Home / افيئر / !شاهوڪار ۽ جاگيردار يورپ ۾ به ٽئڪس چور
above article banner

!شاهوڪار ۽ جاگيردار يورپ ۾ به ٽئڪس چور

 

شاهوڪار ماڻهن کان مڪمل ٽئڪس وٺڻ رڳو پاڪستان ۾ مسئلو ناهي بلڪه برطانيا به اهڙي ئي مسئلي کي منهن ڏئي رهيو آهي. ان هوندي به صوررتحال ايتري خراب ناهي جيتري پاڪستان ۾ آهي ڇو ته هتي ارب پتي ماڻهو به ڪجهه هزار ٽئڪس مس ڀريندا آهن. باوجود ان جي گهٽ ٽئڪس اوڳاڙي تي برطانيا ۾ به ڳڻتي موجود آهي. برطانيا ۾ شاهوڪارن کان پورو ٽئڪس وٺڻ لاءِ مختلف تجويزن تي ويچاريو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ اميرن کان لينڊ ٽئڪس اوڳاڙڻ جي به تجويز آهي. جڏهن ته شاهوڪار طبقو پنهنجي زمين يا ملڪيت مان ٿيندڙ آمدني تي اڳ ۾ ئي ٽيڪس ڀري رهيو آهي، ليڪن اها تجويز به ڏني وئي آهي ته زمين ڪنهن به صورت ۾ ملڪيت هجڻ جي صورت ۾ الڳ ٽئڪس لاڳو ڪيو وڃي. برطانيا جي ناڻي واري وزير جارج اوسبورن موجب هو زمين، ملڪيتن ۽ جاگيرن جي مالڪن خلاف ڪريڪ ڊائون جون تياريون ڪري رهيو آهي. مسئلو رڳو برطانيا تائين محدود ناهي سڄي يورپ ۾ ۽ آمريڪا ۾ اهڙي ڪريڪ ڊائون جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي ڇو ته مختلف سببن جي ڪري يورپ جي معاشي حالت خود انهن ملڪن جي نظر ۾ ٺيڪ ناهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو