Home / افيئر / !آزاد فلسطين: عالمي ضمير جو امتحان
above article banner

!آزاد فلسطين: عالمي ضمير جو امتحان

اسرائيل جي سرپرست اولهه جي ملڪن جي دٻاءُ ۾ آخري وقت تائين روڪڻ باوجود فلسطيني اٿارٽي جي صدر محمود عباس گذريل ڇهن ڏهاڪن کان غلامي ۾ جڪڙيل فلسطينين جو ڪيس گڏيل قومن ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري بان ڪي مون وٽ آزاد فلسطيني رياست لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي محمود عباس چيو ته تجويز ڪيل فلسطيني رياست 4 جون 1967ع جي سرحدن تي ٻڌل هوندي جنهن جي گادي جو هنڌ بيت المقدس هوندو. محمود عباس اهو پڻ چيو ته عالمي ضمير کي جيڪڏهن ٿورو به اکين ۾ پاڻي آهي ته اهو اها درخواست رد نه ڪندو. ڇو ته 63 سالن جي جدوجهد کانپوءِ هاڻي گهڻو ڪجهه ٿي چڪو، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته فلسطيني به آزادي سان معمول جي زندگي گذارين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو