Home / شوبز / !چِترنگڊا وٽ فقط ٻه مهينا
above article banner

!چِترنگڊا وٽ فقط ٻه مهينا

بالي ووڊ جي سانوري پر سهڻي اداڪارا ۽ اڄڪلهه جسماني نمائش تي زور رکندڙ چِترنگڊا لاءِ ورهاڱي واري زماني جي پيار ڪهاڻي تي ٻڌل فلم “مهرالنساءِ” ڪنهن چئلينج کان گهٽ ناهي. ڊائريڪٽر سُڌير مشرا جي فلم “مهرالنساءِ” جي مک ڪردار مهرالنساءِ لاءِ چِترنگڊا جي چونڊ ڪئي وئي آهي، پر چِترنگڊا لاءِ اهو ثابت ڪرڻ ته هوءَ ئي هن ڪردار لاءِ درست چونڊ آهي فقط ٻه مهينا آهن. چِترنگڊا اڄڪلهه “ڪرش 3” جي شوٽنگ ۾ رڌل آهي ۽ هن پنهنجو وزن به تمام گهڻو گهٽائي ڇڏيو آهي، پر سڌير مشرا چِترنگڊا کي چتاءُ ڏنو آهي ته هوءَ پنهنجو گيٽ اپ ماڊرن ڇوڪريءَ مان بدلائي ڪلاسيڪل ڪرڻ سان گڏ پنهنجو وزن وڌائي ته جيئن هوءَ مهرالنساءِ جي ڪردار ۾ ٺهڪي سگهي. هاڻ چِترنگڊا وٽ اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ فقط ٻه مهينا آهن، جيڪڏهن هوءَ ٻه مهينن اندر اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته واهه، نه ته چِترنگڊا کي فلم “مهرالنساءِ” مان آئوٽ ڪري سندس جاءِ تي ڪنهن اهڙي هيروئن کي ڪاسٽ ڪيو ويندو، جيڪا مهرالنساءِ جي ڪردار لاءِ ٺهڪندڙ هجي. هن ڪردار لاءِ ڊائريڪٽر سڌير مشرا جڏهن چِترنگڊا سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ويٺو ۽ کيس ڪردار بابت سمجهائڻ لڳو ته کيس پتو پيو ته چِترنگڊا ته ورهاڱي واري زماني کان صفا اڻواقف آهي. تڏهن ئي ڊائريڪٽر سُڌير مشرا کيس اهڙو چتاءُ ڏنو. ٻئي پاسي هن فلم جو ليکڪ نکل آڏواڻي جيڪو پاڻ به هڪ ڊائريڪٽر آهي، مهرالنساءِ جي ڪردار لاءِ چِترنگڊا جي چونڊ سان سهمت ناهي. فلم “مهرالنساءِ” ۾ اميتاڀ بچن ۽ رشي ڪپور پڻ ڪم ڪري رهيا آهن.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو