Home / شوبز / !سيف علي خان ۽ ڪرينا ڪپور شادي ڪرڻ وارا
above article banner

!سيف علي خان ۽ ڪرينا ڪپور شادي ڪرڻ وارا

بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان جي ڊريم پراجيڪٽ فلم “را-ون” هڪ سائنس فڪشن فلم آهي، جنهن جي هيروئن ڪروڙين دلين جي ڌڙڪن ۽ سيف علي خان جي راڻي ڪرينا ڪپور آهي. هيءَ فلم هر حوالي سان مڪمل ٿي چڪي آهي، جيڪا ايندڙ ديوالي جي موقعي تي 26 آڪٽوبر تي رليز ڪئي ويندي. “را-ون” هن وقت ڀارت جي سڀ کان مهانگي فلم آهي، جنهن جي تياريءَ تي هڪ ارب 40 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا آهن ۽ امڪان آهي ته هي فلم 2 ڊي ۽ 3 ڊي ۾ سڄي دنيا اندر رليز ڪئي ويندي. جڏهن ته هيءَ فلم تامل ۽ تيلگو ٻولين ۾ پڻ رليز ٿيندي. فلم جي هيروئن ڪرينا ڪپور لاءِ پڻ “را-ون” ڪنهن خواب کان گهٽ ناهي، هن ته چاهيو پئي ته ٻيا سڀ خفا هڪ پاسي ڪري هوءَ “را-ون” جي مشهوريءَ ۾ جنبيل رهي، پر ڇا ڪجي انسان دل هٿان به مجبور هوندو آهي ۽ ڪرينا جي دل ۾ سيف علي خان رهي ٿو، جنهن جي فلم “ايجنٽ ونود” پڻ رليز ٿيڻ واري آهي ۽ ان فلم جي هيروئن پڻ سندس اصل هيروئن ڪرينا ڪپور آهي، سو سيف علي خان جي دل رکڻ لاءِ ڪرينا ڪپور “ايجنٽ ونود” جي شوٽنگ ۾ مصروف ٿي وئي آهي. جاسوسي ڪهاڻي تي ٻڌل هيءَ فلم مڪمل طور ايڪشن مووي آهي. هن فلم لاءِ پڻ بيبو (ڪرينا ڪپور) هڪ آئيٽم سونگ ڪيو آهي. هيءَ فلم ايندڙ سال رليز ٿيندي. فلم “ايجنٽ ونود” ڪرينا ۽ سيف جي شاديءَ وچ ۾ رنڊڪ بڻيل آهي، ڇاڪاڻ ته سيف علي خان اعلان ڪيو آهي ته هيءَ فلم رليز ٿيڻ بعد ئي هو ڪرينا ڪپور سان شادي رچائيندو. اها خبر يقينن ڪرينا جي ديوانن لاءِ هڪ صدمي کان گهٽ ناهي، پر ڪنهن جو گهر آباد ٿيڻ چڱي ڳالهه آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو