Home / افيئر / !آزاد فلسطيني رياست: بال گڏيل قومن جي عدالت ۾
above article banner

!آزاد فلسطيني رياست: بال گڏيل قومن جي عدالت ۾

فسلطين جو مسئلو هونئن ته تمام پراڻو آهي پر 23 سيپٽمبر 2011 تي ان تڏهن هڪ نئون رخ ورتو جڏهن فلسطيني اٿارٽي جي صدر محمود عباس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ آزاد فسلطيني رياست جي ميمبرشپ لاءِ درخواست ڏني. ان موقعي تي جنرل اسيمبلي ۾ موجود سڄي دنيا جي نمائندن ان جي اُٿي بيهي ڀرپور تاڙين سان آجياڻي ڪئي. جيڪڏهن ڪا ارهائي ٿي ته اها اسرائيل، آمريڪا، برطانيه ۽ جرمني کي ٿي. جن ان درخواست جي نه آجيان ڪئي نه وري سرهائي جو اظهار ڪيو. درخواست ڏيڻ جا منظر جڏهن ٽيليويزن اسڪرين تي ٽيليڪاسٽ ٿي رهيا هئا ان وقت فلسطين ۾ جشن جو سمان هيو. ماڻهو خوشيءَ وچان نعرا هڻندا روڊن تي نڪري آيا. ماڻهن جي خوشي فطري هئي ڇو ته کين اهو به ڊپ هو ته ڪٿي محمود عباس آمريڪا ۽ يورپ جي دٻاءُ ۾ اچي ميمبرشپ لاءِ درخواست ئي نه ڏئي. ٻئي طرف اسرائيلي وزير اعظم جو خيال هو ته درخواست جمع ٿيڻ سان فلسطين مسئلي جي حل ۾ ڪا اڳڀرائي ڪانه ٿيندي بلڪه مسئلو اڃا وڌيڪ خراب ٿيندو. اهو نه وسارڻ کپي ته فلسطين ۾ ظاهري طرح جيڪو امن نظر اچي پيو،ان ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي انڪار ۽ ويٽو سبب سندن خلاف فلسطيني عوام ۽ عرب دنيا ۾ نفرت وڌي رهي آهي.

هن وقت فلسطيني رياست کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ميمبرشپ لاءِ 130 ميمبرن جي حمايت گهربل آهي. 193 ميمبر ملڪن جي ايوان مان امڪان آهي ته 150 ميمبر ان جي حمايت ڪن. باقي آمريڪا، اسرائيل ۽ انهن جون ڪجهه حامي رياستون ممڪن آهي ته غير حاضر رهن. جڏهن ته 16 ميمبرن تي ٻڌل سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ فلسطين کي 9 ميمبرن جي حمايت گهربل آهي جيڪا پڻ موجود آهي. ليڪن آمريڪا بهادر جو صدر اوباما اڳواٽ ئي چئي چڪو آهي ته اهو ان کي ويٽو ڪندو. ياد رهي ته 1988ع ۾ ميڊرڊ ڪانفرنس انهي مسئلي کي حل ڪرڻ جي شروعات ڪئي هئي. فلسطين جي جلاوطن حڪومت قائم ڪرڻ سان گڏ ان کي رياستي اسٽيٽس ڏيڻ جي ڳالهه هئي. پوءِ 1990ع ۾ اوسلو معاهدو ڪيو ويو جنهن تي پي ايل او ۽ تڏهوڪي اسرائيلي وزير اعظم صحيحون ڪيون هيون. تڏهن آمريڪا، روس، يورپي يونين ۽ گڏيل قومن جي اداري پڻ ان جي حمايت ڪئي هئي.

نه وسارڻ کپي ته آمريڪا ۾ 2001 ۾ 11/9 واقعو ٿيڻ کانپوءِ 2002 ۾ تڏهوڪي آمريڪي صدر بش فلسطين لاءِ روڊ ميپ ڏيندي چئن سالن اندر فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. هن اهو پڻ چيو هو ته فسلطين ۽ اسرائيل ٻه رياستون، برابري جي بنياد تي پر امن رهنديون. اسرائيل ايئن ڪالونائيزيشن نه ڪندو. پر اسرائيل ايئن ڪرڻ بدران ڪالونائيزيشن جو سلسلو به ڪٿي نه روڪيو. ان دوران فلسطين جي انتفاده تحريڪ به جاري رهي. فلسطيني اٿارٽي جو پهريون سربراهه ياسر عرفات جنهن 1960ع ۾ اسرائيل خلاف هٿياربند جدوجهد جو اعلان ڪندي ان جو وجود ميساري ڇڏڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. ساڳي ئي ياسر عرفات 1979ع ۾ مصر جي صدر انور سادات ۽ اسرائيل جي وزير اعظم بيگن وچ ۾ آمريڪي صدر جمي ڪارٽر جي اڳواڻي ۾ ٿيل ڪئمپ ڊيوڊ معاهدي کانپوءِ سادات کي غدار ۽ عرب دنيا جو دشمن قرار ڏنو هو.ايئن پوءِ 1981ع ۾ جڏهن هڪ قومي ڏينهن جي پريڊ جي سلامي وٺڻ دوران انور سادات کي قتل ڪيو ويو ته فلسطين سميت عرب دنيا ۾ جشن ملهايو ويو هو. ليڪن وقت جا به عجيب لاها چاڙها آهن، ڪالهه تائين سادات کي اسرائيل سان معاهدو ڪرڻ تي غدار سڏيندڙ ياسر عرفات 1990ع ۾ اوسلو ۾ اسرائيلي وزير اعظم سان ملاقات ڪري معاهدي تي صحيح ڪئي، جنهن تي ان وقت عرب دنيا سان گڏ دنيا جي قومي تحريڪن سان واڳيل ماڻهن کي پڻ حيرانگي ٿي هئي. پوءِ وري 1993ع ۾ ساڳي ڪئمپ ڊيوڊ ۾ تڏهوڪي آمريڪي صدر ڪلنٽن جي موجودگي ۾ اسرائيل ۽ فسلطين مستقل امن لاءِ ڳالهين تي راضي ٿيا ۽ فلسطيني اٿارٽي جي حيثيت پڻ تسليم ڪئي وئي.

جيتوڻيڪ حماس فلسطيني رياست جي مڪمل ميمبرشپ واري درخواست جي حمايت نه ڪئي آهي پر ڪا گهڻي مخالفت به ناهي ڪئي. حماس جو موقف 1948ع واري فلسطيني رياست جو قيام آهي پر هاڻوڪين حالتن ۾ ايئن ممڪن ناهي. ياد رهي ته هي ساڳيوئي گڏيل قومن جو ادارو آهي جنهن 1947ع ۾ ٻن رياستن يعني فلسطيني رياست ۽ اسرائيلي رياست جي قيام جو فارمولو پيش ڪيو هو، جنهن کي ان وقت عرب دنيا قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته اسرائيل اهو فارمولو قبول ڪري ورتو هو. اڄ صورتحال اها آهي ته عرب ٻن رياستن واري فارمولي لاڳو ٿيڻ لاءِ پريشان آهن ۽ اسرائيل اهو فارمولا هاڻي قبولڻ لاءِ تيار ناهي، مطلب اهو ته عربن کي ڳالهه سمجهڻ ۾ 60 ورهيه لڳي ويا. ٻئي طرف وري يهودين به تاريخ مان ڪجهه به ناهي پرايو، کين جڏهن به طاقت ملي آهي، انهن ان جو غلط استعمال ڪيو آهي ۽ ان جا خراب نتيجا به ڀوڳيا اٿائون پوءِ به سندن هٺ ناهي ٽٽو.

هن وقت صورتحال اها آهي ته آمريڪا ۽ يورپي يونين جي ملڪن ۾ معاشي بحران آيل آهي. دولت ۽ حرفت جو رخ ايشيا ڏانهن آهي. ان ڪري اهو عين ممڪن آهي ته اسرائيل جا هاڻوڪا حمايتي اڳتي هلي سندس مان هٿ ڪڍي وڃن. ان ڪري اسرائيل کي حالتن جي سنگيني کي سمجهندي فلسطيني رياست جي مخالفت بدران ان جي حمايت ڪرڻ گهرجي. ڇو ته هينئر اسرائيل جي سگهاري پوزيشن سبب فلسطين توڙي عرب ان جو ڪجهه به نه پيا بگاڙي سگهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته 2011 کان وٺي عرب دنيا ۾ هڪ ڀونچال آيل آهي، عرب ملڪ نئين تبديليءَ طرف وڃي رهيا آهن، اتي جمهوريت قائم ٿيڻ جا بنياد پئجي چڪا آهن. جڏهن اسرائيل جي پاڙيسري عرب ملڪن ۾ مڪمل جمهوريت قائم ٿي چڪي هوندي تڏهن اسرائيل وٽ اهو بهانو به نه رهندو ته سندس پاڙيسري عرب حاڪم آمر آهن، اتي چونڊون نه پيون ٿين يا انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي. ٻيو اهو ته اسرائيلي بارڊر نرم ٿيڻ ۽ امن قائم ٿيڻ کانپوءِ جڏهن ماڻهن جو ڊپ ٽٽو ته ان معاشري ۾ موجود ماڻهو جن جي ٻولي، ڪلچر، رنگ ۽ نسل هڪٻئي کان مختلف آهن، اهي گڏ نه هلي سگهندا. ايئن پوءِ اسرائيل اندر اهڙو ڀونچال ايندو، جنهن کي سنڀالڻ ان لاءِ مشڪل ٿي ويندو. جڏهن ته اهڙي ڏکئي وقت ۾ آمريڪا ۽ برطانيا به کيس ريسڪيو نه ڪري سگهندا.

اها صورتحال ان ڳالهه جي تقاضا ٿي ڪري ته اسرائيل مهذب قومن جي صف ۾ شامل ٿي فلسطين سان 1967ع واري حد بندي تي راضپو ظاهر ڪري محبت ۽ ڀائيچاري وارو ماحول پئدا ڪري. ڇاڪاڻ جو هاڻ ڪير به ڪنهن کي ختم نٿو ڪري سگهي. ان ڪري حقيقتن کي تسليم ڪندي ۽ ماضيءَ کي وساري فلسطين ۽ اسرائيل گڏ رهن ته جيئن خطي ۾ امن ۽ خوشحالي اچي. هڪ نئين دور جي شروعات ڪرڻ سان عرب دنيا مان بادشاهت جي تڏاويڙهه ٿي سگهي ٿي ۽ ايئن اسرائيل مان جنرلن جي آمريت جي تڏاويڙهه ممڪن ٿي سگهندي.

حقيقت اها آهي ته هن خطي جنگاڻ ۽ ڇڪتاڻ سبب تمام گهڻو ڀوڳيو آهي. تيل جي دولت سان مالامال هن خطي کي رڳو آمر بادشاهن ۽ جنرلن پئي لٽيو آهي، هاڻي ان جو لاڀ عوام کي ملڻ کپي. خود فلسطينين کي به حماس، حزب الله ۽ اسلامڪ اخوت جهڙين تنظيمن جي جنون مان نڪري جمهوريت ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ سوچڻو پوندو. ڇاڪاڻ جو هاڻ بادشاهتن کي دفن ڪرڻ جو دور آهي. خطي ۾ جڏهن به مذهبي ڀائيچارو ۽ خوشحالي آئي ته پوءِ حماس، حزب الله، اسلامڪ برادر هوڊ ۽ القاعده سميت سڀ انتها پسند ڌريون ڌوپجي وينديون پوءِ نه رهندو بانس نه وڄندي بانسري.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو