Home / ويندي ويندي / سياستدانن، ڪامورن، صحافين ۽ اين جي اوز جي شڪار
above article banner

سياستدانن، ڪامورن، صحافين ۽ اين جي اوز جي شڪار

سنڌ ۾ شڪار جي سيزن ٿيندي آهي. سائيبيريا کان سهڻا، پرديسي پکي سنڌ جي پاڻين جي تانگهه کڻي هتي پهچندا آهن ۽ مارين جي ٻيگهي مچي ويندي آهي. شڪار لاءِ دعوتون ٿيڻ لڳنديون آهن، ويچارن پکين ۾ ڪوس وجهڻ جي آڙ ۾ وڏيرا ۽ ڪامورا بالاقوتن ۽ بالا آفيسرن سان لاڳاپا اڳ کان اڳرا ڪرڻ ۾ پورا ٿي ويندا آهن. پکين جي شڪار وانگر کيسا ڪٽڻ وارن جي به سيزن ٿيندي آهي. ڀٽائي جو ميلو، قلندر جو ميلو ۽ اهڙا ڪيئي ميلا بشني ڪمائي پوءِ سڄو سال ويهي کائيندا آهن. مليريا ۽ گيسٽرو جي سيزن ڊاڪٽر ڪمائيندا آهن. ايئن ئي وري سياستدان، صحافي، ڪامورا ۽ اين جي اوز قدرتي آفتن جي سيزن ڪمائيندا آهن. اڳي اها سيزن هر ڏهين پندرهين سال ڪنهن سامونڊي طوفان، زلزلي يا ٻوڏ جي صورت ۾ ايندي هئي. هاڻ ته سکڻي برسات به سندن سيزن جو سبب ٿيو پوي.

گذريل سال سنڌو ۾ پاڻي چڙهيو. خدا ڄاڻي ٽوڙي ۽ سورجاڻي بند پاڻ ٽٽا الائي ٽوڙيا ويا، پر بهرحال بند ٽٽڻ جي نتيجي ۾ جيڪا ٻوڏ آئي تنهن سياستدانن، ڪامورن، صحافين ۽ اين جي اوز جا وارا نيارا ڪري ڇڏيا ۽ جتي بند نه ٽٽا اتي به درياهه شاهه بادشاهه سياستدانن ۽ ڪامورن جا وارا نيارا ڪري ڇڏيا. عاقل آگاڻي بند جي آکاڻي ته اوهان ڪجهه مهينا اڳ اخبارن ۾ پڙهي هوندي. لاڙڪاڻي جي اوڀر ۾ عاقل شهر کي لڳندڙ بچاءُ بند کي درياهه پائڻ لڳو، بند ٽٽڻ جي افواهه تي لاڙڪاڻي شهر مان ماڻهو چپلون ڇڏي ڀڄڻ لڳا.لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي کي بچائڻ لاءِ اسان جو مانوارو اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ۽ وزير قانون کانسواءِ ٻيا به ڪجهه اڳواڻ بند تي پهچي ويا. بند کي بچائڻ لاءِ هڪدم پٿر جون ٽرڪون لهڻ لڳيون. بند ۾ کاٽ واري جاءِ جو پٿر پيو ته بند ٽاٽ ٿي ويو. تاڙيون وڄي ويون. لاڙڪاڻو شهر بچي ويو. اها خبر اڍائي مهينا اڳ پئي ته عاقل آگاڻي بند بچائڻ تي سرڪار جو ڇهه ڪروڙ کن خرچ لڳو. اخبار ۾ خبر هن ريت شايع ٿي ته آڊيٽر جنرل پاڪستان اعتراض واريو آهي ته عاقل آگاڻي بند کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ جيڪي ڇهه ڪروڙ سرڪار ڀريا تنهن ۾ ڪوڙا بل شامل آهن. ٿيو ايئن ته سرڪار کان جيڪي ڏوڪڙ گهريا ويا تن ۾ هڪڙي ئي نمبر جي ٽرڪ کي هڪڙي ڏينهن ۾ روهڙي کان عاقل آگاڻي بند تي ٽي دفعا ايندي ۽ پٿر لاهيندي ڏيکاريو ويو. آڊيٽرن جو اعتراض اهو آهي ته اها چستي رڳو هيليڪاپٽر ۾ ئي ٿي سگهي ٿي ته اهو ڏينهن ۾ ٽي دفاع روهڙي کان پٿر ڀري اچي عاقل ۾ خالي ڪري ۽ وري روهڙي موٽي وڃي. اهڙي چستي ٽرڪ ڪري دنيا ۾ ته اڃا ايجاد ٿي آهي نه ئي سکر لاڙڪاڻي جي روڊ ۾ اهو چاڙهو آهي ته ان تي ڪو ٽرڪ سئو جي اسپيڊ سان ڊوڙي. بهرحال ڏوڪڙ ويا.

بهرحال هيل جو برسات ۽ مٿان ايل بي او ڊي جي ٽٽڻ سان جيڪا پاڻي جي ٻوڙان ٻوڙ ٿي آهي ته وزيرن، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز دبئي ۾ ڪا سيڙپ ڪرڻ، ڊي سي اوز ۽ اي ڊي اوز، ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۾ ڪو بنگلڙو وٺڻ، مختيارڪارن جي نظرقاسم آباد جي ڪنهن اڏاوت تي آهي ۽ صحافين ٻيڙي باڪس جيترا ڏوڪڙ هٿ ڪرڻ لاءِ گگون وهائڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. اين جي اوز تي ته ميار ڪونهي جو اهي مرڻو به کائين ته پرڻو به.

سو، اوهان اجايو ٻوڏ متاثرن جي ڳڻتي ۾ ڳرو ٿا. ٻوڏ متاثرن کي اوهان پاران گهٽي محلي ۾ پني گڏ ڪيل اٽي ۽ لوڻ جي ٿيلهي ڪا نه بچائي سگهندي. هتي وڏا شڪاري سيزن ڪمائڻ لاءِ لٿل آهن. 53 لک متاثر جيڪڏهن ٻيڻا ٿي پوندا ته سندن ڪمائي ٻيڻي ٿي پوندي، جو عالمي ادارا ڪن ڳڻي امداد ڏين ٿا.

باقي رهي ڳالهه ته ڪامريٽ ۽ پيپلا اها سيزن ڪيئن ڪمائيندا، ان جو نظارو ڪرڻ لاءِ اوهان براءِ مهرباني نيشنل جاگرافي جو چينل ڏسو جنهن ۾ شڪار ٿيل جانور جي باقي بچيل هڏن سان لومڙن، گدڙن ۽ آخر ۾ ڳجهن کي جيڪا ڪار ڪندي ڏيکاريو ويندي آهي سا ڪا گذريل سال درياهه جي اڀرندي پاسي ٿيندي اسان ڏٺي، هيل اها ڪا الهندي پاسي ٿئي پئي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو