Home / افيئر / !روس شام جي حمايت ڪري ڇڏي
above article banner

!روس شام جي حمايت ڪري ڇڏي

روس جي صدر دمتري ميدوديف اشارو ڏنو آهي ته شام کي هڪ سخت پيغام ڏيڻ بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي تجويز ڪيل قرارداد ۾ جيڪڏهن حڪومت مخالف مظاهرن جو به ذڪر ڪيو وڃي ته سندس ملڪ ان صورت ۾ ان کي قبول ڪري سگهي ٿو. تازوئي “يورو نيوز ٽيليويزن” کي ڏنل انٽرويو ۾ روس جي صدر جو چوڻ هو ته شام حڪومت طرفان طاقت جي غير متوازن استعمال ۽ وڏي پئماني تي ماڻهو مارڻ ناقابل قبول آهي. تنهن هوندي به صدر ميدوديف شام ۾ حڪومت مخالف مظاهرا ڪندڙن جي ڪاررواين تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. هن دعويٰ ڪئي ته مظاهرا ڪندڙ يورپ جي جمهوري نظرئي جا قائل ناهن ۽ انهن مان ڪن کي دهشتگرد سمجهيو وڃڻ گهرجي. واضح رهي ته روس شام جي صدر بشارالاسد جي حڪومت خلاف سلامتي ڪائونسل جي قرارداد جي منظوري لاءِ اولهه جي ملڪن جي ڪوششن جي مخالفت ڪندو رهيو آهي ۽ ان جي ابتڙ شامي حڪومت تي ملڪ ۾ جمهوري سڌارن لاڳو ڪرڻ لاءِ زور ڀريندو رهيو آهي. ٻئي طرف شام مخالف ڌر جي اڳواڻ عمار قرابي حڪومت مخالفن کي روس جي حمايت نه ملڻ تي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. هن جو چوڻ هو ته روس شام جي سياسي صورتحال کي معمول تي آڻڻ لاءِ مثبت ۽ فعال ڪردار ادا ڪندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو