Home / ڪور افيئر / !پاڪ_ آمريڪا رومانس پڄاڻيءَ تي
above article banner

!پاڪ_ آمريڪا رومانس پڄاڻيءَ تي

جنهن ڏينهن ڪا وڏي خبر جڙندي آهي ته ٻي ڏينهن اخبارن ۾ هن خبر جي پيشڪش جي حوالي سان مقابلو ٿيندو آهي. (خاص ڪري انگريزي اخبارن ۾) هن مقابلي جي مکيه ملهه سرخي جي حوالي سان هوندي آهي ته ڪهڙي اخبار سڀني کان وڌيڪ تز هيڊ لائن ٿي هڻي.

29 سيپٽيمبر جي آل پارٽيز ڪانفرنس ملڪ جي تاريخ جي بي مثل سياسي گڏجاڻين مان هڪ هئي.

انڪري به ان ۾ (ٻروچن کان سواءِ) پاڪستان جي سموري ننڍي وڏي سياسي قيادت فوجي قيادت سان گڏجي

ويٺي هڪ اهڙي مامري تي ويچار ڪرڻ لاءِ جيڪو پاڪستان جي پرڏيهي سياست جو رخ مٽائي سگهي ٿو. انڪري به ته اهو مامرو هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا بهادر جي هن خصلت کي ظاهر ڪري ٿو جنهن کان مجبور ٿي هو ضرورت پوڻ تي ڪنهن کي به ‘دوست’ بڻائيدو آهي پر ڪم نڪتي کانپوءِ کيس ڏاڙهڻ ۽ چڪ پائڻ لڳندو آهي.

 

 

مون 30 سيپٽمبر جون سڀئي اخبارون ناهن ڏٺيون. جيڪي ڏٺم، انهن مان ڊيلي ٽائيمز گوءِ کڻي وئي. سندس 8 ڪالم بينر هيڊلائن هئي.

Give Peace A Chance

هيءَ سٽ اصل ۾ آمريڪا جي ويٽنام جنگ دوران آمريڪي عوام جي ضمير کي جهنجوڙي ڇڏيندڙ راڳي سنگ بيٽلز جي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائيندڙ ڪلام جو ٿلهه آهي. اهو ڪلام گهڻو ڪري هن سنگ جي آگي جان ليون جو لکيل آهي. سندس گروپ ۾ سندس ويٽنامي زال به شامل هئي.

هي 1960ع جو ڏهاڪو آهي. دنيا جي وڏي مان وڏي طاقت يونائٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا هڪ غريب مسڪين ملڪ ويٽنام تي بي واجبي جنگ جوٽي آهي جيڪا ڏهن سالن تائين جاري رهي ٿي. آمريڪي شڪرا (جهاز) واهن جي سرسبز ڪڙن ۽ ساري جي سنهري فصل سان ڪچهري ڪندڙ بانسن جي چونرن تي ٻڌل خوابن جهڙن ڳوٺن تي بمباري ٿا ڪن.

هڪ فوٽوگرافر (نالو ياد ناهي) هڪ فوٽو ڪڍي ٿو. هڪ ڳوٺ تي بمباري ٿي رهي آهي. هر شيءِ ساڙي رک ڪندڙ نيپام بم وسي رهيا آهن. ڳوٺ رهواسين_ عورتن مردن پڪن پوڙهن_ جي دل جان بچائي ڀڄي رهيو آهي ۽ اها ميراٿون ڏهه يارنهن سالن جي هڪڙي نياڻي کٽي پئي. سندس اکيون ڦاٽل آهن. وات پٽيل آهي ۽ بدن اگهاڙو آهي.

بيٽلز هڪ گيت ڳائي ٿو.Give Peace A Chance ۽ اهو گيت جرٿرتک تنوار وڻ وائي هيڪڙي بڻجي وڃي ٿو. جنگ مخالف عالمي تحريڪ جو نعرو بڻجي وڃي ٿو.

اڄ اهو آواز اسلام آباد جي اي پي سي مان اڀريو آهي. ملڪ جي سياسي ۽ فوجي قيادت هڪ آواز ٿي آمريڪا کي چون پيون. Give Peace A Chance. پاڪستان خطي ۽ دنيا جي عوام جي ترجماني ڪن پيون Give Peace A Chance.

آمريڪا پنهنجي شرطن تي افغانستان کي امن ڏيڻ لاءِ تيار آهي (پر پاڪستان کي نه). افغانستان کي ڏورانهين غلامي وارو امن آڇڻ به آمريڪا جي پنهنجي مجبوري آهي. افغان جنگ هنجي ڪاٿن کان تمام گهڻي ڊگهي ٿي وئي آهي. آمريڪا ٿڪجي پيو آهي سندس اولهه جا اتحادي ٿڪجي پيا آهن. خرچ ۽ نفعي جو آڊٽ ڪري ٿو ته کيس اها اينگهائيندڙ اڻ کٽ جنگ ڏاڍي مهانگي لڳي ۽ اها جنگ هو کٽي نه سگهندو، هي اهو ڀلي ڀت ڄاڻي ٿو. هاڻي. انڪري افغانستان مان پنهنجي فوج جي واپسي جي رٿا ٺاهي اٿس. افغانستان مان فوجن جي واپسي بارڪ اوباما جي چونڊ منشور جو حصو هئي. ايندڙ صدارتي اليڪشن سر تي آهي. هو انهي کان اڳ پنهنجا فوجي گهر گهرائڻ گهري ٿو.

جڏهن افغانستان مان آمريڪي فوجي نڪرندا ته وائٽ هائوس کي، آمريڪي بچاءُ واري کاتي ۽ فوج کي تسليم ڪرڻو پوندو ته هو اها جنگ هارائي ويا آهن.

هن شڪست جو بهتان پاڪستان تي هڻي آمريڪا پاڻ کي الزام کان آجو ڪرڻ گهري ٿو. ويٽنام جنگ جي پڄاڻيءَ تي به ايئن ئي ٿيو هو.

ڏٻرن ماڻهن سان انهي جنگ ۾ جڏهن فيل مست آمريڪا کي ذلت آميز شڪست کي منهن ڏيڻو پيو ته هن ملبو ويٽنام جي پاڙيسري ملڪ ڪمبوڊيا تي ڪيرائيندي چيو ته جيڪڏهن اهو ويٽنامي گوريلن کي محفوظ پناهگاهه نه ڏي ها ته آمريڪا جنگ کٽي وڃي ها.

سالن کان پوءِ رڳو جنگ جو ميدان مٽجي ويو آهي پر والي ووڊجي هن epic فلم جي ساڳي ڪهاڻي ۽ ساڳي پڄاڻي آهي. افغان جنگ ويٽنام جنگ جو remake ثابت ٿي آهي.

هاڻ آمريڪي چون پيا ته جيڪڏهن پاڪستان طالبان (۽ ٻين آمريڪي_ مخالف طاقتن جهڙوڪ حقاني نيٽ ورڪ) کي محفوظ پناهگاهه نه ڏي ها ته آمريڪا افغان جنگ کٽي وڃي ها. اهو صلو ڏئي رهيو آهي آقا پنهنجي ‘غلام’ کي جنهن سندس اها جنگ وڙهي پنهنجو گهڻو ڪجهه ناس ڪري ڇڏيو آهي. پر اس طرح هوتاهي اس طرح ڪي ڪامون مين.

1980 واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان افغانستان ۾ اپريل 1979 ۾ ايندڙ ثور انقلاب کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ۽ بعد ۾ سوويت فوج کي هن ملڪ مان ڪڍڻ لاءِ آمريڪا جو اتحادي بڻيو. سي آءِ اي جي دماغ ۽ سعودي ريال سان هلندڙ هن جنگ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پاڪستان نه رڳو افغان مهاجر ۽ ‘مهاجر’ پاليا (جن ملڪ کي هيروئن جي منڊي ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر ڏنو) بلڪه ملڪ اندر به اسلامي جهادي نظرئي کي سرڪاري سرپرستي ڏئي ۽ مدرسن جي شڪل ۾ مذهبي انتهاپسند ۽ جهادي جوڙڻ جون اهي فيڪٽريون قائم ڪيائين جيڪي اڄ پاڻ پنهنجي خلقڻهار جون ويري بڻجي ويون آهن.

وري فليش بيڪ ۾ وڃجي ته افغانستان ۾ سوويت فوج جي نڪرڻ کانپوءِ آمريڪا پاڪستان کان ايئن اکيون ڦيرائي ڇڏيون ڄڻ ڄاڻ نه سڃاڻ. ڪم لٿو ڊکڻ وسريو.

پر 9 سيپٽمبر 2001 تي نيويارڪ جي ٽريڊ ٽاور ۾ ٿيندڙ ڌماڪن ڇرڪ ڀرائي اهو ڊکڻ وري ياد ڏياري ڇڏيو. آمريڪا پاڪستاني قيادت سان وري رابطو ڪيو. With us or against us? بش پڇيو. Off course, with you sir. مش وراڻيو.

وري پاڪستان ۽ آمريڪا اتحادي بڻجي ويا. پر هن ڀيري اهو اتحاد ايئن هو جيئن a marriage of convenience, rather sleeping with enemy.

آمريڪا پاڪستان تي پنهنجي ايجنڊا مڙهي ويٺو هو پر پاڪستاني قيادت هن ايجنڊا کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ کان لنوايو پئي. پنهنجي assets کي به بچايو پئي ۽ پنهنجي حڪمت عملي کي به وڌايو پئي. نتيجي طور آمريڪا افغانستان ۾ ٻه ٽنگو ڦاسي پيو.

هاڻ ڦٿڪي پيو. هن ڦاهي مان ڪنڌ ڪڍڻ لاءِ جتن پيو ڪري. کيس واپسي لاءِ عزت ڀريو رستو گهرجي جنهن لاءِ افغانستان مان آمريڪي فوجن جي نڪرڻ کان پوءِ امن ضروري آهي. اهو امن حاصل ڪرڻ لاءِ هو طالبان (جي ڪجهه ڌرين سان) ڳالهائي پيو، بقول سندس “معتدل” طالبان سان.

پر پاڪستان کي هو پاڪستاني طالبان سان ڳالهائڻ ۽ ساڻن امن جو عمل شروع ڪرڻ جي موڪل نٿو ڏي. ويتر هن کي چيڙائي پيو. افغانستان جنگ کي پاڪستان ۾ پيو ڌڪي. افغانستان جي مستقبل جي سياسي سيٽ اپ جي حوالي سان پاڪستان کي ڪو ڪردار نه ٿو ڏي. کيس ليڪي کان ٻاهر رکيون پيو اچي.

اهو پاڪستان برداشت ڪري ئي نه ٿو سگهي. آمريڪا جيڪڏهن عالمي طاقت آهي ته پاڪستان به علاقائي طاقت آهي ۽ افغانستان ۾ هنجا مفاد تمام گهرا آهن. انهن کي وڌيڪ گهرائي ڏيڻ لاءِ هو 1990 جي ڏهاڪي کانStrategic depth جي پاليسي تي عمل پيرا آهي.

وڙهڻ سان لتاڙجن ٻوڙا. عالمي ۽ علاقائي مفادن جي هن جنگ سڄي علائقي کي رتوڇاڻ ڪري ڇڏيو آهي. افغانستان جا ته هڪڙا گهاءُ ڀرجن ئي نٿا ته ٻيا ڦٽ سندس نٻل نزار جسم تي لڳن ٿا. کيس پنهجي ئي رت ۾ غوطا کائيندي 30 سال ٿي ويا آهن. پر پوءِ به افغان آڻ نه ٿو مڃي.

جيڪي ڪامريڊ افغانسان مان ٿي آيا آهن ٻڌائين ٿا ته افغانن جي قومپرستي هن خطي جي سڀ کان وڌيڪ سگهاري قومپرستي آهي. ٻاهرين ڪاهه نه هجي ته افغان پيا پاڻ ۾ وڙهندا. ڪا ٻاهرين ڌر افغانستان ۾ گهڙي آئي ته ڀل ڪيتري به سگهاري هجي، غليلن سان هيليڪاپٽر ڪيرائيندا ۽ سائيڪل تي راڪيٽ لانچر کڻي گهمندڙ افغان سڪندر اعظم کان وٺي برطانيه، سوويت يونين ۽ آمريڪا تائين ڪنهن کي به پنهنجي وطن تي (پورو ۽ مستقل) قبضو ڪرڻ ناهي ڏنو.هر افغان جنگ جو انجام علامه اقبال جي هي سٽ آهي. افغان باقي. ڪوهسار باقي.

ڪوهه قاف جي وادي جا اهي ڪوهسار ٿا چون. Give Peace A Chance. پرَين جي ٻچڙن جهڙا افغان ٻار ٿا چون Give Peace A Chance. پاڪستان ۾ آپگهاتي حملن ۾ سڙي ڪوئلو ٿيل ڪونڌرن جون زالون، مائرون، ڀينرون چون ٿيون. Give Peace A Chance. انساني ضمير ۽ عالمي امن چوي ٿو. Give Peace A Chance.

رڳو آمريڪا کي نه ٿا چون.

پاڪستان کي به چون ٿا.

امن کي موقعو ڏيو

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو