Home / افيئر / !…..رهجي ويا ڳُڻ
above article banner

!…..رهجي ويا ڳُڻ

جيڪي قومون پنهنجن هيرن ۽ مفڪرن کي ياد رکنديون آهن پڪ ڄاڻو ته اهي قومون ڪڏهن به زوال ناهن ڏسنديون. ڪتاب “رهجي ويا ڳُڻ” پڻ سنڌ کي مختلف وقتن تي اتساهه ڏيندڙ انهن مهان ڏاهن تي لکيل آهي جن سنڌ جي سينڌ سنوارڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو. هيءَ ڪتاب امان الله شيخ جي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.

امان شيخ جو سياسي سفر پڻ ڊگهو رهيو آهي. آءُ کيس ڊگهي عرصي کان سڃاڻان جڏهن هو مهيني ٻئي مهيني دادو اچي چاچا شوڪت سنڌيءَ سان ڪچهريون ڪندو هو. هو مرحوم غوث بخش بزنجو جي پارٽيءَ ۾ سرگرم پڻ رهيو آهي. هن وقت لکڻ پڙهڻ جي ڪم ۾ مشغول آهي ۽ ڪيترائي ڪتاب لکي چڪو آهي.

سندس ڪتاب “رهجي ويا ڳُڻ” ۾ نه رڳو سنڌ بلڪه هڪ خطي سان لاڳاپيل تاريخساز شخصيتن بابت تمام قيمتي ڄاڻ ڏني وئي آهي مولانا عبيد الله سنڌيءَ ۽ ايم اين راءِ کان وٺي شهيد الله بخش سومرو، سائين جي ايم سيد، غوث بخش بزنجو تائين ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کان وٺي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو تائين، رابندر ناٿ ٽئگور کان وٺي ائڊورڊ سعيد، خان غفار خان، سر حسام الدين راشدي، خان محمد پنهور ۽ سوڀو گيانچنداڻيءَ تائين جهڙين عظيم شخصيتن جي زندگين ۽ نظرياتي جدوجهد جو احاطو ڪيل آهي.

اسان مان گهڻن کي اها خبر ئي ڪانهي ته مولانا عبيد الله سنڌي هڪ پنجابي سک خاندان جو ڄائو هو جيڪو بعد ۾ مسلمان ٿيو. هن ليکڪ ئي اسان کي ٻڌايو آهي ته مولانا عبيد الله سنڌي ديوبند جي مدرسي کان وٺي هند ۽ سنڌ جي سمورن علمي درسگاهن مان ٿيندو افغانستان روس ۽ سعودي عرب تائين گهمندو ڦرندو ۽ علم حاصل ڪندو رهيو پر پنهنجي نالي سان سنڌي لفظ نه ڪڍيائين. سندس اهي لفظ سنڌ ۾ رهندڙ انهن ماڻهن لاءِ هڪ سنيهو/ پيغام آهي جيڪي هند جي ورهاڱي وقت لٽجي ڦرجي جڏهن سنڌ پهتا هيا ته سنڌ ڌرتيءَ ۽ ان جي ماڻهن کين جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ پنهنجا اجها ڏنا ۽ نئين زندگي شروع ڪرڻ جو اتساهه ڏنو پر اڄ اهي ئي ماڻهو پنهنجي ثقافت ۽ الڳ سڃاڻپ اسان مٿي مڙهي امن ۽ ملت جي مرڪز هن ڌرتيءَ کي ٻه حصا ڪرڻ لاءِ تيار آهن. مولانا سنڌيءَ فرمايو هيو ته “مان سنڌ سان محبت ڪريان ٿو! منهنجي دين جي ابي جو وطن آهي، مان سنڌ کي پنجاهه ورهين کان پنهنجو وطن سمجهان ٿو. انهيءَ زمين کي سيراب ڪرڻ واري درياءَ جو ذڪر مقدس ڪتاب ۾ پڻ موجود آهي ۽ مان پنهنجي ننڍپڻ جا ڏهاڙا ان درياءَ جي ڪنڌيءَ تي گذاريا”. اي ڪاش سنڌ کي ڀاڱا ڪري الڳ ملڪ بڻائي، پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪرڻ جا خواب ڏسندڙن جو ضمير کين ملامت ڪري ڇو ته انهن به ان ئي سنڌوءَ جو پاڻي پيتو آهي جيڪو مولانا عبيد الله سنڌيءَ پيتو هيو. هن ڪتاب پڙهڻ بعد منهنجي خواهش آهي ته آءُ پنجاب جي شهر بهاول پور ضرور وڃان جنهن جي شهر جي دين پور ۾ سنڌ جو هيءُ عظيم ڪردار 22 آگسٽ 1944ع ۾ لاڏاڻي ڪري وڃڻ بعد اتي ئي آرامي آهي.

ڪتاب ۾ جيتوڻيڪ سائين جي ايم سيد جي زندگي ۽ جدوجهد جو پڻ تفصيل سان ذڪر ٿيل آهي پر جيڪڏهن ليکڪ جي ان مضمون ۾ سائين جي ايم سيد پاران سنڌ جي عظيم شاعر ۽ مفڪر حضرت شاه عبدالطيف ڀٽائيءَ رح جي ڪلام ۽ فڪر جي ڦهلاءَ لاءِ ڪيل جدوجهد جو ذڪر هجي ها ته جيڪر ڏاڍو ڀلو ٿئي ها.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو