Home / افيئر / !روس: پيوٽن ايندڙ صدارتي اميدوار
above article banner

!روس: پيوٽن ايندڙ صدارتي اميدوار

روسي صدر ولاديميئر پيوٽن اعلان ڪيو آهي ته هو ايندڙ سال مارچ ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ صدارتي عهدو ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ منصوبابندي ڪري رهيو آهي، جنهن کانپوءِ ڪي جي بي جي اڳوڻي جاسوس لاءِ 2024ع تائين حڪمراني جو رستو هموار ٿي ويندو. پيوٽن جي ان اعلان جي سندس پارٽي يونائيٽيڊ رشيا پارٽي جي اجلاس ۾ زبردست آجيان ڪئي وئي. ان اعلان کانپوءِ ڪيترن مهينن کان هلندڙ اهي افواهه به ختم ٿي ويا آهن ته صدارتي عهدي جو اميدوار پيوٽن هوندو يا دمتري ميدادوف. پيوٽن چار سال اڳ آئيني پابندين سبب صدارتي عهدو ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيو هو ۽ سندس جاءِ تي وزير اعظم دمتري ميدادوف صدر جو اميدوار بيٺو هو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو