِ روانا ٿيا ته سندن پيڇو ڪري مٿن گوليون وسايون ويون، جنهن ۾ وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا. ايران ويندڙ زائرين جي اهڙين گاڏين سان عام طور سيڪيورٽي ادارن جي گاڏي موجود هوندي آهي. انتظاميا ته اهو چئي پاڻ تان بار لاهي ڇڏيو ته اسان کي گاڏي جي روانگي ۽ روٽ بابت اطلاع نه هو. پر عام طرح جيئن ته اها هڪ بين الاقومي مصروف شاهراه آهي، جتي هر وقت گاڏين جي رش رهندي آهي. پر انهي ڏينهن نشانو بڻجندڙ گاڏي جي اڳيان، پويان پري پري تائين ڪابه ٽريفڪ نه هئي. ڊرائيور چواڻي ته انهي روٽ تي روزاني ڪوئيٽا مان پندرنهن کن ڪوچز نڪرن ٿيون. جنهن مان پنج، ڇهه گاڏين جو ٽائم ساڳيو آهي، پر انهي ڏينهن اها ڪوچ اڪيلي ئي رواني ٿي هئي. جڏهن ته ٽرانسپورٽرز کي به ڄاڻ آهي ته انهي روٽ ۽ خاص ڪري مستونگ واري علائقي ۾ ڦُر ۽ ڌاڙي جا واقعا روز جو معمول آهن. اِهي اُهي سوال آهن جيڪي نه رڳو ڪارروائي کي مشڪوڪ بڻائن ٿا پر اُنهي رُخ سان ٿيندڙ تحقيقات ڪري چورن تائين پيرو به کڻي سگهجي ٿي. پر تحقيقات ڪير ڪري ڀَلا ڇو ڪري!!.

بهرحال، مذهبي شدت پسندي ۽ فرقيوار بنياد تي ٿيندڙ اهڙين لاڳيتين ڪاررواين بلوچستان جي سياسي صورتحال کي هڪ نئون رُخ ڏنو آهي.بلوچستان جا ڄاڻو حلقا انهي صورتحال بابت ٻه رايا رکن ٿا. هڪڙي حلقي جو چوڻ آهي ته مذهبي شدت پسندي جي اهڙي صورتحال، بلوچستان جي پسمنظر ۾ مقتدر ادارن کي فائدو پهچائي رهي آهي، جنهن کانپوءِ بلوچ مزاحمتي تحريڪ وارو عنصر گهٽ ٿي ويو آهي. جڏهن ته ٻي پاسي اهي ڪارروايون ڪوئيٽا ۾ آمريڪن قونصليٽ جي قيام کي به جواز ڏئي رهيون آهن. پر اهڙي راءِ رکندڙن مٿان تنقيد ڪندڙ انهي خيال کي ٻاراڻي ذهنيت ڪوٺين ٿا. تنقيد ڪندڙ چون ٿا مذهبي شدت پسندي جا اهڙا واقعا سيڪيورٽي ادارن جي ڪمزوري کي عالمي سطح ٿي وائکو ڪري رهيا آهن. ڪهڙي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ڀلا اهڙي ٻاراڻي ڪندي. بلوچ مزاحمت کي پهرين ئي سيڪيورٽي ادارا سختي سان چيڀاٽي چڪا آهن. جڏهن ته مذهبي تنظيمن جو اهم ٽارگيٽ پاڻ سيڪيورٽي ادارا ۽ سندن اعليٰ اهلڪار آهن.

اهڙا نفاد ٻي حلقي جي راءِ سان وڌيڪ سهمت نظر اچن ٿا جن جو چوڻ آهي ته بلوچ مزاحتي تنظيمن ۽ مذهبي شدت پسند تنظيمن جو پاڻ ۾ اَڻ اعلانيل اتحاد آهي. اهڙي راءِ رکندڙ حلقا دليل رکن ٿا ته مزاحمتي تنظيمن جي هڪ وڏي حصي ۾ مذهبي لاڙو موجود آهي. جتي براهوي ڳالهائيندڙن جي اڪثريت آهي، اُهي شدت پسند مذهبي تنظيمن کي مدد ڪن ٿا.

بلوچ حلقن ۾ اهو خدشو موجود آهي ته بلوچستان ۾ هزارا ڪميونٽي جهڙي نموني سياسي ۽ سماجي طور پاڻ کي مضبوط ڪري رهي آهي. انهي جي دعويٰ جي نتيجي ۾ عين ممڪن آهي ته ڪجهه سالن بعد هُو بلوچستان جي پشتونن جيان برابري جي دعويٰ ڪن ۽ رياست کين بلوچن خلاف هڪ قوت طور استعمال ڪري سگهي. تنهنڪري سندن ڪمزور رهڻ هتان جي مستقل ڪميونٽي جي حق ۾ آهي. ياد رهي ته 2008ع ۾ تڏهوڪي آءِ جي پوليس اهو الزام هنيو هو ته بي ايل اي ۽ لشڪر جهنگوي جو پاڻ ۾ اتحاد آهي. اهي هڪٻئي جي ماڻهن کي ٽريننگ به ڏين ٿا. هڪٻئي جون ڪئمپون به استعمال ڪن ٿا ۽ هٿيارن جي ڏي وٺ ڪن ٿا. بي ايل اي تڏهن به انهي الزام کي رد ڪيو هو ۽ اڄ به سندن موقف آهي ته بلوچ پنهنجي مزاج ۾ هڪ سيڪيولر قوم آهي، اهي ڪنهن به قسم جي مذهبي شدت پسندي کي هٿي نٿا ڏئي سگهن.

بهرحال ڳالهه ايتري آهي ته هاڻ تائين جنهن هزارا ڪميونٽي کي نشانو بڻايو ويو آهي، تنهن بابت ڪوئيٽا ۾ اها ڳالهه عام آهي ته سندن گهر جديد قسم جي هٿيارن سان ڀريل آهن. پر انتهائي مُنظم هئڻ ڪري هوقيادت جي ڪم جا پابند آهن. تصور ڪري سگهجي ٿو ته جنهن ڏينهن هزارا ڪميونٽي جا هزاين نوجوان اهي هٿيار کڻي ڪوئيٽا جي روڊن تي نڪري پيا ته ڪوئيٽا جي شهرين کي 1935ع وارو زلزلو وسري ويندو.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو